رات جي اونداهه جڏهن ڌرتيءَ کي پنهنجي نرم چادر سان ڍڪي ڇڏي ٿي ۽ شهرن جا شور آهستي آهستي ماٺ ۾ بدلجي وڃن ٿا، تڏهن ڪنهن اڪيلي ڪمري ۾ رکيل هڪ ننڍڙو ريڊيو اوچتو جيئرو ٿي پوي ٿو. ان مان نڪرندڙ آواز رڳو لهرن جو شور نه هوندو آهي، پر اهو انساني جذبن جو ترجمان، يادگيرين جو امين ۽ دلين جو همراز هوندو آهي. ريڊيو رڳو هڪ ايجاد نه، پر احساسن جي اهڙي پل آهي، جيڪا فاصلا مٽائي دلين کي ويجهو آڻي ٿي. جڏهن دنيا ۾ پهريون ڀيرو ريڊيو جون لهرون هوا ۾ گونجيون، تڏهن اهو واقعي حيرت ۾ وجهندڙ معجزو لڳو. ماڻهو حيران هئا ته بنا ڪنهن تار جي آواز ڪيئن سفر ڪري ٿو!، پر وقت سان گڏ اها حيرت محبت ۾ بدلجي وئي. ريڊيو هر گهر جو ڀاتي بڻجي ويو. ڳوٺن جي ڪچين ڀتين اندر، شهرن جي اوچين عمارتن ۾، مسافرن جي هٿن ۾ ۽ سپاهين جي مورچن ۾ هر هنڌ ريڊيو پنهنجي موجودگيءَ سان زندگيءَ ۾ رنگ ڀريندو رهيو.
پريشان حال انسان لاءِ ريڊيو هڪ وندر بڻجي سامهون آيو. جڏهن زندگيءَ جا بار ڪلهن تي ڳرا ٿين ٿا ۽ فڪر جي ڇانوَ ذهن تي ڇانئجي وڃي ٿي، تڏهن ريڊيو تان وڄندڙ ڪو مٺو گيت يا ڪو مزاحيه پروگرام ٿڪاوٽ کي پل ۾ وساري ڇڏي ٿو. اهو ڄڻ ته ڏکن جي ڌوڙ کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏي ٿو ۽ دل جي ڪنڊن ۾ اميد جا ننڍڙا ڏيئا ٻاري ٿو. ريڊيو انسان کي اهو احساس ڏياري ٿو ته هو اڪيلو ناهي؛ دنيا ۾ ٻيا به آهن، جيڪي کلن ٿا، ڳائين ٿا، ڳالهائين ٿا ۽ جيئڻ جا سبب ڳولهين ٿا.
عاشقن لاءِ ته ريڊيو هميشه هڪ جادو رهيو آهي. اڪيلي راتين ۾ جڏهن محبوب پري هجي، تڏهن ريڊيو تان هلندڙ ڪو محبت ڀريو گيت دل جي تارن کي ڇيڙي ڇڏي ٿو. لفظن ۾ لڪل احساس ڄڻ سڌو دل تائين پهچي وڃن ٿا. ريڊيو جو آواز محبوب جي سرگوشيءَ وانگر لڳي ٿو، نرم، مٺو ۽ دل کي ڇهندڙ. ڪيترين ئي محبتن جون ڪهاڻيون ريڊيو جي لهرن تي جنم وٺنديون رهيون آهن؛ ڪيترين ئي دلين پنهنجو درد خط ۾ لکي ريڊيو اسٽيشن ڏانهن موڪليو ۽ اتان پنهنجي احساسن جي ترجماني ٻڌي آسرو حاصل ڪيو.
بيمار جي بستري ڀرسان رکيل ريڊيو به هڪ نرالو منظر پيش ڪري ٿو. جڏهن جسم بيماريءَ جي ڪري ڪمزور ٿي پوي ٿو ۽ ذهن اداسيءَ ۾ ٻڏي وڃي ٿو، تڏهن ريڊيو جو آواز ٽهڪ ڏيندڙ دوست وانگر اچي ويهندو آهي. ڪنهن ڊاڪٽر جو مشورو، ڪنهن عالم جي نصيحت يا ڪا روح پرور نعت اهي سڀ دل کي طاقت ڏين ٿا. ريڊيو بيمار جي ٽهل ٽڪور ڪري ٿو، هن جي اڪيلائيءَ کي گهٽائي ٿو ۽ صحت ڏانهن واپسيءَ جو حوصلو ڏئي ٿو. نااميد لاءِ ريڊيو اميد جو آسرو آهي. دنيا ۾ جڏهن ڏک ۽ مايوسيون وڌي وڃن ٿيون، تڏهن ريڊيو تان ٻڌايل ڪاميابين جون ڪهاڻيون، محنت ۽ جدوجهد جا قصا ۽ همت افزائي ڪندڙ پيغام انسان کي نئين سر جيئڻ سيکارين ٿا. ريڊيو ٻڌائي ٿو ته هر رات کانپوءِ صبح ضرور ٿيندو آهي، هر اونداهه کانپوءِ روشني ضرور ايندي آهي. اهو دلين ۾ اهڙو يقين پيدا ڪري ٿو ته حالتون ڪيڏيون به ڏکيون ڇو نه هجن، وقت جو وهڪرو تبديلي ضرور آڻيندو آهي.
ڏکن ۾ ورتل ماڻهن لاءِ ريڊيو سکن جو سامان بڻجي ٿو. ڪو صوفي ڪلام جڏهن هوا ۾ گونجي ٿو، تڏهن روح کي سڪون ملي ٿو. شاھ لطيف، سچل ۽ ساميءَ جا بيت جڏهن ريڊيو تان ٻڌجن ٿا، تڏهن لڳي ٿو ته ڄڻ ڌرتي پاڻ ڳالهائي رهي هجي. اهي آواز انسان کي پنهنجي ثقافت، پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجين جڙن سان جوڙي ڇڏين ٿا. ريڊيو رڳو وندر ناهي، اهو ته هڪ ثقافتي خزانو آهي، جيڪو نسلن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو.
گمراهه لاءِ ريڊيو هدايت جو سامان آهي. مذهبي پروگرام، اخلاقي سبق ۽ سماجي آگاهي مهمون ماڻهن کي صحيح راھ ڏيکارين ٿيون. ريڊيو تان نشر ٿيندڙ پيغام معاشري ۾ شعور پيدا ڪن ٿا. جڏهن ڪا آفت اچي ٿي يا ڪو هنگامي حالت پيدا ٿئي ٿي، تڏهن ريڊيو ماڻهن تائين سچائي ۽ هدايت پهچائي سندن رهنمائي ڪري ٿو. اهو هڪ ذميوار استاد وانگر سماج کي سمجهائي ٿو، سيکاري ٿو ۽ خبردار ڪري ٿو. ريڊيو جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته اهو سادو آهي، آسان آهي ۽ هر ڪنهن جي پهچ ۾ آهي. بجلي نه هجي تڏهن به بيٽريءَ تي هلي سگهي ٿو. انٽرنيٽ نه هجي تڏهن به آواز پهچائي سگهي ٿو. اهو غريب ۽ امير جي وچ ۾ فرق نٿو ڪري؛ هر ڪن تائين هڪ جهڙو پيغام پهچائي ٿو. ان جي سادگيءَ ۾ ئي ان جو حسن لڪل آهي.
اڄ دنيا آرٽيفيشل انٽيليجنس جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي. روبوٽ ڳالهائي رهيا آهن، مشينون فيصلا ڪري رهيون آهن ۽ ڊجيٽل اسڪرين زندگيءَ جو حصو بڻجي ويا آهن، پر ان سڄي ترقيءَ جي باوجود ريڊيو پنهنجي افاديت برقرار رکيو اچي. ڇو ته ريڊيو جو تعلق رڳو ٽيڪنالاجيءَ سان ناهي، پر انسان جي دل سان آهي. جديد پوڊ ڪاسٽ، ايف ايم اسٽيشنون ۽ آن لائين ريڊيو، اهي سڀ انهيءَ پراڻي محبت جو نئون روپ آهن. لهرون اڃان به هوا ۾ سفر ڪن ٿيون، آواز اڃان به دلين تائين پهچي ٿو. ريڊيو جي آواز ۾ هڪ عجيب سچائي هوندي آهي. اسڪرين تي نظر ايندڙ تصويرون شايد اکين کي موهي وٺن، پر ريڊيو جو آواز سڌو دل ۾ لهي وڃي ٿو. اهو تخيل کي زنده رکي ٿو. جڏهن ڪو ڊرامو ريڊيو تان ٻڌجي ٿو، تڏهن منظر ذهن ۾ پاڻ ٺهي پون ٿا. هر ٻڌندڙ پنهنجي تصور مطابق ڪردار جو چهرو ٺاهي ٿو، پنهنجو ماحول تخليق ڪري ٿو. اهڙي طرح ريڊيو انسان جي تخليقي قوت کي به جاڳائي ٿو.
ريڊيو جا راز دراصل انساني احساسن جا راز آهن. اهو اوزار رڳو لهرن جو ميلان نه، پر دلين جو سنگم آهي. اهو ماضيءَ جي يادگيرين جو امين، حال جو همراز ۽ مستقبل جي اميد آهي. جڏهن به ڪو پراڻو گيت ريڊيو تان ٻڌجي ٿو، تڏهن دل ۾ وسريل لمحن جي خوشبوءِ تازي ٿي وڃي ٿي. جڏهن به ڪو نئون پيغام نشر ٿئي ٿو، تڏهن اميد جو نئون باب کلي ٿو.
آخر ۾ ايترو چئبو ته ريڊيو هڪ مزيدار ۽ وندرائڻ وارو اوزار ضرور آهي، پر ان کان به وڌيڪ اهو انساني همدرديءَ جو نشان آهي. اهو ٻڌائي ٿو ته آواز ۾ ڪيتري طاقت آهي، اهڙي طاقت جيڪا دلين کي ڇهي سگهي ٿي، اکين کي آلو ڪري سگهي ٿي ۽ مايوس چهرن تي مرڪ آڻي سگهي ٿي.