خاص

ماسڪ ۽ سينيٽائيزر جا اگهه وڌائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

واپارين توڙي هولسيلرن سان گڏجاڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد عائشه ابڙو چيو ته طبي سامان ۽ کاڌ خوراڪ جون شيون سرڪاري قيمتن موجب وڪرو ڪيون وڃن. هن واپارين ۽ هول سيلرن کي خبردار ڪندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ سرجيڪل ماسڪ، سينيٽائيزر ۽ ٻئي حفاظتي سامان جي مقرر ڪيل اگهن تي وڪري کي يقيني بڻايو وڃي. ٻي صورت ۾ ضلعي انتظاميه جا عملدار اوچتو دورا ڪري ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪندا. هن چيو ته سموري واپاري برادري کاڌ خوراڪ وارين شين ۽ طبي سامان جي ذخيري بابت تفصيل جمع ڪرائين. گڏجاڻي ۾ لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي