نئون

بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه جاتي امرا پهچي ويو

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر واري ڪلثوم نواز جو مڙهه شريف ميڊيڪل سٽي جاتي امرا پهچي ويو، جتي هن کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه صبح 6 لڳي 50 منٽن تي پي آءِ اي جي جهاز 758 ذريعي لنڊن کان لاهور پهتو. ميت سان گڏ شهباز شريف، اسما نواز، نياڻو عثمان ڊار ۽ حسين نواز جي ٻن پٽن سميت خاندان جا 14 ڄڻا ساڻ هئا. جڏهن ته مرحومه جا ٻه پٽ حسن ۽ حسين نواز نه آيا آهن. ٻئي طرف لاهور ايئرپورٽ تي موجود شريف خاندان جي ماڻهن پاران ميت کي وصول ڪيو ويو، جنهن بعد ميت کي سخت سيڪيورٽي ۾ جاتي امرا پهچايو ويو، جتي صرف شريف خاندان جا ماڻهو موجود هئا. بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز اڄ شام مولانا طارق جميل پڙهائيندو، جنهن بعد بيگم ڪلثوم نواز کي سندس سهري ميان شريف جي پاسي ۾ دفنايو ويندو. ان کان اڳ بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز لنڊن جي اسلامڪ ڪلچر سينٽر ريجنٽ پارڪ مسجد لنڊن ۾ به ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڌيڪ تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. واضح رهي ته ڪلثوم نواز گذريل سال ڪينسر جي علاج لاءِ لنڊن وئي هئي جتي هوءَ 11 سيپٽمبر 2018 تي وفات ڪري وئي.