بلاگنئون

طاقت دنيا جو هڪ لافاني مذهب

تاريخ جا صفحه صرف واقعن جو مجموعو نه، پر طاقت جي مسلسل ۽ بي رحم عبارت جا داستان آهن. جيڪڏهن ڪائنات جي ڇاتيءَ تي هٿ رکي سندس دل جي ڌڙڪن ٻڌي وڃي ته اتي ڪنهن الهامي صحيفي جو پڙاڏو ٻڌڻ کان اڳ “طاقت” جو نعرو ٻڌڻ ۾ ايندو. اهو پهريون ۽ آخري مذهب آهي جنهن ڪڏهن به زوال جو ذائقو ناهي چکيو. ڇو ته ان جو وسيلو ٻاهر ناهي، بلڪه انسان جي جبلت وارين اونهائين ۾ لڪل آهي. انساني تاريخ ۾ طاقت ۽ محبت جي ٽڪراءَ سدائين وڏين المين کي جنم ڏنو آهي. محبت ايثار گهري ٿي، جڏهن ته طاقت “انا” جو پورائو ڇاهي ٿي. جڏهن به محبت طاقت جي سامهون ڪر کنيو، انهيءَ کي يا ته چٿيو ويو يا پوءِ انهيءَ کي اقتدار جي حاصلات جو وسيلو بڻايو ويو. نفسياتي طور تي، محبت هڪ ڪمزوري آهي ۽ طاقت جو مذهب ڪنهن به قسم جي ڪمزوري کي گناهه سمجهي ٿو. ايستائين ته رشتن ۾ به،جنهن کي اسان محبت سڏيون ٿا، اتي اڪثر وقت ٻئي تي نفسياتي اثر حاصل ڪرڻ جو هڪ لطيف طريقو استعمال ٿئي ٿو، جتي محبت ڪمزوري اختيار ڪندي آهي، اتان کان طاقت جو ننگو ناچ شروع ٿيندو آهي ۽ جتي طاقت حد کان وڌي وڃي، اتي محبت جو ساهه ٻوساٽجي وڃي ٿو. تاريخ شاهد آهي ته تخت واري نشي جي لالچ ۾ پٽن پيءُ جي محبت ۽ ڀائرن رت جي رشتي کي انهيءَ طاقت واري “مذهب” جي ور چاڙهي ڇڏيو. دنيا جا سمورا تمام وڏا مذهب چاهي اهي امن جي پرچار ڪن يا عدل جي، انهن جي پکيڙ ۽ بقا جي پٺيان “طاقت” جو عنصر سدائين مرڪزي رهيو آهي. مذهب جيستائين صرف هڪ فلسفو رهي ٿو. اهو ڪمزور هوندو آهي، ليڪن جڏهن هن کي “طاقت” جو سهارو ملي ٿو ته اهو سلطنت بڻجي وڃي ٿو.

مسيحيت کي عالمي عروج تڏهن مليو جڏهن شهنشاھ قسطنطنيه انهيءَ کي رياست جي طاقت بخشي، ڪليسا جي طاقت هڪ وقت ۾ ايتري سفاڪ هئي ته اها بادشاهن جي عروج ۽ زوال جو فيصلو ڪندي هئي.  اسلام نه صرف اخلاقيات سيکاري، بلڪه هڪ اهڙي رياست جوڙي جنهن جي فوجي ۽ سياسي طاقت ان وقت جي ٻن وڏين سپر طاقتن قيصر ۽ ڪسريٰ کي کوڏا کوڙڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. جنهن اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته حق جي آواز کي موثر بنائڻ لاءِ “طاقت” ناگزير آهي. قديم هندستان جو سماجي ڍانچو “طاقت جي ورهاست” تي مشتمل هو. ڪشترئي جنگجو طبقي کي حڪمراني جي طاقت ڏني وئي، جڏهن ته شودرن کي طاقت کان محروم رکي ڪري مذهب جي نالي تي صدين تائين محڪوم رکيو ويو. يهوديت جي تاريخ مظلوميت کان شروع ٿي، پر اڄ صيهونيت جي صورت ۾ اها “طاقت جو مذهب” بڻجي چڪي آهي. جتي اخلاقيات تي فوجي برتري کي فوقيت حاصل آهي.

فريڊرڪ نطشي جي مطابق زندگي جو اصل سبب بقا ناهي، بلڪه ڪشادگي ۽ اثر وڌائڻ آهي. نفسياتي طور تي انسان جڏهن ٻئي تي ڪنٽرول ڪري ٿو، چاهي اهو جذباتي هجي يا جسماني ته انهيءَ کي اهائي تسڪين ملي ٿي جيڪا هن کي ڪنهن عبادت کان نٿي ملي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته طاقت هڪ اهڙو مذهب آهي جو تعصب کان پاڪ آهي. ڇو ته طاقت اهو نٿي ڏسي ته هٿ ڪنهن جو آهي؛ جيڪو هن کي حاصل ڪري وٺي ٿو. اهو امام بڻجي وڃي ٿو ۽ جيڪو محروم رهي ٿو، اهو مقتدي. طاقت جي سڀ کان وڏي خوبي يا خامي ان جي بيرحمي آهي. اها اخلاقيات جي سمورن بتن کي پاش پاش ڪري ڇڏي ٿي. جتي طاقت ڳالهائيندي آهي، اتي منطق، همدردي ۽ انصاف جي ٻولي بند ٿي ويندي آهي. اڄ جي دور ۾ ويٽو پاور رکڻ وارن ملڪن جو اخلاقيات سان ڪو تعلق ناهي. انهن جو اصل مقصد ايٽمي هٿيار ۽ معيشت آهي. انسانيت جتي امن جا قصيدا لکيا، پر ساڳي جاءِ تي جنگين ۾ سرمائيڪاري ڪئي. اها ان ڳالھه جو ثبوت آهي ته اسان شعوري طور تي ڪيترو ئي انڪار ڪيون، لاشعوري طور تي اسان سڀ طاقت جا پوئلڳ آهيون. جيستائين دنيا ۾ ٻه انسان باقي آهن، انهن جي وچ ۾ رشتو جذبن جو نه بلڪه “ڪير ڪنهن تي حاوي آهي” جو هوندو. اهوئي اهڙو ابدي سچ آهي جنهن جو ادراڪ صرف اهو بصيرت جو مالڪ ڪري سگهي ٿو جيڪو فلسفي جي اونهائي ۾ لهي حقيقتن کي منهن ڏيڻ جو حوصلو رکندو هجي.