ايرڪ ڪارڊر جو مشهور تاريخي ناول “The Slave Ship” جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو مانائتي ليکڪ سائين دوست محمد ڀٽي صاحب نهايت خوبصورت انداز ۾ ڪيو آهي. سهڻي ۽ سولي ٻولي جو استعمال ڪندي، منظرن ۽ واقعن کي سهڻي نموني سان پيش ڪيو اٿس. هي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان شايع ڪيو ويو آهي.
هي ناول گورن جو شيدين تي ظلمن جو دل ڏاريندڙ داستان آهي. هن ناول ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لکن جي تعداد ۾ شيدي مردن، عورتن ۽ ٻارن کي سندن ڳوٺن ۽ وستين مان خريد ڪري ٻيڙا ڀري وڃي يورپ ۽ آمريڪا جي بازارن ۾ وڪرو ڪيو ويندو هو. ان دوران انهن تي انسانيت کان ڪريل وحشياڻو، جسماني ۽ جنسي تشدد ڪيو ويندو هو. قيد شيدين جي آمريڪا تائين سفر دوران اهڙن واقعن کي بيان ڪيو ويو آهي جن کي پڙهي دل دهلجو ۽ جسم ڪنبيو وڃي.
هونئن به انساني وڪري جو ڪاروبار تاريخي لحاظ کان تمام پراڻو آهي، هي ڪاروبار يهودين ۽ عربن ۾ عام هو. قبائلي جھيڙن ۽ علاقائي جنگين جي صورت ۾ بي سهارا، يتيم ۽ قيدي يا مالِ غنيمت ۾ آيل مردن، ٻارن ۽ عورتن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي بازارن ۾ جانورن وانگر وڪرو ڪيو ويندو هو. اسلام جي اچڻ سان هن ڪاروبار کي ڪافي حد تائين روڪيو ويو، پر ان هوندي به هي ڪاروبار جاري رهيو، جنهن جو مثال سنڌ جي فتح مان ملي سگھي ٿو. هي ڪاروبار هن جديد دور ۾ سخت بندشن جي باوجود به مختلف صورتن ۾ جاري آهي. هن ڪاروبار ۾ خاص طور تي عورتون شڪار رهيون آهن، جن کي ٻين شهرن يا ملڪن ۾ بهترين نوڪرين، ڪاروبار يا شادي جا ڪوڙا آسرا ڏئي کين وڪرو ڪيو ويندو آهي، جن کان بعد ۾ جنسي ڌنڌو ڪرايو ويندو آهي.
ٻارن کي اغوا ڪري عرب ملڪن ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي، جتي کين اٺن جي ڊوڙ ۾ ڪتب آندو ويندو آهي يا وري سندن عضوا ڀڃي کانئن پنڻ جو ڪاروبار ڪرايو وڃي ٿو، ان کان به بدتر اهو ته سندن عضوا امير ماڻهن کي وڪرو ڪيا ويندا آهن. ان کانسواءِ مردن، عورتن ۽ ٻارن کي وڪڻي زمينن، سرن جي بٺن ۽ فيڪٽرين ۾ مزدوري ڪرائي ويندي آهي. هن وقت هي ڪاروبار اسان جي خطي جي غريب ملڪن جھڙوڪ: ڪمبوڊيا، لائوس، ٿائيلينڊ، انڊيا، برما، بنگلاديش، پاڪستان، افغانستان ۽ ايران ۾ غير قانوني طور عام جام آهي.
يورپ ۽ آمريڪا جيڪي پاڻ کي هن وقت انسانيت جو علمبردار سمجھن پيا انهن جو ماضي ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ انساني ڪوس جي شاهدين سان ڀريو پيو آهي، سندن اها ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ قتل سڌي يا اڻ سڌي طرح هن وقت به جاري آهي.
هن ناول ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته شيدين جا اصل دشمن سندن پنهنجا ئي هم نسل هئا، جنهن جو سبب انهن جي اندر ٻڌي ۽ ايڪي جي بدران قبيلائي دشمني ۽ فساد هئا. جنهن ذريعي ڏاڍو هيڻي کي زير ڪري کين پنهنجو غلام بڻائي گورن جي هٿ وڪڻي ڏيندو هو، بدلي ۾ روڪ رقم ۽ هٿيار وٺندا هئا ته جيئن هٿيارن جي زور تي ٻين شيدين (پنهنجي مخالفن) کي آسانيءَ سان غلام بڻائي وٺن ۽ پاڻ کي غلام ٿيڻ کان بچائي رکن.
هن ناول ۾ ايرڪ ڪارڊر لکي ٿو ته سڄي راند سگھه يعني طاقت ۽ اقتدار جي آهي، جنهن وٽ پاور آهي، اهوئي ٻين تي غالب ٿي سگھي ٿو، “قدرتي اصول آهي ته وڏو هميشه ننڍي جو شڪار ڪندو آهي، هميشه ائين ئي ٿيندو آيو آهي ته ڏاڍو هيڻي کي هيسائيندو رهيو آهي ۽ هيسائيندو رهندو.” هن وقت به اسان وٽ ڪجھه اهڙي ئي صورتحال آهي. طاقتور ملڪ ۽ قومون هيڻن ملڪن ۽ قومن کي مختلف طريقن سان هيسائي ويٺا آهن ۽ پنهنجا مفاد پيا پورا ڪن.
ايرڪ ڪارڊر هن ناول ذريعي واضح ڪيو آهي ته اهي شيدي جن کي پوري دنيا غير مهذب سمجھندي آهي، اصل ۾ تهذيبن جا بنياد وجھندڙ اهي ئي آهن. جنهن جو اندازو انهن وٽان مليل قديم شين (زيورن، صندوقن ۽ ڌاتو مان ٺهيل ٿانون) مان لڳائي سگھجي ٿو. هن ناول ۾ رومان به آهي، هڪ گورو خلاصي “ڊن بار” جيڪو اصل ۾ صحافي آهي، هڪ شيدڻ غلام “ليانا” جي پيار ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. سچ ته اهوئي آهي ته پيار جو ڪنهن به رنگ، نسل، مذهب ۽ ٻوليءَ سان تعلق نه هوندو آهي، ان ڪري ليانا ۽ ڊن بار هڪ ٻئي جي نسلي يا مذهبي هڪ جھڙائي نٿا رکن نه ئي هڪٻئي جي ٻولي سمجھن ٿا، پر هو پيار ۽ همدرديءَ جي ٻولي ضرور سمجھن ٿا، جنهن سبب سندن وچ ۾ محبت جو رشتو قائم ٿي وڃي ٿو.
ناول جو اهم پهلو شيدين جي بغاوت آهي، جهاز جو سمورو عملو ۽ غلام هڪ بيماريءَ سبب انڌا ٿي وڃن ٿا، پر ان هوندي به هو نهايت ڏاهپ، سياڻپ ۽ دليريءَ سان وڙهن ٿا ۽ سڀني گورن کي ماري وجھن ٿا، پر هڪ ٻئي بحري جهاز جي حملي جي ڪري پورو غلامن جو ٻيڙو تباھ ٿي پاڻي ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. شيدي غلام پنهنجي ساھ جي آخري پساهن تائين بهادري ۽ عزم سان وڙهن ٿا. جڏهن ته کين پوري پڪ آهي ته هو ڪامياب نه ٿي سگھندا ۽ نه ئي وري پنهنجي اصل وطن پهچي سگھندا، پر ان هوندي به پاڻ کي دشمن جو غلام ٿي رهڻ کان مرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. اهوئي اسان لاءِ سبق آهي ته وقت ۽ حالتون ڪهڙيون به هجن، پر اسان کي پنهنجي جدوجھد کي جاري رکڻو آهي، اميد جي دامن کي مضبوطيءَ سان جھلي ڪاميابيءَ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪرڻي آهي. پنهنجي آزادي جي بقا خاطر پنهنجي جان جو نذرانو ڏيڻ کان هرگز به ناهي ڪيٻائڻو، غير جي غلامي کان هڪ آزاد فضا ۾ موت کي سيني لائڻ ئي اصل بهادري آهي.