2 جنوري هڪ اھڙي تاريخ آهي جنھن تاريخ تي اسان جي ڀلاري سنڌ ڌرتي تي ڪيترائي اديب پيدا ٿيا جن کي سنڌ ۽ هند ڪڏهن به وساري نه سگهندي انهن مان عبد الحسين شاھه موسوي، پير غلام رسول سرهندي، سياستدان بيگم اشرف عباسي، شاعر سروپچند شاد، قومپرست اڳواڻ قمر ڀٽي ۽ ٻين جنم ورتو ته ڪيئي سنڌ جا ڏاها اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويا انهن ۾ سماج سڌارڪ ڀائي مولچند عاج، سگهڙ ٻيڙو فقير، موسيقار ۽ ڪلاسيڪي راڳي استاد ظفر علي وڇڙي ويا، پر اڄ کان 71 سال اڳ 2 جنوري 1990 ڌاري جيڪا شخصيت اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي، اهو انسان لسانيات، لغات ۽ “لوڪ ادب” جي دنيا جو يگانو شهسوار هو. سندس ڪيل تحقيقي پورهيي کي دنيا قدر جي نگاهه سان ڏسڻ سان گڏ دل جي گهراين سان جُڳن تائين ياد ڪندي رهندي. اسان جو هي عالم، اسڪالر، اديب، ڏاهو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عاشق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب هو. هي ناميارو اديب، محقق ۽ لوڪ ادب جو پارکو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو 6 اپريل 1919ع تي ڳوٺ محراب خان سنديلي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محراب خان هو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي شھر ۾ ورتي. ثانوي تعليم کانپوءِ پرائمري استاد طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪرڻ بعد هن ڏاهي شخص ڪيئي ڊگريون حاصل ڪري علمي قابليت سبب وقت جي عالمن اديبن جي قربت ۾ رهيو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو سندس علمي قابليت کي پرکي، کيس سنجهوري ۽ سانگهڙ تعلقن جو اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو. سندس هڪ لکت مان معلوم ٿيو تہه سنديلو صاحب گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ۾ استاد رهيو، ان کان علاوه گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار رهيو. ساڳئي ڪاليج ۽ سيوهڻ ڪاليج ۾ پرنسپال به رهيو.