خاصنئون

آمريڪا پاران پاڪ ڀارت ڪرتارپور راهداري منصوبي کي ڀليڪار

آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مورگن اورٽيگس هفتيوار نيوز بريفنگ جي دوران پاڪ ڀارت ڪرتارپور راهداري کي ڀليڪار ڪيو آهي. آمريڪا جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت عوامي رابطي کي وڌائڻ جي حمايت ٿو ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ مورگن چيو ته عمران خان آمريڪا جو دورو ڪرڻ وارو آهي. واضح رهي ته هڪ هفتو اڳ آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان عمران خان جي دوري بابت بيان ڏنو هو ته عمران خان جي دوري بابت اسان کي ڪابه خبر نه آهي.