عالمِ اسلام جي تاريخ شھادتن، قربانين ۽ عظمتن سان ڀريل آھي. جڏھن به ڪو وڏو عالم، مفڪر يا رھنما دنيا مان وڇڙي ٿو ته صرف ھڪ شخص نه، پر ھڪ فڪر، ھڪ دور ۽ ھڪ جدوجھد جو باب بند ٿيندو آھي. اھڙي ئي عظيم شخصيتن مان ھڪ نالو ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جو آھي، جنھن 86 سالن جي عمر ۾ شهادت ماڻي. هن پنھنجي سڄي حياتي اسلام، مزاحمت ۽ پنهنجي قوم جي وحدت لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
سندس زندگي صرف ايران تائين محدود نه ھئي، پر ھو پوري عالمِ اسلام لاءِ ھڪ فڪري ۽ روحاني رھنما طور سڃاتو ويندو رھيو. مشڪلاتن، پابندين ۽ سياسي دٻاءُ جي باوجود ھن ھميشه مظلومن جي حق ۾ آواز اٿاريو ۽ استعماري قوتن اڳيان جھڪڻ کان انڪار ڪيو. سندس بيباڪ موقف ۽ بي خوف قيادت کيس ھڪ بھادر اڳواڻ طور تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو.
شھادت جو تصور اسلام ۾ انتھائي بلند ۽ مقدس آھي. شھيد ڪڏهن به مرندو ناھي، شهيد جو موت حيات هوندي آهي. پنھنجي فڪر، پنھنجي جدوجھد ۽ پنھنجي پيغام وسيلي جيڪڏھن ڪا شخصيت پنھنجي اصولن تان نه ھٽي، حق جي راھ ۾ ثابت قدم رھي ۽ آخر تائين پنھنجي نظريي تي قائم رھي ته اھا حياتي بذاتِ خود عظمت جو اعليٰ مثال بڻجي وڃي ٿي.
علي خامنائي جي زندگي به اھڙي ئي ثابت قدمي ۽ مضبوطيءَ جي علامت رھي. ھن امتِ مسلمه کي وحدت، صبر ۽ مزاحمت جو درس ڏنو. سندس خطابن ۾ ھميشه اسلامي بيداري، خود مختياري ۽ اخلاقي قوت جو پيغام نمايان رھيو. ھو نوجوانن کي علم، شعور ۽ خود اعتمادي سان اڳتي وڌڻ جي تلقين ڪندو رھيو.
شخصيتون وقت سان گڏ دنيا مان رخصت ٿين ٿيون، پر سندن فڪر ۽ جدوجھد نسلن تائين زنده رھندو آھي. جيڪڏھن ڪو رھنما پنھنجي قوم کي سجاڳي، خودي ۽ غيرت جو سبق ڏئي وڃي ته اھا ئي سندس حقيقي عظمت آھي.
شھادت رڳو ھڪ انجام ناھي، پر ھڪ آغاز آھي، ھڪ نئين فڪر، نئين حوصلي ۽ نئين عزم جو آغاز. اھڙيون شخصيتون تاريخ جو حصو نه، پر تاريخ جو رخ بڻجي وينديون آھن.
الله پاڪ کان دعا آھي ته ھو ھر ان شخص کي اعليٰ مقام عطا فرمائي جنھن پنھنجي حياتي دين، امت ۽ حق جي سربلندي لاءِ وقف ڪئي ھجي.