پيپلز پارٽي جي سينيٽر روبينا خالد تي فرد جرم لاڳو
احتساب عدالت اسلام آباد جي جج محمد بشير لوڪ ورثو ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي ۾ پيپلز پارٽي جي سينيٽر روبينا خالد ۽ لوڪ ورثي جا اڳوڻا آفيسر تابنده اظفر، مظفر الاسلام ۽ محمد شفيع پيش ٿيا. عدالت پاران سڀني ملزمن تي فرد جرم لڳائي ڇڏي وئي. جڏهن ته سڀني ملزمن پاران ڏوهه جي صحت کان انڪار ڪيو ويو. عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي 4 سيپٽمبر طلب ڪري ورتو. واضح رهي ته ملزمن تي لوڪ ورثي جي فنڊن ۾ خود برد ۽ قومي خزاني کي 30 ملين جو نقصان پهچائڻ جا الزام آهن.

