خاص

ترقياتي منصوبن ۾ نقصان جو الزام: پرويز الاهي ۽ ٻين خلاف نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي

نيب گجرات ۽ منڊي بهاءُالدين جي ترقياتي منصوبن ۾ حڪومت کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچائڻ جي الزام ۾ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي، سندس پٽ مونس الاهي ۽ ٻين خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب طرفان سيڪريٽري سي اينڊ ڊبليو کي لکيل خط ۾ گجرات ۽ منڊي بهاءُالدين جي مالي سال 2022-23 جي تعميراتي ٺيڪن، ترقياتي منصوبن جي ٽينڊرن، ادائيگين، پرفارمنس، گارنٽي ۽ ڪم جي معيار جا تفصيل 14 اپريل تائين طلب ڪيا ويا آهن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيب ٽينڊرن ۾ قانون جي ڀڃڪڙي، وقت کان اڳ ادائيگين، ڪروڙين روپين جي ڪميشن سميت ٻين الزامن جي جاچ ڪري رهيو آهي. پرويز الاهي، مونس الاهي ۽ علي افضل ساهي تي قومي ناڻي کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.