اخلاق ئي قومن کي ۽ انسانيت کي بُلند ۽ سرفراز ڪندو آھي. انھيءَ اخلاق جي وڌائڻ لاءِ دنيا ۾ انبياءِ ڪرام، اولياءِ عظام ۽ مفڪرين موڪليا ويا. افسوس جو ھن وقت جڏھن اسان جي سٻاجھي سنڌي قوم جي معيارِ اخلاق کي پرکيو وڃي ته مايوسي پلئه پوي ٿي. تعليم ۽ تدريس جو پڻ وڏو مقصد اخلاق جي سربُلندي آھي. پاڻ سڳورن کي پُڻ معلم اخلاق بڻائي موڪليو ويو. اخلاق جي اھڙي اھميت کي نظر ۾ رکندي، ِ ڇو نه قومي حيثيت ۾ ھميشه اخلاقي ڪمزورين کان پاڻ آجو ڪريون. وقت جي اھڙي نزاڪت کي ذھن ۾ رکندي، سنڌ جي دانا، دانشور، اُستاد، اسڪالر توڙي مغربي لٽريچر تي دسترس جي ڌڻي، مشھور ليکڪ، مترجم، شاعر ۽ نثر نگار پروفيسر نور احمد جنجھي جن مشھور عالم، بُزرگ، شيخ فريدالدين عطار، (جنم 1119ع) جو پند نصائح، تجربات ۽ مشاھدات، حڪمت ۽ دانائيءَ سان ڀرپور مشھور ڪتاب نادر روزگار پند نامه عطار فارسي منظوم جو سواد ڀري، سلوڻي سليس سنڌي شاعريءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي آھي، جنھن لاءِ اُھي جس لھن. ھي ترجمو علم العروض جي باريڪين کي ملحوظ خاطر رکندي سادي، عام فھم ۽ معنيٰ خيز، ضرب الامثال، چوڻين ۽ محاورن کي پڻ ذھن ۾ رکندي وڻندڙ انداز ۾ ڪيو ويو آھي. پند نامه عطار ھميشه تصوف ڏاھپ، حڪمت دانش، دانائي جي جھان ۾ مشھور معروف ۽ معروف ڪتاب شمار ٿئي ٿو. ڪنھن زماني ۾ پندنامو نصاب ۾ پڻ شامل ھو، بلڪه ھن کي برزبان ياد ڪرايو ويندو ھو. اھل تصوف جي جھان ۾ ھن کي “تازيانه اھل سلوڪ” پڻ سڏبو ھو. ڇو ته راھه تصوف جي پانڌيئڙن وٽ ھيءُ ڪتاب بنيادي اھميت رکندو ھو. ھڪ سئو چوڏھن سال عمر ۽ ايترين ئي تصنيفن جي مصنف وٽ توحيد، معرفت، طلب، عشق، استغناءَ، حيرت ۽ فناءَ، زندگيءَ جا بنيادي عنصر آھن.