تاريخ 17 جنوري 2026 تي سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ۾ صدر جي علائقي ۾ هڪ مصروف شاپنگ مرڪز گل پلازه ۾ باهه لڳي وئي، جيڪا ٽن ڏينهن تائين قابوءَ ۾ نه اچي سگهي. اربين رپين جي مالي نقصان ٿيڻ سان گڏوگڏ 67 قيمتي جانيون باهه جي نظر ٿي ويون. هي هڪ النماڪ واقعو آهي جنهن جي ذميداري يقينن سنڌ حڪومت ۽ انهن ادارن ۾ ويٺل ماڻهن جي مٿان اچي ٿي جيڪي عوام جي ٽيڪسن مان پگهارون ۽ ٻيا فائدا حاصل ڪن ٿا، پر ڪراچيءَ کي هڪ ميٽرو پوليٽن سٽي بنائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته ڪراچي هڪ اهڙو شهر آهي جنهن جي ذميداري هن وقت ڪنهن به هڪ اٿارٽيءَ وٽ ناهي. ڪراچي انتظامي طور تي مختلف حصن ۾ ورهايل آهي ۽ سڀ ڪراچيءَ کي کوٽي کوٽي کائي رهيا آهن، ان جي باوجود به سڀ کان وڏي ذميداري سنڌ حڪومت تي اچي ٿي جيڪا 17 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي. حادثا اتفاقي به ٿي سگهن ٿا، ڪنهن غفلت جو نتيجو به ٿي سگهن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پلاننگ جو نتيجو به ٿين ٿا. هن حادثي جي جاچ ڪرائڻ هاڻي تمام ضروري ٿي چڪي آهي، جيستائين سچ سامهون نه ايندو تيستائين ڪوڙ نه صرف سچ کي کائيندو رهندو، بلڪه ملڪ ۽ سنڌ کي کائيندو رهندو. پيپلزپاٽيءَ جي ڪوتاهين ۽ خراب گورننس جو ئي نتيجو آهي جو سنڌ کي هر وقت انهن ماڻهن کان خطرو رهي ٿو جيڪي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ چاهين ٿا. 1947ع کان وٺي 2026ع تائين سندن سنڌ دشمنيءَ ۾ ڪابه ڪمي نه آئي آهي. انهن مان هن وقت صحت جو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال به هڪ آهي.، جيڪو صحت کاتي ۾ هوندي سنڌ جي اسپتالن لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪم ڪندي نظر نٿو اچي. هو چاهي ته دوائن جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي فائدو پهچائي سگهي ٿو، ڇو ته ڊريپ سنئون سڌو وفاقي وزارت جي هيٺ اچي ٿو، سنڌ جي سياستدان جي حيثيت سان سندس اها ذميداري آهي ته هو ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ وڌيڪ سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ وفاق کان پروجيڪٽ وٺي ته جيئن جناح اسپتال يا اين آءِ سي ايڇ اسپتالن جا نوان بلاڪ تعمير ٿي سگهن، انهن کي نئين مشينري فراهم ٿي سگهي ۽ انهن کي وفاق کان فنڊ ملي سگهن، پر مصطفيٰ ڪمال پنهنجو ڪم ڪرڻ بجاءِ آئين کي هٿ ۾ کڻي رهيو آهي. آئين جو آرٽيڪل نمبر 6 چوي ٿو ته جيڪڏهن ڪو شخص آئين کي معطل، تخريب يا ان ۾ غير قانوني تبديلي جي ڪوشش ڪري ته اها سنگين غداري آهي. مصطفيٰ ڪمال جو سنڌ جي گاديءَ جي شهر ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق جي حوالي ڪرڻ جي فرمائش اصل ۾ پاڪستان جي آئين جي (آرٽيڪل 1 ۽ آرٽيڪل 239) جي روح کي چئلينج ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو رياست جي جوڙجڪ کي غير آئيني طور تبديل ڪرڻ جي تحريڪ هلائي ته ان تي آرٽيڪل 6 جي دائري ۾ ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. پاڪستان جي پينل ڪوڊ (PPC) ۾ ڪجهه اهڙا قلم آهن جيڪي اهڙن بيانن تي لاڳو ٿين ٿا.
هي قلم A-123 ملڪ جي علاقائي سالميت جي خلاف بيان ڏيڻ يا ملڪ جي ڪنهن حصي جي خود مختياري کي نقصان پهچائڻ تي لاڳو ٿي سگهي ٿو. ان جي لاءِ سنڌ حڪومت کي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هي قلم A-153 تڏهن استعمال ٿيندو آهي جڏهن ڪو شخص لساني، مذهبي يا علاقائي بنيادن تي ماڻهن جي وچ ۾ نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري. مصطفيٰ ڪمال پنهنجي تقرير ۽ ٽي جي هڪ مشهور شو ۾ اها ڳالهه کلم کلا ڪئي آهي ته جيستائين ڪراچي وفاق جي حوالي نٿو ڪيو وڃي تيستائين اردو ڳالهائيندڙ ڪوبه ماڻهو وزيراعليٰ نٿو ٿي سگهي، اها سنئين سنڌي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن جي وچ ۾ ويڇا وڌائڻ ۽ نفرتون پيدا ڪرڻ جي ڳالهه آهي، جيڪا آئين جي خلاف آهي. اسان سڀني کي خبر آهي ته فاٽا جيڪو فيڊرلي ايڊمنسٽريٽو ٽرائيبل ايرياز هو، جنهن جو ترجمو سنڌيءَ ۾ “وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقا” ٿيندو. مرڪز ان جو انتظام به هن وقت ڪي پي ڪي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اسين چئي سگهون ٿا ته وفاق فاٽا کي سنڀالي نه سگهيو، اتي ڪابه ترقي نه ٿي سگهي، انفرااسٽرڪچر نه ٺهي سگهيو، تعليم جو نظام تباهه ۽ برباد رهيو ۽ آخرڪار امن امان جو مسئلو ايتري حد تائين وڌي ويو جو فاٽا کي ڪي پي ڪي جي حوالي ڪرڻو پيو. ڇا مصطفيٰ ڪمال کي انهن سڀني شين جي خبر ناهي؟ جيڪڏهن خبر آهي ته پوءِ هو اهڙي قسم جا بيان ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيو آهي؟ ڪراچيءَ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته ان جون ڪيتريون ئي سياسي ۽ انتظامي اٿارٽيون آهن، جيڪي هن شهر کي حقيقت ۾ هلڻ ئي نٿيون ڏين.
ڪراچيءَ کي ضرورت آهي سياسي حڪومتن هيٺ مڪمل طور تي هلائڻ جي. ڇو ته ڪراچي عوام جو شهر آهي، ان تي عوامي نمائندن جو حق هجڻ گهرجي ۽ ڪراچيءَ ۾ مڪمل طور تي بلدياتي نظام پنهنجي اصل روح ۾ نافذ ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي لاءِ هر فرد کي سچائيءَ سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ آئين صوبائي خود مختياري کي مڪمل تحفظ ٿو ڏئي. آئين جي آرٽيڪل 1 (2) تحت پاڪستان جي علائقن جي تشريح ٿيل آهي، جنهن ۾ سنڌ هڪ صوبائي اڪائي آهي ۽ ڪراچي ان جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ وفاق وٽ ڪوبه اهڙو اختيار ناهي ته هو ڪنهن به صوبي جي گاديءَ جو هنڌ پنهنجي اختيار ۾ وٺي هلائي. جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال کي ايتري به خبر ناهي ته پوءِ ان کي سياست ڪرڻ بجاءِ ڪو هٽ هلائڻ گهرجي. هن کي خبر هجڻ گهرجي ته ان قسم جون صوبائي حدون تبديل تڏهن ٿي سگهن ٿيون جڏهن ڪوبه صوبو 3/2 اڪثريت سان پنهنجي حدن کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ صوبائي اسيمبلي مان قانون پاس ڪري. ماضيءَ ۾ سپريم ڪورٽ ڪيترائي ڀيرا صوبائي خود مختياري جي حق ۾ فيصلا ڏنا آهن. ڪراچيءَ ۾ انتظامي مداخلت لاءِ ڪيترائي هربا استعمال ڪيا ويا آهن، پر حقيقت ۾ اهڙو ڪوبه قانون ناهي جيڪو پاڪستان جي ڪنهن به صوبي تي وفاق کي سڌو سنئون ڪنٽرل ڪرڻ جو حق ڏئي. سپريم ڪورٽ ڪيترائي فيصلا ڏنا آهن جيڪي صوبائي خود مختياري کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا، جنهن ۾ ڪراچيءَ جي ٽن وڏين اسپتالن جناح، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ جي ڪنٽرول تي سنڌ حڪومت ۽ وفاق جي وچ ۾ هڪ قانوني جنگ هلي. آخر ۾ عدالت تسليم ڪيو ته صوبن کي پنهنجي وسيلن ۽ ادارن کي هلائڻ جو پورو حق حاصل آهي. ريڪوڊڪ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ واضح ڪيو ته صوبائي زمين تي موجود معدنيات ۽ وسيلن تي پهريون حق لاڳاپيل صوبي جو آهي. سپريم ڪورٽ ڪيترا ڀيرا قرار ڏنو آهي ته آئين جي آرٽيڪل A-140 تحت مقامي ادارن کي اختيار ڏيڻ صوبائي حڪومتن جي ذميداري آهي، پر وفاق ان معاملي ۾مداخلت ڪري صوبائي اختيارن کي گهٽ نٿو ڪري سگهي. مصطفيٰ ڪمال کي تاريخ جي انهن سڀني ورقن کي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ جي ضرورت آهي. ڪٿي ايئن نه ٿئي جو اهو بيان سندس ڳچيءَ جو ڳٽ بڻجي وڃي. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته ٽي وي جي هڪ مشهور چينل تي جڏهن مصطفيٰ ڪمال کانپوءِ سنڌ جي هڪ وزير کي پنهنجو موقف رکڻ جو موقعو ڏنو ويو ته هو پنهنجو صاف ۽ چٽو موقف نه ڏئي سگهيو ته ڪراچيءَ کي ڪيئن وفاق جي حوالي ڪري سگهجي ٿو، اهو غير آئيني عمل آهي. هن پنهنجي جواب ۾ صرف اهو چيو ته وفاق ايترو پري کان ويهي ڪراچيءَ جو انتظام ڪيئن ٿو سنڀالي سگهي، جنهن جو مطلب آهي ته جيڪڏهن ڪراچي وفاق جي ويجهو هجي ها ته وفاق جي حوالي ڪري ڇڏجي ها. هو ته سنڌ حڪومت جو به دفاع نه ڪري سگهيو. اهڙن ڪمزور ۽ ڪانئرن کي سنڌ جي ڪابينا کان الڳ ڪرڻ گهرجي، جن سنڌ کي کائي ڇڏيو آهي. ان لاءِ پيپلزپارٽي کي پنهنجي اندر جهاتي پائڻ جي اشد ضرورت آهي.