پنهنجين خواهشن جي بنا ڪنارن وارن پهاڙن تي ڀٽڪندي رهان ٿي.
مگر جڏهن تو پڇيو
ته مان ڪٿان جي آهيان،
ته منهنجي اها سونهري ننڊ ٽٽي پئي،
منهنجين خواهشن جي مٿانهين ڇت کان ڪري پئي،
۽ حقيقت جي سخت زمين تي اچي پئي.
تون پڇين ٿو، مان ڪٿان جي آهيان؟
مان هڪ اهڙي ملڪ کان آهيان،
جتي فڪر به آهي،
۽ بي انتها دولت به.
البرز جي سرسبز دامن کان آهيان،
۽ شاندار دريا زاينده رود جي ڪنارن کان،
۽ پرسپوليس جي پراڻين محلاتن کان.
تون پڇين ٿو، مان ڪٿان جي آهيان؟
مان شاعر، محبت ۽ سج جي سر زمين کان آهيان.
مان جدوجهد، اميد ۽ اذيت جي وطن کان آهيان.
مان انقلاب جي انهن مورچن کان آهيان،
جتي انقلاب جي سرفروشن
پنهنجي رت جو ٻليدان ڏنو هو.
اوسيئڙي جي اڄ ۾،
منهنجيون اکيون سڙنديون رهن ٿيون.
هاڻي ڇا تون ڄاڻين ٿو
مان ڪٿان جي آهيان؟
زاله اصفهاني (1921–2007) مٿين نظم جي شاعره آهي. هن اصفهان ۾ جنم ورتو ۽ سندس والد سندس تعليم حاصل ڪرڻ جي حق ۾ نه هو، پر سندس والده کيس ضد ڪري اسڪول اماڻيو. شروعات ۾ هن هڪ مقامي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي، جيڪو برطانوي مشينرين جي انتظام هيٺ هو، پوءِ تهران جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي. نوجواني جي زماني ۾ هوءَ نظرياتي طور تي کاٻي ڌر جي سياست سان لاڳاپجي وئي ۽ ان دور ۾ کاٻي ڌر جي تحريڪن تي اڪثر ڪري سوويت يونين جو اثر هو. 1943ع ۾ هن ايران جي توده (ڪيمونسٽ) پارٽي جي هڪ ميمبر سان شادي ڪئي. هن جي مڙس کي سياسي سرگرمين جي سبب کان ڪجھه عرصو جيل ڀوڳڻي پئي. جڏهن هو 1947ع ۾ آزاد ٿيو ته ٻئي ايران کي الوداع ڪري ويا ۽ پهرين باڪو ۽ پوءِ ماسجو ڏانهن هجرت ڪري ويا.
اهي سوويت يونين ۾ 1979ع جي ايراني اسلامي انقلاب تائين رهيا. انهيءَ کانپوءِ اسلامي جمهوريه واري حڪومت جي پاليسين کان مايوس ٿي انگلينڊ هجرت ڪيائون، جتي هو پنهنجي وفات تائين رهيا. هن جي شاعري جو وڏو حصو سياسي نموني جو هو، سندس اندر ۾ هڪ مضبوط (lyrical) شاعراڻي صلاحيت به هئي، جيڪا هن جي سڀ کان وڌيڪ نظرياتي نظمن ۾ پڻ چٽي ڏيک ڏئي ٿي.