خاصنئون

سنڌ اسيمبلي ۾ سي جي لنڪ ڪينال تي بجلي گهر جي اڏاوت خلاف ٺهراءُ منظور

ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس آغا سراج دراني جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ارسا پاران سنڌ جي مخالفت باوجود چشمه جهلم لنڪ ڪينال تي پاور پلانٽ جي اين او سي ڏني وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سي جي لنڪ ڪينال هڪ فلڊ ڪئنال آهي ان کي صرف ان وقت کولي سگهجي ٿو جڏهن انڊس ۾ سر پلس پاڻي هجي ان کانسواءِ ان کي نٿوکولي سگهجي. جڏهن ته ان ڪينال تي پاور پلانٽ ٺاهي سنڌ سان زيادتي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته مان هن حوالي سان وزيراعظم کي ٽي خط لکي چڪو آهيان، پر انهن خطن جو ڪوبه جواب نه مليو آهي. ياد رهي ته 18 آڪٽوبر تي ارسا ٽن صوبن جي ميمبرن جي منظوري بعد سي جي لنڪ ڪينال تي 40 ميگا واٽ واري پاور پلانٽ لاءِ اين او  سي جاري ڪئي هئي. جنهن بعد اسيمبلي ۾ چشما لنڪ ڪينال تي پاور پلانٽ جي اڏڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.