زينت، فائزه ۽ سائره سڀئي يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ رهندڙ ڇوڪريون، جن جو اسٽيٽس ڪئمپس ۾ سڀني کان مٿي ۽ سڀني کان ڌار نظر ايندو هو. سندن اعتماد جي ليول جي ڇا ڳالهه ڪجي! پروفيسر به کين ڪجهه چوڻ کان ڪيٻائيندا هئا، ڪلاس اٽينڊ ڪن يا نه، حاضري ملي ويندي هئي. پيپر جهڙو تهڙو ڏيڻ سان مارڪون سٺيون ملي وينديون هيون، سٺيGPA سان سيميسٽر پاس ڪنديون آهن. زينت ۽ فائزه فائنل ۾ پهچي ويون آهن. جڏهن ته سائره ٿرڊ ايئر ۾ آهي. هو ٽئي ڄڻيون حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ تيار هيون. سندن لائيو ٽيليڪاسٽ لاءِ هڪ خانگي سوشل ميڊيا جي ٽيم ڪوريج لاءِ پهتل هئي، ڪئمرائون سيٽ ٿي چڪيون هيون، مائيڪ لڳي چڪا هئا، فوٽوگرافر پنهنجي پنهنجي جاءِ تي تيار بيٺا هئا. سڄو هال صحافين سان ڀريل هو، جنهن جي لاءِ زينت دل ئي دل ۾ پنهنجي صحافي دوست عائشه جي ٿورائتي هئي، جنهن ڪنهن کي به کڙڪ پوڻ کان بنا هي سڄو بندوبست ڪيو هو. صحافي پريس ڪانفرنس جي رپورٽ ٺاهڻ لاءِ پنهنجون ڪئمرائون ۽ وائيس رڪارڊر سيٽ ڪري چڪا هئا. ٽئي ڇوڪريون جن کي چادرون ڍڪيل هيون ۽ چهري تي سرجيڪل ماسڪ پاتل هئا، ان جي باوجود اندازو ٿي رهيو هو ته سندن عمريون 20 کان 22 سالن جي اندر آهن. سندن خوبصورت اکيون جن ۾ خوف ۽ عزم گڏ نظر اچي رهيا هئا، گهڻو ڪجهه چئي رهيون هيون. اتي ويٺل سڀ صحافي جيڪي زندگيءَ ۾ خبر ناهي ته ڪيتريون پريس ڪانفرنسون ڪور ڪري چڪا هئا ڪنهن وڏي خبر جي بريڪ ٿيڻ جا منتظر هئا.