سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف کي سزاءِ موت جو حڪم

خصوصي عدالت آرٽيڪل 6 جي تحت ملڪ سان غداري جو جرم ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف جنرل (ر) پرويز مشرف کي سزاءِ موت جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ جسٽس وقار احمد سيٺ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني خصوصي عدالت اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي پراسيڪيوٽر علي ضياءُ باجوه عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ حڪومت جي پاران پرويز مشرف خلاف فرد جرم ۾ ترميم جي درخواست داخل ڪئي.
حڪومت سنگين غداري ڪيس ۾ وڌيڪ ماڻهن کي ملزم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪندي شوڪت عزيز، عبدالحميد ڊوگر ۽ زاهد حامد کي ملزم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي. پراسيڪيوٽر چيو ته سڀني ملزمن جو ٽرائل گڏ ٿيڻ ضروري آهي. پرويز مشرف جي سهولتڪارن ۽ ساٿين کي به ملزم ڄاڻائڻ گهرجي.
