سنڌ اندر 6 ضلعن جا 300 ڳوٺ ڏڪاريل قرار
سنڌ حڪومت صوبي جي 6 ضلعن کي ڏڪاريل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اهڙن علائقن کي مفت ڪڻڪ ۽ پاڻي فراهم ڪرڻ سان گڏ جانورن جو گاهه به ورهايو ويندو. صوبائي وزير محبوب الزمان جي سفارشن تي اهڙن علائقن کي ڏڪاريل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ٿرپارڪر جا 67 ڳوٺ عمر ڪوٽ جا 25 ڳوٺ قبمر شهدادڪوٽ جا 22 ڳوٺ سانگهڙ جا 7 ڳوٺ ۽ دادو جي علائقي ڪاڇي جا 88 ڳوٺ ضلعي ٺٽي ۽ ڪوهستان جي علائقي جا 6 ڳوٺ ڏڪاريل قرار ڏنا ويا آهن. هنن علائقن ۾ مفت اناج، پاڻي جانورن جي گاهه فراهم ڪرڻ سميت مفت علاج جي سهولت به ڏني ويندي.

