اردوءَ جي نامياري شاعر ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌري 14 جنوري 1900ع ۾ پنجاب جي مشھور شھر جالنڌر ۾ جنم ورتو. هن جو والد شمس الدين قرآن جو حافظ هو. حفيظ جالنڌري پھرين مسجد جي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ هڪ مڪاني اسڪول ۾ داخلا ورتي. هن ستين ڪلاس تائين باقاعدي تعليم حاصل ڪئي. 1947ع ۾ پاڪستان جي آزاديءَ کانپوءِ هو نئين ٺھيل رياست پاڪستان ۾ لاهور منتقل ٿي ويو.
1922ع کان 1929ع تائين حفيظ جالنڌري ڪيترن مھينن تائين هفتيوار انتخاب رسالي جو ايڊيٽر رهيو، ان کانسواءِ نونھال، هزار داستان، تھذيبِ نسوان مخزن شامل آهن. هن جي نظمَن جو پھريون مجموعو نغمهءِ زر 1935ع ۾ شايع ٿيو. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ هن “سونگ پبلسٽي ڊپارٽمينٽ” جي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. انھيءَ دور ۾ هن ڪيترائي اهڙا گيت لکيا، جيڪي عوام ۾ تمام گهڻا مشھور ٿيا، هن تحريڪ پاڪستان ۾ تمام سرگرميءَ سان حصو ورتو ۽ پنھنجي تحريرن ذريعي ماڻهن ۾ پاڪستان لاءِ جذبو پيدا ڪيو. 1948ع جي شروعات ۾ هو ڪشمير جي آزادي لاءِ فوج ۾ شامل ٿيو ۽ زخمي به ٿيو. حفيظ جالنڌري ڪشمير جو ترانو “وطن همارا آزاد ڪشمير” لکيو. هن 1965ع جي پاڪ-هند جنگ دوران به ڪيترائي حب الوطني جا گيت لکيا. حفيظ جالنڌري پاڪستان جي مسلح فوج ۾ اخلاقِيَات جي ڊائريڪٽر جنرل طور خدمتون انجام ڏنيون. ان کانپوءِ صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جو مشير ۽ رائيٽرز گلڊ آف پاڪستان جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو. حفيظ جالنڌري جي شاعريءَ جي ڪتاب “شاھنامه اسلام” کيس غير معمولي شھرت عطا ڪئي، جيڪا فردوسي جي شاهنامه جي انداز ۾ اسلام جي شاندار تاريخ جو شعري مجموعو آهي. حفيظ جالنڌري گيتن سان گڏ نظم ۽ غزل ٻنهي جو شاعر هو. بهرحال سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو شاھنامه اسلام آهي، جنھن جو ذڪر مٿي به ڪري آيو آهيان، جيڪو چئن جلدن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ ۾ حفيظ جالنڌري پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي سال صرف ڪيا. هن تصنيف ذريعي پاڻ اسلامِي روايتن ۽ قومي شان ۽ شوڪت ۾ پنھنجي لکڻين ذريعي ڀرپور روح ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ڪري کيس فردوسيِ اسلام جو خطاب ڏنو ويو. حفيظ جالنڌري جو ٻيو وڏو ڪارنامو پاڪستان جو قومي ترانو لکڻ آهي. هن تراني جي تخليق جو عمل ڏاڍو دلچسپ هو، جيڪو تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. ان وقت جي مشهور موسيقار احمد جي ڇاگلا پهرين تراني جي ڌن تيار ڪئي ان ڌن جي لاءِ شاعرن جي شاعريءَ کي چونڊڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي، جنهن سوين شاعرن جو ڪلام پرکڻ کانپوءِ حفيظ جالنڌري جو ڪلام چونڊيو. سندس تراني جي بناوٽ ۾ پهريون بند پاڪستان جي سر زمين جي تعريف ٻئي بند ۾ ملڪ جي نظام ۽ طاقت جو ذڪر، ٽئين بند ۾ پرچم ۽ ترقيءَ جي دعا شامل آهي. حفيظ جالنڌري جي شعري مجموعن ۾ نغمهءِ زار، سوز و ساز، چراغ سحر، بزم نظم، تلخابه شيرين. ان کان علاوه افسانن جو مجموعو هفت پيڪر، گيتن جا مجموعو هندوستان همارا، ڦول مالي ۽ ٻارن جون نظمون شامل آهن. جڏهن ته هن جي ڪتابن مان “چيونيٽي نامه” منفرد ڪتاب آهي. حفيظ جالنڌريءَ جي شاعري عام طور تي رومانوي، مذھبي، حب الوطني ۽ فطرتي موضوعن تي آڌاريل آهي. هن پنھنجي موضوعن جي چونڊ ننڍي کنڊ مان ڪئي. سندس ٻولي هندِي ۽ اردو لغت جو حسين ميلاپ هئي، جيڪا ڏکڻ ايشيا جي جامع ثقافت جي عڪاسي ڪري ٿي. سندس مشھور نظم “اڀي تو مين جوان هون” ملڪهءِ پکراج 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ماسٽر عنايت حسين جي ترتيب ڏنل موسيقيءَ ۾ ڳائي، جيڪا تمام گهڻي مشهور ٿي.
پاڪستان لاءِ سندس ادبي خدمتن جي عيوض کيس صدر پاڪستان طرفان هلالِ امتياز عطا ڪيو ويو ۽ 1958ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ به مليو.
هن 1956 ۾ پاڪستاني فلم “شڪار” جي ڪهاڻي ۽ ان جا گيت به لکيا. ان کانسواءِ فلم “نيلا پربت” لاءِ به گيت لکيائين. جنهن ۾ سندس هڪ گانو “اڀي تو مين جوان هون” پڻ شامل هو. حفيظ جالنڌري 21 ڊسمبر 1982ع تي لاهور ۾ 82 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. کيس ماڊل ٽائون، لاهور ۾ دفن ڪيو ويو، پوءِ حڪومتِ پاڪستان سندس مڙهه کي مينارِ پاڪستان جي ڀرسان تعمير ڪيل مقبري ۾ منتقل ڪيو، جيڪو قرارداد پاڪستان جي يادگار جي برابر جاءِ تي آهي. حفيظ جالنڌري جي مرڻ کان پوءِ پاڪستان پوسٽ آفيس سندس اعزاز ۾ خاص ٽڪليون پڻ جاري ڪيون.