جيڪڏهن توهان جنگ جي حقيقي صورت ڏسڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان پولينڊ جي گهٽين کان پڇو يا يورپ جي ڪنهن اهڙي خاندان جي اکين ۾ نهاريو جنهن جا ابا ڏاڏا ان باهه جي درياءَ مان گذريا آهن. توهان کي انهن جي اکين جي ماڻڪين ۾ ڳوڙها نه، پر وحشت جا پاڇا نظر ايندا. پهرين سيپٽمبر 1939ع جو اهو نڀاڳو صبح هو، جڏهن جرمن فوجين پولينڊ تي حملو ڪيو. اها صرف فوجي چڙهائي نه هئي، پر موت جو هڪ طوفان هو، جنهن کي لڳ ڀڳ 5 هزار توپن، 3600 ٽينڪن ۽ 3300 جنگي جهازن جي دهشتناڪ گجگوڙ حاصل هئي. جنهن جي نتيجي ۾ پولينڊ جي سر زمين تي 1 لک 99 هزار 700 لاش ڪري پيا. اڄ 75 سال گذرڻ بعد به وارسا جي درن ۽ ديوارن تي انهن گولين جا نشان ائين آهن ڄڻ ڪنهن بدن تي تازا زخم هجن. يورپ 1939ع کان 1945ع تائين مسلسل 6 سال دوزخ جي باهه ۾ سڙندو رهيو. يورپ، آمريڪا ۽ جاپان جا 6 ڪروڙ انسان مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا. انتها ته تڏهن ٿي جڏهن آمريڪا هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪيرايا. صرف ٻن منٽن ۾ سوا لک کان وڌيڪ ماڻهو رک جو ڍير بڻجي ويا ۽ جيڪي بچيا، اهي سڄي عمر لاءِ معذوريءَ جو نوحو بڻجي ويا. يورپ جو ڪو شهر سلامت نه بچيو، بجلي، پاڻي، ريلوي، تعليم ۽ خوراڪ… سڀ ڪجهه مٽجي ويو. بک جو اهو عالم هو جو جنهن سوئر جي گوشت کان ماڻهو جنگ کان اڳ ۾ سخت نفرت ڪندا هئا، اها انهن جي خوراڪ ۽ مجبوري بڻجي وئي، جيڪا اڄ تائين سندن دسترخوان جو حصو آهي. جنگ کانپوءِ مرد ختم ٿي ويا، شاديءَ جو نظام ٽٽي پيو ۽ سماجي قدر خاڪ ۾ ملي ويا. توهان ان وقت جي يهودين جا اهي قصا پڙهو ته توهان جا لڱ ڪانڊارجي ويندا. هزارين يهودي خاندان ٻن ٻن سالن تائين گٽرن ۾ لڪيل رهيا، انهن جي هڪ پوري نسل گٽرن جي گندي پاڻي ۾ اک کولي ۽ اتي ئي رهڻ سکيا. پهرين عالمي جنگ (1914-1918) جي ڳالهه ڪجي ته يورپ سوا چار ڪروڙ لاش کنيا. ترڪي جو ساحلي ٻيٽ گيلي پولي هڪ وڏو انساني قبرستان بڻجي ويو. توهان اڄ به اتان جيڪڏهن مٽي جي مٺ هٿ ۾ ڀريندئو ته ان مان انساني هڏن جون باقيات ملنديون ۽ اهي هڏا توهان کي ٻڌائيندا ته جنگ اصل ۾ ڇا هوندي آهي! جيڪڏهن اڃان به توهان کي پڪ نه ٿئي ته ويٽنام جي 20 سالن جي جنگ، افغانستان جي 35 سالن جي ماتم ۽ آفريقا جي انهن ملڪن کان پڇو جتي جنگين ڪاري ڏڪار کي جنم ڏنو. نائجيريا ۽ صوماليا جي ماڻهن جي اکين ۾ لکيل بک پڙهو، جتي انسان پنهنجي پيارن جو گوشت کائڻ تي مجبور ٿي ويو يا پنهنجي ئي اولاد کي زخمن جي تڪليف کان بچائڻ لاءِ کين پنهنجي هٿن سان گولي هڻي هميشه لاءِ ننڊ سمهاري ڇڏيو، پر اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو الائي ڇو ڏاڍا بي صبرا آهيون…؟ اسان اڃان تائين “اصلي جنگ” جي معنيٰ کان واقف ئي ناهيون. اسان جي تاريخ ته اها رهي آهي ته اسان جا ابا ڏاڏا هميشه اٽڪ جي پل تي اتر کان حملو ڪندڙن کي گلن جا هار پارائي ڀليڪار ڪندا هئا ۽ کين کاڌا کارائي پاڻي پت جي ميدان تائين ڇڏي ايندا هئا. جڏهن انگريز آيو ته ان کي به هار پارائي اسان جلال آباد تائين پهچايوسين. اسان 1857ع جي جنگِ آزاديءَ کي وڏي جنگ سمجهون ٿا، پر اها ته صرف دهليءَ جي آس پاس تائين محدود هئي. پاڪستان ۽ هندستان ٻئي ايٽمي ملڪ آهن. سو خدارا هي هڪ ننڍڙي چڻنگ به وڏو ڀنڀٽ بڻجي ويندي ۽ اسان جا اٺ ڏهه وڏا شهر موئن جو دڙو بڻجي ويندا ۽ هڪ ننڍڙي غلطي به هن خطي لاءِ تمام ڀيانڪ ٿي سگهي ٿي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان عقل، سوچ ۽ فهم کان ڪم وٺون ۽ اهڙي ڪا به غلطي نه ورجايون جنهن سان ٻنهي پاسن جا ڪروڙين بيگناھ انسان خاڪ جو ڍير بڻجي وڃن.