ڪوئيٽا ۾ احتجاج دوران ڌماڪو، ٻن پوليس اهلڪارن سميت 8 ڄڻا شهيد

ڪوئيٽا ۾ شاهراهه اقبال تي پريس ڪلب ڀرسان احتجاج دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي 7 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. ڌماڪي کانپوءِ سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ۽ اسپتال جي ترجمان وسيم بيگ جو چوڻ هو ته 18 زخمي آندا ويا آهن، ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهنڪري فوتين جي انگ ۾ اضافي جو خدشو آهي. ڊي آءِ جي ڪوئيٽا عبدالرزاق چيما 8 ڄڻن جي مارجڻ ۽ زخمين جي تصديق ڪندي چيو ته ڌماڪو آپگهاتي لڳي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان سميت سياسي اڳواڻن پاران مذمت ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي وئي
