بلاگنئون

ذهني صحت ۽ رياست جي بي حسي

پاڪستان سميت سنڌ جو سماج هن وقت هڪ انتهائي سنگين نفسياتي بحران مان گذري رهيو آهي، پر افسوس جو هن بحران ڏانهن نه رياست جو سنجيده رويو آهي ۽ نه ئي سماج ۾ گهربل شعور موجود آهي. نفسياتي مريض اڄ به علاج، تحفظ ۽ همدردي بدران جهالت، وھم پرستي ۽ سرڪاري لاپرواهي جو شڪار آهن. نتيجي طور ذهني بيمارين جو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته متاثر فرد اڪيلو ۽ لاوارث بڻجي رهيو آهي. نفسياتي علاج جي شديد کوٽ، غربت ۽ تعليمي شعور جي اڻاٺ سبب ماڻهو اڄ به ذهني بيمارين جو علاج اسپتالن بدران مزارن، ڌاڳن، تعويذن ۽ جعلي پيرن فقيرن وٽ ڳولهين ٿا. طبي ماهر اهڙن غير سائنسي طريقن جي سخت مخالفت ڪن ٿا، ڇو ته اهي نه رڳو بي اثر آهن، پر مريضن جي حالت وڌيڪ خراب ڪن ٿا. مزارن تي نفسياتي مريض گرمي، سردي ۽ برسات جهڙين موسمي سختين کي برداشت ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن، اتي کين غير انساني رويي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جتي انهن جي عزت نفس کي مختلف طريقن سان مجروح ڪيو ويندو آهي ۽ نه ئي آرام ۽ انساني وقار سان رهڻ جون سهولتون هونديون آهن. انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون مزارن تي نفسياتي مريضن سان ٿيندڙ ورتاءَ کي انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏين ٿيون. ڪيترين ئي درگاهن تي مريضن جي پيرن ۾ وڌل زنجيرون صرف جسماني اذيت نه، پر ذهني تشدد جي بدترين شڪل آهن. ان جي باوجود پاڪستاني سماج ۾ اڃان تائين اهڙيون روايتون موجود آهن، جتي مزارن کي وھمن، بيمارين ۽ روزمره جي مسئلن جو حل سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته ذهني بيماريون هڪ باقاعدي طبي مسئلو آهن، جن جو علاج صرف ماهر نفسيات ڪري سگهن ٿا.

ڊپريشن ۽ خوف جهڙين نفسياتي بيمارين سبب مريض جي رات جي مٺي ننڊ حرام ٿي وڃي ٿي. بي خوابي، مسلسل بيچيني ۽ ذهني ٿڪاوٽ جهڙيون علامتون مريض کي آهستي آهستي اندر کان ٽوڙي ڇڏين ٿيون. اهڙي حالت ۾ مريض مرد هجي يا عورت، هُو سماج کان ڪٽجڻ لڳي ٿو، ميل جول ڇڏي ڏئي ٿو ۽ پوءِ نه صرف معاشري لاءِ بيڪار بڻجي وڃي ٿو، بلڪه هو پنهنجو پاڻ به وڃائي ويهي رهي ٿو. ڪيترائي ماڻهو ذهني اذيت کان بچڻ لاءِ نشي جو سهارو وٺن ٿا، جنهن سان نه صرف سندن زندگي تباهه ٿئي ٿي، پر پوري خاندان جو مستقبل به خطري ۾ پئجي وڃي ٿو. سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته نوجوانن ۾ مايوسي ايتري وڌي وڃي ٿي جو هُو خودڪشي جهڙو انتهائي قدم کڻن ٿا، جڏهن ته انسان جي زندگي انتهائي قيمتي هوندي آهي ۽ هر زندگي بچائڻ رياست ۽ سماج ٻنهي جي گڏيل ذميواري آهي. ملڪ جي آبادي هن وقت لڳ ڀڳ 25 کان 26 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي ۽ تيزي سان وڌي رهي آهي. اهڙي وڏي آباديءَ جي مقابلي ۾ نفسياتي ماهرن جو تعداد انتهائي گهٽ آهي. هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ هڪ ماهر نفسيات جي حصي ۾ پنج لک مريض اچن ٿا، جڏهن ته ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (WHO) موجب هڪ ماهر نفسيات وڌ ۾ وڌ 15 هزار مريضن لاءِ هجڻ گهرجي. ملڪ ۾ مستند ماهر نفسيات جو ڪل تعداد 500 کان به گهٽ آهي، يعني هر هڪ لک ماڻهن لاءِ صرف 0.19 ماهر نفسيات موجود آهن، جيڪا شرح عالمي معيار کان تمام گهٽ آهي. ٻھراڙي جي علائقن ۾ صورتحال اڃان وڌيڪ خراب آهي، جتي ڪڏهن ڪڏهن ڏهه لک ماڻهن لاءِ رڳو هڪ ڊاڪٽر موجود هوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ذهني صحت کي نظر انداز ڪرڻ رياستي ناڪامي ۽ نا مناسب پالسين جو کليل ثبوت آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ذهني صحت کي ذاتي مسئلو سمجهڻ بدران بنيادي ۽ انساني حق طور تسليم ڪيو وڃي. حڪومت کي گهرجي ته ضلعي اسپتالن کان وٺي تعلقه ۽ يونين ڪائونسل سطح تائين ماهر نفسيات (Psychiatrists) ۽ نفسياتي صلاحڪارن جي موجودگي يقيني بڻائي وڃي. ذهني صحت کي بنيادي صحت مرڪزن جو حصو بڻائي، دوائن، صلاح مشوري ۽ موثر ريفرل سسٽم کي مضبوط ڪيو وڃي، جيئن ماڻهو مزارن ۽ جعلي معالجن بدران سائنسي، محفوظ ۽ باعزت طبي سهولتون حاصل ڪري سگهن. آخر ۾ سماج جي ذميواري به آهي ته هُو نفسياتي مريضن سان نفرت، ٺٺول ۽ بي حسي بدران همدردي، برداشت ۽ قبوليت جو رويو اختيار ڪري. ساڳئي وقت رياست کي اهڙي قانون سازي ڪرڻ گهرجي، جيڪا نفسياتي مريضن لاءِ نرم، انساني ۽ تحفظ تي ٻڌل هجي. ڇو ته صحتمند ذهن کانسواءِ نه فرد صحتمند ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي سماج ترقي ڪري سگهي ٿو.