پاڪستان ۾ 13 اپريل کان شروع ٿيندڙ قومي انسدادِ پوليو مهم رڳو هڪ سرڪاري پروگرام ناهي، پر اها ملڪ جي مستقبل سان جڙيل هڪ اهم قومي ذميواري آهي. هن مهم دوران 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو پنهنجي نوعيت ۾ هڪ انتهائي وڏو ۽ ڏکيو چيلينج آهي۔ لڳ ڀڳ 4 لک کان وڌيڪ فرنٽ لائين پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي هن قومي فرض جي ادائيگي ڪندا۔ پوليو هڪ اهڙو موذي مرض آهي، جيڪو سدائين لاءِ معذوري جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔ دنيا جا اڪثر ملڪ هن بيماري تي مڪمل ضابطو آڻي چڪا آهن، پر پاڪستان ۽ افغانستان اڃا به انهن چند ملڪن ۾ شامل آهن جتي پوليو وائرس موجود آهي. 2025ع دوران پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 31 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 2026ع ۾ هينئر تائين رڳو هڪ ڪيس سامهون اچڻ اميد جوڳي اڳڀرائي ضرور آهي، پر اهو پڻ واضح ڪري ٿو ته خطرو مڪمل طور ختم ناهي ٿيو.
خاتونِ اول آصفه ڀٽو زرداري به عوام کان ڀرپور تعاون جي اپيل ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هن وقت پوليو جي خاتمي جي جنگ ۾ هڪ انتهائي اهم مرحلي تي بيٺو آهي، جتي هر ٻار تائين پهچڻ لازمي آهي. سندن چوڻ مطابق، جيستائين وائرس دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ موجود آهي، تيستائين اهو هر ملڪ لاءِ خطرو بڻيل رهي ٿو. هن مهم جي هڪ اهم خاصيت اها آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ساڳئي وقت مهم هلائي ويندي، جيڪا سرحد پار وائرس جي منتقلي کي روڪڻ لاءِ هڪ مؤثر حڪمت عملي آهي. خاص طور تي پاڪ-افغان بارڊر تي سخت نگراني ۽ ويڪسينيشن جي انتظامن سان وائرس جي پکيڙ کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جيڪو علائقائي تعاون جو واضح مثال آهي. ان مهم دوران ٻارن کي رڳو پوليو ويڪسين نه، پر وٽامن اي جون اضافي خوراڪون پڻ ڏنيون وينديون، جيڪي انهن جي مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائينديون. صحت جي ماهرن موجب وٽامن اي ٻارن جي مجموعي صحت لاءِ انتهائي ضروري آهي. اهڙي طرح هي مهم رڳو پوليو جي خاتمي تائين محدود ناهي، پر ٻارن جي مجموعي صحت کي بهتر بڻائڻ جي به ڪوشش آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا صرف حڪومت ۽ صحت جا ادارا هن مهم کي ڪامياب بڻائي سگهن ٿا؟ يقيناً ائين ممڪن ناهي. ماضي ۾ ويڪسينيشن بابت غلط فهميون، افواهون ۽ مزاحمت وڏي رڪاوٽ بڻيون آهن. ڪڏهن مذهبي غلط تشريحات ته ڪڏهن سيڪيورٽي خدشا پوليو ورڪرز لاءِ خطرو بڻجن ٿا، ۽ ڪيترن ئي ورڪرز پنهنجي جانين جو نذرانو پڻ پيش ڪيو آهي. ان حوالي سان هن ڀيري حڪومت پاران هڪ اهم قدم کنيو ويو آهي، جنهن تحت پوليو ورڪرز کي سيڪيورٽي لاءِ “سيف سٽي” نظام سان منسلڪ ڪيو پيو وڃي، جتي سندن لوڪيشن ۽ حرڪتن کي مانيٽر ڪيو ويندو. اهڙا قدم نه رڳو ورڪرز جي تحفظ کي يقيني بڻائيندا، پر مهم جي اثرائتي عملداري ۾ به مددگار ثابت ٿيندا.
اهڙي صورتحال ۾ والدين، مذهبي اڳواڻن، مقامي برادرين ۽ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم ٿي وڃي ٿو. ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ، غلط فهميون ختم ڪرڻ ۽ پوليو ويڪسين جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. والدين کي گهرجي ته هو هر مهم ۾ پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين ۽ معمول جي ويڪسينيشن به مڪمل ڪرائين. ساڳئي وقت حڪومت لاءِ ضروري آهي ته اها صحت جي بنيادي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي، خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ سهولتون بهتر ڪري ۽ عوام جو اعتماد حاصل ڪري. جيستائين عوام جو ڀروسو حاصل نه ڪيو ويندو، تيستائين اهڙيون مهمون مڪمل ڪاميابي حاصل نٿيون ڪري سگهن. آخر ۾ اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته پوليو خلاف جنگ رڳو حڪومت جي ذميواري ناهي، پر هر شهري جو قومي فرض آهي. پوليو جو خاتمو رڳو صحت جو مسئلو ناهي، پر اهو قوم جي شعور، ذميواري ۽ گڏيل عزم جو امتحان آهي. جيڪڏهن اسان واقعي چاهيون ٿا ته ڪو به ٻار هن موذي بيماري کان متاثر نه ٿئي، ته پوءِ اسان سڀني کي گڏجي هن مهم کي هر صورت ۾ ڪامياب بڻائڻو پوندو.