جڏهن 2025 جو سج اڀريو هو ته سڀني يارن دوستن گڏجي سڏجي کيس ڀليڪار چئي نيون آسون ۽ اميدون رکيون ۽ پراڻي سال کان موڪلائي نئين سال کي جهوليءَ ۾ وٺي پراڻي سال جي آخري رات ۽ نئين سال جي پهرين رات جاڳندي گذاري. ان اميد سان ته هي سال اسان لاءِ کوڙ ساريون خوشيون کڻي ايندو، جيڪي ڪوتاهيون پوئين سال ۾ رهجي ويون، هن سال اهي درگذر ٿينديون. يعني پنهنجو احتساب ڪرڻ لاءِ پراڻي سال کان موڪلائي هُل هنگامه ڪري نئين سال جي آجيان ڪئي سين، پر اهو سال 2025 به اک ڇنڀ ۾ گذري ويو ۽ ڪا خبر ئي نه پئي اڄ وري نئين سال جي اچڻ جو انتظار پيا ڪريون ۽ ان ساڳئي سال کي الوداع پيا ڪريون ۽ وري نئين حڪمت عملي تي ڪم ڪرڻ لاءِ تياري پيا ڪريون. نئين سال جو اوسيئڙو ڪرڻ وارا پوئين سال جو احتساب ڪريو. جنهن زندگيءَ جا 365 ڏينهن گڏ گذاريا. ڪجهه خوشيون ۽ ڪجهه ڏک ڏنا انهن سڀني جو حساب ڪتاب ته ڪريو، پوءِ خوب خوشيون ڪريو موجون ماڻيو.
امر جليل چواڻي ته مون کي اڄ تائين خبر پئجي نه سگهي آهي ته نئون سال اڌ رات جو، ٻارهين وڳي کانپوءِ ڇو ايندو آهي! ڏينهن جو، صبح جي ڏهين لڳي، پوڻين يارهين لڳي، شام جو پنجين لڳي ڇو نه ايندو آهي! ساڍي ڇهين لڳي ڇو نه ايندو آهي! فقط اڌ رات جو چورن وانگر ڇو ايندو آهي!؟ ڪٿي ائين ته ناهي، نئون سال زندگيءَ جون ساعتون چورائڻ ايندو آهي.! ڪٿي ائين ته ناهي، هر نئون سال انسان جي انت ڏانهن سفر کي اڳتي ڌڪيندو آهي! مون کي ڪا خبر ڪونهي. مون کي فقط ايتري خبر آهي ته هر نئون سال ڪنهن چور وانگر اڌ رات ڌاري ايندو آهي ۽ پوءِ ٽي سئو پنجهٺ ڏينهن ۽ ٽي سئو پنجهٺ راتين جا اوجاڳا ڏسي، ايندڙ سال جو کاڄ ٿي ويندو آهي. دوستن جا هُل هنگامه ڏسي چيم، مان قنوطي آهيان يا دقيانوسي قسم جو ڪو مدي خارج، خرچ ٿيل هڪ شخص آهيان ۽ ڍَڪَ لٿل ڪنهن گٽر ۾ ڪري پيو آهيان. مون گٽر مان ڪنڌ ڪڍي نئين سال لاءِ واجهايو آهي.
آسمان تي صدين کان ٻرندڙ سج پراڻو آهي،
اونداهو روشن چنڊ پراڻو آهي.
تارا، ڪتيون ۽ ٽيڙو پراڻا آهن،
پر، چون ٿا ته نئون سال آيو آهي!
نئين سال جو نئون سج ڪٿي آهي؟
نئين سال جو چنڊ ڪٿي آهي؟
نئين سال جا تارا ڪٿي آهن؟
آسمان تي اُڏامندڙ، رقص ڪندڙ ڪڪر ڪٿي آهن؟
هي ته پراڻي سال جا ڪڪر آهن، ٿڪل ٿڪل ۽ ڪاٽيل لغڙ وانگر هوائن جا محتاج! پر، دوست، سنگتي ساٿي چَوَن ٿا ته نئون سال آيو آهي. مون هميشه سنگتين ساٿين جي ڳالهه تي يقين ڪيو آهي. نئين بوٽ وانگر نئون سال به ذري گهٽ پوڻا ٻه مهينا پراڻو ٿي ويو آهي، پر جنهن رات دوستن پراڻي سال کي الوداع ڪيو هو ۽ نئين سال جو جوش سان آڌر ڀاءُ ڪيو هو، مون ٻاهر نڪري اونداهه ۾ اکيون کولي ڪجهه نئون ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر مون کي ڪجهه به نئون نظر نه آيو هو. ان ۾ سمورو ڏوهه منهنجي پراڻين نگاهن جو هو.
پُراڻين اکين سان سڀ ڪجهه پراڻو نظر ايندو آهي، شايد وڻ پراڻا آهن، کاڄي ويا آهن. پراڻن وڻن جي کوکو ٿيل ٿُڙن ۾ طوطا ويهي رهيا آهن. موت جهڙي ڪنهن پراڻي وڻ جي کاڌل ٿُڙ ۾ هڪ چٻرو ويهي رهيو آهي. اڌ رات مهل، جڏهن يار پراڻي سال کي الوداع چوندا آهن ۽ نئين سال کي ڀاڪر ۾ ڀريندا آهن، منهنجي پراڻي وجود جي ٿُڙ مان هڪ چٻرو ٻاهر نڪري سُڪل وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي رهندو آهي ۽ اکيون ٻوٽي سوچ ۾ گم ٿي ويندو آهي. ڪافي دير تائين سوچ ۾ گم رهڻ کانپوءِ، منهنجي وجود جي سُڪل ٿڙ مان ٻاهر نڪري ويل چٻرو ڪنڌ ڦيرائي پنهنجي ماحول جو جائزو وٺندو آهي. کيس سڀ ڪجهه پراڻو نظر ايندو آهي، عمارتون، رستا، وڻ، بجليءَ جي ٿنڀن سان ٻڌل هاءِ ٽينشن تارون، ٽريفڪ جو گوڙ ۽ گاڏين مان نڪرندڙ زهريلو دونهون! سڀ ڪجهه پراڻو آهي، چٻرو سوچيندو آهي. هوائن ۾ پکڙجي ويل اکرن، علامتن ۽ لفظن جا معيوب ۽ معتوب جملا سڀ پراڻا آهن. رسمون ۽ رواج پراڻا آهن، وڏيري جي چرچ تي بند ٿيل اسڪول پراڻا آهن. پوليس مقابلي ۾ مري ويل هاري ۽ سندس ٻه جوان پٽ به پراڻا آهن. پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل بدنام ڌاڙيلن جي ڪهاڻي روزانو ورجائڻ جي باوجود پراڻي آهي.
مرڻ وارا، ۽ مارڻ وارا ساڳيا آهن، ڦاهيون ڏيڻ وارا ۽ ڦاهين تي چڙهڻ وارا ساڳيا آهن. ڦٽڪا هڻڻ وارا ۽ ڦٽڪا کائڻ وارا ساڳيا آهن. انـصـاف ونڊڻ وارا ۽ انصاف خاطر ڌڪا جهلڻ وارا ساڳيا آهن. منهنجي پراڻي وجود جي خالي ٿُڙ ۾ ويٺل چٻري کي نئين سال جا پراڻا مهينا گذري وڃڻ باوجود ڪجهه به نئون نه لڳو آهي ويندي عربستان جي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ بارود ۽ هٿيارن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جي ڪهاڻي پراڻي آهي. اهو سڀ ڪجهه امر جليل مطابق ساڳيو آهي ته هي سال ۽ ايندڙ سال به ساڳيو آهي. رڳو هڪ انگ جي تبديليءَ کي سال جي تبديلي چوڻ بيوقوفي آهي، هن کي سال ڳڻڻ وارن کي ٿورو سوچڻ گهرجي ته هر سال اهو سال تبديل ٿئي ٿو جيڪو صدين جو سفر ڪري 2025 جي هڪ ٻن ڏاڪن تي اچي بيٺو آهي ته ان کي رڳو سال جو نالو ڏنو وڃي يا انگ تبديل ٿيڻ جو نالو ڏنو وڃي اهو پراڻو سال پراڻو انگ ٿي ويو ۽ جيڪو 31 ڊسمبر واري ڏينهن رات جو 12 وڳي تبديل ٿيندو اهو رڳو انگ جي تبديلي هوندي نه ڪي سال جي تبديلي. پوءِ جشن ڇا جا؟ اھا ته سوڳ جي رات آهي پوءِ سوڳ ۾ خوشيون ڇاجون؟ فائرنگون ڇاجون؟ آخر ۾ پنهنجي آخري غزل سان سال کي الوداع ٿا ڪريون.