تاريخ 4 اپريل 1979 تي ذوالفقار علي ڀٽو کي راولپنڊي جي سينٽرل جيل ۾ رات جو 2 وڳي ڦاهي ڏني وئي. کيس راولپنڊي جيل جي عورتن جي ونگ ۾ ست باءِ ڏهه فوٽ اوچي ڪوٺڙي ۾ قيد ڪيو ويو هو. ڀٽو صاحب کي هڪ بسترو، هڪ گدو، هڪ ننڍڙي ميز ۽ هڪ ڪتابن جو شيلف ڏنو ويو هو. ان جي ڀرسان هڪ ننڍڙو ڪوٺڙو هو جتي هڪ بورچي هن لاءِ کاڌو پچائيندو هو. هر ڏهين ڏينهن تي بورچي کي تبديل ڪيو ويندو هو ته جيئن هو ڀٽو جو عادي نه ٿي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ڀٽو جو دوست ۽ مشهور ڏندن جو ڊاڪٽر، ڊاڪٽر نيازي هن لاءِ کاڌو موڪليندو هو. ڀُٽي صاحب جي زندگي تي ڪتاب لکندڙ سلمان تاثير، جنهن کي بعد ۾ قتل ڪيو ويو، پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته شروعاتي ڏينهن ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ ڀُٽي صاحب جي ٽوائليٽ وڃڻ تي نگراني ڪندو هو. ڀُٽي صاحب کي اهو ايترو ناپسند هو جو هن کائڻ پيئڻ تقريبن بند ڪري ڇڏيو هو ته جيئن کيس ٽوائليٽ نه وڃڻو پوي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اهڙي سخت نگراني بند ڪئي وئي ۽ سيل کان ٻاهر سندس لاءِ هڪ الڳ ٽوائليٽ ٺاهيو ويو. ڀُٽو صاحب جيل ۾ پڙهڻ لاءِ آزاد هو. پنهنجي آخري ڏينهن ۾، هو چارلس ملر جي خيبر، رچرڊ نڪسن جي سوانح عمري، جواهر لال نهرو جي ڊسڪوري آف انڊيا ۽ صديق صالح جي وائيٽنس ٽو سرنڊر پڙهي رهيو هو.
پنجاب حڪومت جي جلاد، تارا مسيح کي ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ لاءِ لاهور کان گهرايو ويو، هي سندس پيشو هو. سندس خاندان مهاراجا رنجيت سنگهه جي زماني کان وٺي موت جي سزا ڏيندڙ هو. ان وقت ان مسيح جي ماهوار پگهار 375 رپيا هئي. جڏهن ته کيس هر موت جي سزا لاءِ 10 رپيا اضافي ملندا هئا. جيل ۾ رهڻ دوران ڀٽو صاحب کي مسلسل مسوڙن ۾ سور رهندو هو. هڪ ڀيري جڏهن ڊاڪٽر نيازي جيل اندر لالٽين جي روشنيءَ ۾ ڀٽو صاحب جي ڏندن جو معائنو ڪري رهيو هو ته ڀٽو مذاق ڪندي چيو “تون به مون وانگر بدقسمت آهين، هڪ خوبصورت ڇوڪري تنهنجي ڪلينڪ ۾ تنهنجي مدد ڪري ٿي ۽ هتي تنهنجي مدد لاءِ هڪ قيدي آهي.” 2 اپريل 1979ع جي صبح جو بينظير ڀٽو پنهنجي بستري تي ليٽي پئي هئي، جڏهن اوچتو سندس ماءُ نصرت ڀٽو ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ چيو، “پنڪي گهر جي ٻاهران بيٺل سپاهي چئي رهيا آهن ته اسان ٻنهي کي اڄ تنهنجي پيءُ سان ملڻو آهي. ان جو ڇا مطلب آهي؟” بينظير پنهنجي سوانح عمري ڊائريز آف دي اِيسٽ ۾ لکي ٿي: “مون کي خبر هئي ته ان جو مطلب ڇا هو، منهنجي ماءُ کي به خبر هئي، پر اسان ٻئي ان کي قبول نه ڪري سگهياسين. ان جو مطلب صرف هڪ ئي هو: ضياءُ الحق منهنجي پيءُ کي مارڻ لاءِ تيار هو.” نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي شيورليٽ ڪار ۾ راولپنڊي جيل آندو ويو. تلاشي وٺڻ کانپوءِ انهن کي ذوالفقار علي ڀٽو جي سامهون آندو ويو. انهن جي وچ ۾ پنج فوٽ جو فاصلو رکيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو لکي ٿي، “منهنجي پيءُ پڇيو ته هن کي پنهنجي خاندان سان ملڻ لاءِ ڪيترو وقت ڏنو ويو هو؟ جواب اڌ ڪلاڪ هو.” منهنجي پيءُ چيو، “پر جيل جي ضابطن موجب، ڦاسي ڏيڻ کان اڳ پنهنجي خاندان سان ملڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ ملندو آهي،” پر آفيسر جواب ڏنو، “مون کي اهڙيون هدايتون مليون آهن ته توهان کي صرف اڌ ڪلاڪ ڏنو وڃي.” هو فرش تي گدي تي ويٺو هو. ڇاڪاڻ ته سندس سيل کانئس کسيو ويو هو.
بينظير ڀٽو وڌيڪ لکي ٿي، “هن اهي ڪتاب ۽ رسالا واپس ڪيا جيڪي مان کڻي آئي هئس.” هن ڪجهه سگار به واپس ڪيا جيڪي سندس وڪيل کيس ڏنا هئا. هو چئي رهيو هو ته هن شام لاءِ هڪ بچائي رکيو آهي. هو مون کي پنهنجي شادي جي منڊي ڏئي رهيو هو، پر منهنجي ماءُ کيس روڪيو. ٿوري دير کانپوءِ، جيلر آيو ۽ چيو ته ملاقات جو وقت ختم ٿي ويو آهي. بينظير چيو ته سيل کوليو مان پنهنجي پيءُ کي ڀاڪر پائڻ چاهيان ٿي، پر جيلر اجازت نه ڏني. بينظير وڌيڪ لکي ٿي، “مون چيو، مهرباني ڪري، منهنجو پيءُ پاڪستان جو چونڊيل وزيراعظم آهي ۽ مان سندس ڌيءَ آهيان، هيءَ منهنجي آخري ملاقات آهي ۽ مون کي کيس ڀاڪر پائڻ جو حق آهي، پر جيلر صاف انڪار ڪيو. مون چيو، “الوداع، بابا” منهنجي ماءُ سلاخن جي وچ ۾ هٿ وڌايو ۽ منهنجي پيءُ جو هٿ ڇهيو. اسان ٻئي جلدي ٻاهر نڪري آياسين. مون پوئتي ڏسڻ چاهيو، پر منهنجي همت ناڪام ٿي وئي. جيل سپرنٽينڊنٽ يار محمد کيس بليڪ وارنٽ پڙهي ٻڌايو، جيڪو هن خاموشيءَ سان ٻڌو. ذوالفقار علي ڀٽو سيل جي ٻاهران بيٺل گارڊ کي سڏيو ۽ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کي چيو ته موت کانپوءِ کيس منهنجي گھڙي ڏئي. 8:05 تي ڀٽو پنهنجي مددگار عبدالرحمان کي ڪافي آڻڻ لاءِ چيو. هن رحمان کي چيو ته جيڪڏهن مون توهان سان ڪنهن به طرح سان بدسلوڪي ڪئي آهي ته ان لاءِ مون کي معاف ڪريو. سپريم ڪورٽ پاران سندس رحم جي درخواست رد ڪرڻ کانپوءِ سندس استرو کڻي ويو ته جيئن هو ان سان خودڪشي نه ڪري سگهي. سلمان تاثير پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ڀٽو صاحب چيو، “مون کي ڏاڙهي ڪوڙڻ جي اجازت ڏني وڃي، مان مولوي وانگر مرڻ نٿو چاهيان.” رات جو 9:55 تي هن پنهنجا ڏند برش ڪيا، منهن ڌوتو ۽ پنهنجا وار ٺاهيا. پوءِ هو پنهنجي بستري تي هليو ويو. کيس 1:30 تي جاڳايو ويو. هن هلڪي بادامي رنگ جي شلوار قميص پاتي هئي. جيل اختيارين سندس ڪپڙا تبديل ڪرڻ تي زور نه ڏنو. جڏهن سيڪيورٽي اهلڪارن سندس هٿ پٺيان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن مخالفت ڪئي. آخرڪار انهن زبردستي سندس هٿ رسيءَ سان ٻڌي ڇڏيا. پوءِ کيس اسٽريچر تي ويهاريو ويو ۽ تقريبن 40 گز پري کڻي ويو. سلمان تاثير وڌيڪ لکي ٿو ته پوءِ ڀٽو صاحب پاڻ اسٽريچر تان هيٺ لهي ويو ۽ پاڻ ڦاهي گهاٽ ڏانهن هليو ويو. جلاد سندس چهرو ڪاري ڪپڙي سان ڍڪيو. سندس پير ٻڌل هئا. 2:04 وڳي جيئن مئجسٽريٽ بشير احمد خان اشارو ڪيو، جلاد تارا مسيح ليور کي ڇڪيو. ڀٽو جا آخري لفظ هئا فنش اٽ “ختم ڪر.”
35 منٽن کانپوءِ ڀٽو جي لاش کي اسٽريچر تي رکيو ويو. بينظير پنهنجي سوانح عمري ۾ لکي ٿي، “ممي جي ننڊ جون گوريون کائڻ جي باوجود، منهنجون اکيون ٺيڪ 2 وڳي کُليون ۽ مان زور سان رڙيون ڪيون. نه، نه منهنجو ساهه بند ٿي رهيو هو. ائين لڳو ڄڻ ڪنهن منهنجي ڳچيءَ ۾ ڦاهي وجهي ڇڏي هجي. پاپا، پاپا. منهنجي وات مان بس اهوئي نڪتو. سخت گرمي جي باوجود، منهنجي سڄي جسم ۾ ٿرٿلو مچي رهيو هو.” ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ، سينٽرل جيل جو اسسٽنٽ جيلر ان گهر ڏانهن ويو جتي نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي رکيو پيو وڃي. بينظير ڀٽو سان ملڻ تي سندس پهرين لفظ هئا، “اسان وزيراعظم سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار آهيون.” پر جيلر جو جواب هو، “هن کي دفنائڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا آهيون.” بينظير لکي ٿي، “مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن مون کي مُڪ هنيو هجي، مون رڙ ڪئي، تون هن کي سندس خاندان کانسواءِ دفنائڻ لاءِ ڪيئن وٺي وڃي سگهين ٿو؟” ان کانپوءِ جيلر ڀٽو جي سامان کي بينظير جي حوالي ڪيو.” بينظير ڀٽو لکي ٿي ته هن مون کي بابا جي شلوار قميص ڏني جيڪا بابا کي مرڻ کان پهريل هئي. پوءِ هن مون کي هڪ ٽفن باڪس ڏنو جنهن ۾ گذريل ڏهن ڏينهن کان هن کي کاڌو موڪليو پئي ويو. جيڪو هو نه کائي رهيو هو. هن مون کي پنهنجو بسترو ۽ چانهه جو پيالو به ڏنو. مون پڇيو ته سندس انگوٺي (منڊي) ڪٿي آهي؟ جيلر پڇيو ته ڇا هن وٽ انگوٺي (منڊي) به آهي. پوءِ هن خولي ۾ انگوٺي ڳولهڻ جو ڊرامو ڪيو ۽ پوءِ مون کي ڏني. جيلر چوندو رهيو ته سندس آخرت تمام پرامن هئي. مون سوچيو ته ڇا ڦاهي ڪڏهن به پرامن ٿي سگهي ٿي. جيئن ئي بينظير ڀٽو جي خانداني نوڪر بشير جي نظر ڀٽو صاحب جي شلوار قميص تي پئي، هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ياالله ياالله انهن اسان جي آقا کي ماري ڇڏيو! ۽ پوءِ سندس قاتل جنرل ضياءُ الحق عوام مٿان 11 سالن جي ڊگهي مارشل لا جو عذاب آندو، پر پوءِ به ڀٽو صاحب جي محبت دلين مان نه ڪڍي سگهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي دلين تي حڪمراني ڪري ٿو.