چيف جسٽس پاران اسپتال اندر شرجيل ميمڻ جي ڪمري ۾ ڇاپو، منشيات ۽ شراب هٿ
چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار پاران ڪراچي جي اسپتال ۾ سياسي قيدين جي ڪمرن تي ڇاپا هنيا ويا، جتان شراب جون بوتلون ۽ منشيات برآمد ٿي آهي. خبرن موجب چيف جسٽس ثاقب نثار ڪراچي جي ٽن اسپتالن ۾ ڇاپا هنيا ۽ شرجيل انعام ميمڻ جي ڪمري ۾ به ڇاپو هنيو جتان علاج نالي ڪابه شيءِ نه ملي جڏهن ته ان ڪمري ۾ سگريٽن جا پئڪيٽ، شراب ۽ منشيات برآمد ٿي آهي. جنهن جي چيف جسٽس ثاقب نثار پاڻ تصويرون ڪڍيون آهن. جنهن کانپوءِ چيف جسٽس جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي وي ڊي ۾ به ڇاپو هنيو جتي انور مجيد ۽ حسين لوائي علاج هيٺ آهن. چيف جسٽس، انور مجيد جي ڪمري ۾ ڪجهه رڪارڊ به تحويل ۾ ورتو، جنهن بعد چيف جسٽس ڪراچي رجسٽري پهتو جتي هن اٽارني جنرل آف پاڪستان کي چيو ته توهان تمام سٺا ڪم ڪيا آهن پر هي ڏسو شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون ٽي بوتلون مليون آهن. جڏهن ته شرجيل چيو ته اهي منهنجو نه آهن.

