ادب

آرٽيڪلادببلاگتاريخسماجيات

مهتاب اڪبر راشدي جون ادبي خدمتون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

“کل جي هيءَ جوالا مکي جنهن مان ٽهڪڙا ٽانڊن جيان ٻھ ٻھ ڪندا آهن. پنهنجي کل تي کوڙن کي کامائيندي آهي ڪن کي مُشڪائيندي آهي ۽ ڪجھ کي ان کل تي کلائيندي آهي، بهرحال پاڻ جيئن آهي تيئن ئي آهي. هوءَ فقط ٽهڪڙا نه آهي، منجهس اعتماد آهي، ادائگيءَ جو حسن آهي. فن آهي فڪر آهي. سندس فڪر ۾ سمنڊ جي گهرائي نه سهي، پر گفتار ۾ دريائن جي رواني آهي.”

Read More
ڪهاڻيوننئون

ڪھاڻي: لڙڪن جو سمنڊ

عيني؟ ھون،
تون ڇا ٿي سمجھين ته آئون توسان دوکو ڪري رھيو آھيان فريب ڪري رھيو آھيان..!؟
“مون ته ائين ڪونه چيو” عيني منھن تي آيل وارن جون چڳون هٽائيندي چيو. پوءِ ھيءَ ھيڏي وٿي ڇو؟ عيني ڇو؟ ھيءَ ھيڏي وڏي فيصلي تي به تون ماٺ ڇو. مون روئڻهارڪي آواز مان عيني کان پڇيو.

Read More
ڪهاڻيوننئون

ريخته ڪهاڻي: هڪڙي چاٻي

اڄ صبح کان وٺي، ٽيون دفعو ايئن ٿيو ھو جو پرس مان ڪجھ ڪڍندي، سندس پوئين گهر جي چاٻي ھٿ ۾ چڙهي پئي آئي… سڌير جي گهر جي.
سڌير کي ڇڏئي، سال ٿيڻ وارو ھئس يا ٿي ويو ھئس. ليڪن اڃان تائين به پرس جي کٽ کوٽ ڪندي، اگر اھا چاٻي سندس ھٿ کي لڳندي آهي ته سندس دل چوندي آھي ته ٽيڪسيءَ جو رخ، اوڏانھن ڦيرائي ڇڏي. چئي ڇڏي ٽيڪسيءَ واري کي ته؛ “ايڏانھن نه، ھيڏانھن ھل! مون ھاڻي ھاڻي، مڙس مٽي ڇڏيو آھي.”

Read More
ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ساحر صاحب (حصو پهريون)

ڪراچيءَ جي هڪ پوش علائقي جي هڪ مشهور ڪلب جي ڪشادي هال جي ڪنڊائتي ٽيبل ڏانهن چاليهه سالن جو ساحر احمد هلندو آيو ۽ ڪاري رنگ جي گول ڪرسي ڇڪي ان تي ويهي ٽيبل جي چمڪندڙ شيشي ۾ پنهنجو منهن ڏسڻ لڳو. هن پنهنجي شيو ٿيل منهن جو عڪس ڏٺو ته منهن تي مرڪ اچي ويس. خبر ناهي اهو ڪمال هال ۾ چمڪندڙ لائيٽن جو هو يا سچ به هن جي منهن ۾ هوريان هوريان نور موٽي رهيو هو. گذريل ٻن سالن کان جڏهن کان هو ڪلب جو ميمبر ٿيو هو هن ئي ڪنڊائتي ٽيبل تي ئي ويهڻ لڳو هو ۽ هاڻي اسٽاف اها ٽيبل هن لا ريزرو ڪري ڇڏي هئي.

Read More
بلاگڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: چڪ نمبر اوڻونجاهه

ڪوٽ راڌا ڪرشن جي ڳوٺ چڪ نمبر اوڻونجاهه جون هوائون هميشه جيان دونهاٽيل، دونهاٽيل هيون، هو کٽ تي ليٽيل هو ڳڻتي ۾ ورتل، هيسيل، بت بخار ۾ ورتل ان ڏينهن جيان جنهن ڏينهن تي شمي ۽ شهزاد کان سڀ جدا ڪيا ويا، اهو منظر سندس اکين ۾ پيل ڪک هو، ان ڏينهن به ڳڻتي ڳارو ۽ مٿان واري جي بخار کيس نيستو ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري بٺي تي ڪين ويو هو، بٺو گهر کان سڏ پنڌ تي هو، ان ڪرت ۾ سڀ گهر ڀاتي ڀاڱيوار هئا، گهر جو هر هڪ ڀاتي قرضي هو، هن پاسو ورايو بدن مان سور جا ٽڙڪاٽ نڪري ويس، اکيون بند هئس، اکين ۾ ڪک چڀڻ لڳس، اوچتو رڙين تي اک کلي پيس، شمي جي ماءُ فقيري ڏي وڌندي ٿي آئي منهن ۽ مٿي کي ڌڪ هڻندي دانهن ڪئي، اُٿ فقيرا ٺيڪيدار ۽ ان جا ساٿي شمي ۽ شهزاد کي باهه ۾ جيئرو ساڙڻ لاءِ کوري ڏانهن وٺي پيا وڃن،

Read More
خاصنئونناول

سمرقند (قسط پنجٽيهين)

شيرين مون کي ان دستاويز جو نقل موڪليو هو- اڃان تائين مون وٽ موجود آهي ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن ان کي دل وندرائڻ جي لاءِ ڏسندو آهيان- ان ۾ لڳ ڀڳ 40 کن مردن ۽ عورتن کي ترڪي، جاپاني ۽ آسٽرين لباس پاتل ڪنهن باغ ۾ وڻن جي هيٺان وڇايل غاليچن تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي- تصوير جي ان حصي ۾ جنهن تي سڀ کان پهرين نظر ٿي پوي ان ۾ موسيو نائوس نظر اچي رهيو آهي، پنهنجي اڇي ڏاڙهي ۽ ڪجهه اڇن ۽ ڪارن وارن جي کچڙي ٿيل مُڇِن ۾ هو سڀن کان ڌار ۽ ممتاز نظر اچي رهيو آهي ايترو جو ڪوبه آسانيءَ سان کيس پرهيزگار مذهبي پيشوا چئي سگهي ٿو- تصوير جي پٺيان شيرين لکيو هو: “ايترن گهڻن ڏوهن کانپوءِ به سزا کان بچيل، معمولي ڏوهه تي شرعي سزا يافتا-”

Read More
ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: اداس مُرڪ

هوءَ مسلسل کڙڪيءَ ڀر سان بيٺي هئي۔ بلڪل اداس ۽ ملول۔ اک آسمان ۾ کُتل هُئس. ڄڻ پروردگار سان خاموش شڪايت ڪندي هجي۔ ڄڻ آسمان تي ڪا مبهم تحرير پڙهندي هجي، پر آسمان تي ته ستارن جي تحرير لکيل هئي۔ تارن جي ڪڙيءَ ۾ تقدير جي تحرير کي ڪيئن ٿو پڙهي سگھجي۔ ڪاتب تقدير ته جيڪو لکيو آهي سو ته لوح قلم ۾ محفوظ آهي۔ جنھن کي نه پڙھي سگھجي ٿو نه ئي ان تحرير کي مٽائي سگھجي ٿو۔ هوءَ جيڪا تحرير آهي سا ته پٿر تي لڪير آھي، اٽل آهي، اڻٽر آهي۔

Read More
ادبشاعرينئون

شاعري

وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
مٽيءَ جو رهي موھ ٿو ساھ ۾
جيئن ڪُن ڪَڙڪاٽ درياھ ۾
تيئن نيٺ سُهڻي به تَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
وطن جي مُحبت نه مَرندي ڪڏهن
رهي جُهور ڀي ٿي جوانن جيان
اَٽل آ سدا آسمانن جيان

Read More
ڪهاڻيوننئون

ريخته ڪهاڻي: حج اڪبر

منشي صابر حسين جي ڪمائي ٿوري ۽ خرچ وڏو ھو. پنھنجي ٻچڙي لاءِ، آيا رکڻ ڳرو پئي لڳس. ليڪن ھڪ ته ٻارڙي جي صحت جي ڳڻتي ۽ ٻيو پنھنجي برادريءَ کان گهٽ ٿي رھڻ واري خواريءَ، اھو خرچ برداشت ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌس. ٻار به آيا سان ريڌل ھو.

Read More
ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: بدلو

سفر ڪيڏو به آرامده هجي، سفر آخر سفر آهي ۽ انسان کي ٿَڪائي ٿو. سو جيئن ئي وڏي گهر پهتس ته چاچيءَ ۽ سئوٽ شاهنواز سان ملي وڃي ڪمري ۾ آرامي ٿيس. جهٽ ۾ ننڊ کڻي وئي. شام جو جڏهن اَکِ کُلي ته ٻاهر اڳڻ ۾ آيس.

Read More