گرين پاڪستان پروگرام جو ڪم تيز ڪيو وڃي: ناصر حسين شاهه

سنڌ جي اطلاعات، بلديات، ٻيلي کاتي ۽ مذهبي معاملن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ گرين پاڪستان پروگرام جي حوالي سان سندس آفيس ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ پروگرام جي حوالي سان ڪيل اپائن جي حوالي سان تفصيلي جائزو ورتو ويو، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته گرين پاڪستان پروگرام جي حوالي سان ڪم کي تيز ڪيو وڃي. ان ۾ ايندڙ سموريون رنڊڪون ختم ڪيون وڃن. گڏجاڻي ۾ لياري ندي جي ڪناري دنيا جي سڀ کان وڏي شهري وڻڪاري جي ڪمن جو به جائزو ورتو ويو. ناصر شاهه چيو ته شهري ماحول جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي غلطي يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. سمورن بلدياتي ادارن کي مڪمل سپورٽ ڪرڻ سان گڏ لڳايا ويندڙ ٻوٽا عوام کي نظر اچڻ گهرجن. واهن ۽ شاهراهن جي ڪنارن تي به وڻڪاري ڪئي وڃي
