ڪراچي ۾ پي ايس ايل ميچون ڏسندڙن بغير ڪرائڻ جو اعلان

ڪورونا وائرس جي ڦھلجڻ جي خدشي سبب وڏي وزير تماشائين جي اسٽيڊيم اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آھي. فقط ٽيمون ۽ ضروري عملو اسٽيڊيم ايندو، شوقين گھرن ۾ ويھي ٽي وي تي ميچ ڏسندا، تماشائين کي ورتل ٽڪيٽن جا پئسا واپس ڪيا ويندا. مراد علي شاھ ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون. جاري ڪيل بيان ۾ ھن وڌيڪ چيو ته اھا ھڪ خطرناڪ صورتحال آھي ته تماشائين کي ميچ ڏسڻ لاءِ ميڙاڪي جي اجازت ڏني وڃي. اسان ھر ھڪ کي خطري ۾ نٿا وجھي سگھون، تنھنڪري ميچون تماشائين بغير ئي ٿينديون. ھن اھو فيصلو وزير اعليٰ ھائوس ۾ ڪورونا وائرس بابت ٽاسڪ فورس اجلاس دوران ڪيو. ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي چيو ته اسٽيڊيم ۾ وڏي اجتماع جي اجازت ڏيڻ سبب ڪورونا ڦھلجڻ جو وڌيڪ خطرو آھي. ھن ڪمشنر کي ھدايت ڪئي ته ميچن جو انتظام بغير تماشائين جي ڪيو وڃي ۽ ھو ان فيصلي بابت پي سي بي عملدارن کي به آگاھ ڪري
