برطانوي شاهي جوڙي پاران ملڪ اندر دورا شروع
برطانيه جو شهزادو وليم ۽ سندس زال شهزادي ڪيٽ مڊلٽن ڪالهه اسلام آباد پهچي ويا. ايئرپورٽ تي شاهه محمود قريشي سندن استقبال ڪيو. شاهي جوڙي سان گڏ سندن ٻار نه آيا آهن. ان کان علاوه صبح جو شاهي جوڙي هڪ اسڪول جو دورو به ڪيو، جنهن بعد مهمان جوڙو هڪ اداري جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان علاوه پاڪستان مانيومينٽ تي منعقد تقريب ۾ به شرڪت ڪندو.

