ايران پاران 17 آمريڪي جاسوس پڪڙن جي دعويٰ
ايران جي سرڪاري ٽي وي چينل تي نشر ٿيل هڪ خبر مطابق ايران جي خفيا فورسن تهران ۾ آمريڪا جي جاسوسن جي هڪ نيٽ ورڪ کي پڪڙڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. ايران جو چوڻ آهي ته هن آمريڪا جا 17 جاسوس گرفتار ڪيا آهن. ايراني ٽي وي پاران چيو ويو آهي ته گرفتار ٿيل ملزم حڪومتي حساس ادارن ۾ ملازمت ڪرڻ سان گڏ معيشت، ايٽمي، عسڪري ۽ سائيبر فورس سان لاڳاپيل هئا ۽ اهي آمريڪا ۾ موجود سي آءِ اي جي آفيسر کي خفيا معلومات رسائيندا رهندا هئا. ٽي وي چينل مطابق سڀني ملزمن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي انهن مان ڪجه کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. جڏهن ته انهن جا نالا ۽ تعداد ظاهر نه ڪيا ويا آهن.

