نئون

بلاگنئون

ڊائري جا ورق

مان هاڻ عمر جي ان حصي ۾ پهچي چڪو آهيان، جتان کانپوءِ نوجواني جي حد ختم ٿي، پيري وارو دور شروع ٿو ٿئي. 38 يا 40 سالن تي پهچي ويو آهيان ۽ هاڻ مان ڏسي رهيو آهيان ته منهنجو جسم، عضوا ۽ وار به جواني جا آثار ڇڏڻ لڳا آهن. ڏاڙهي ته اڌ کان مٿي اڇي ٿي چڪي آهي. هاڻ جسم ۾ اها طاقت به ڪانه رهي آهي. محنت واو معمولي ڪم به سهڪايو ڇڏي. ٻه چار ڀيرا مُڇن کي خضاب جو رنگ لڳايم، پر پوءِ اهو سڀ مونکي فضول لڳو ۽ ڇڏي ڏنم. سوچيان ٿو ته وقت کي روڪڻ واري ڪوشش اجائي آهي.

Read More
بلاگنئون

فقير محمد سنڌيءَ سان ٻالڪ ادب بابت ڳالھ ٻولھ…!

فقير محمد سنڌي 7 جنوري 1983ع تي لاڙڪاڻي ۾ دين محمد جي گهر جنم ورتو. ايم اي سنڌي ادب 2006ع ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. بنيادي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. ديني تعليم ۾ مولوي، عالم ۽ فاضل جو امتحان 1998ع تي پاس ڪيائين ۽ درس نظاميءَ جو ڪورس 1995ع کان 2001ع تائين مدرسه عربيه جيلاني لاڙڪاڻي مان فارغ التحصيل سان ڪيو.

Read More
ڪتاب تي تبصرونئون

ڪتاب تي تبصرو: ”انڊلٺي پيچرا“ جو اڀياس

شاعري خاص ڪري ٻن موضوعن تي تمام گهڻي لکي وڃي ٿي، جيڪي موضوع خاص آھن، انهن ۾ حب الوطني ۽ رومانيت هي ٻه موضوع اهڙا آھن جن تي سڀ کان وڌيڪ شاعري ٿي آھي/ٿئي ٿي. رومانيت سان گڏ حب الوطني ۽ حب الوطني سان گڏ رومانيت شاعريءَ جا سگهارا موضوع رهيا آھن.

Read More
بلاگنئون

ڪهاڻي: خزانو

امداد الله وڏيرو چڱن جريبن جي ٻنيءَ جو مالڪ هو، پر سندس حوَس پوري نه ٿيندي هئس، منجھس صبر ۽ قناعت بلڪل نه هئي، هميشه پنهنجي ٻنيءَ جي ٽڪر ۽ پئسن کي وڌائڻ جا منصوبا پيو ٺاهيندو هو، جيڪي وٽس هو انهيءَ تي صبر ۽ شڪر جي بدران پيو چوويهه ڪلاڪ گھاٽ گھڙيندو هو.

Read More
بلاگنئون

2 محرم کان 9 محرم تائين جا مختصر واقعا

شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن ڪربلا جي زمين تي تشريف فرما ٿيا، اهلبيت جا خيما درياءِ فرات جي ڪناري نصب ڪرايائون، پر حضرت غازي عباس علمدار غصي ۾ اچي ويو ۽ حر سان لڙائي لئه تيار ٿي ويو، پر شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چوڻ تي صبر ڪيائون ۽ خيما درياءَ جي 3 يا 4 ميلن جي مفاصلي تي کوڙيا ويا، شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جنهن تي خيما نصب ڪرڻ جو فرمايو اها زمين خريد ڪيائون.

Read More
بلاگنئون

افغان رياست جو نظريو

ڀلا افغان رياست جو نظريو ڇا آهي؟ افغان رياست جا رياستي عنصر ۽ مضبوط ٿنڀا ڪهڙا آهن جن تي اها رياست انحصار ڪري ٿي؟ مذهبي ٽولي هجڻ جي باوجود به اهڙي ڪهڙي اڻوڻت يا رڪاوٽ آهي جنهن جي ڪري رياست ترقي نٿي ڪري سگهي؟ انهن وٽ اهي الهامي برڪتون ۽ چاهتون نٿيون لهن، انهن جا ماڻهو اڃان تائين بکون ٿا ڪاٽين، اهي دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي نٿا هلي سگهن، انهن وٽ لٽريسي ريٽ گھٽ آهي، انهن وٽ خوشحالي ناهي،

Read More
ڪهاڻيوننئون

ريخته ڪهاڻي: حج اڪبر

منشي صابر حسين جي ڪمائي ٿوري ۽ خرچ وڏو ھو. پنھنجي ٻچڙي لاءِ، آيا رکڻ ڳرو پئي لڳس. ليڪن ھڪ ته ٻارڙي جي صحت جي ڳڻتي ۽ ٻيو پنھنجي برادريءَ کان گهٽ ٿي رھڻ واري خواريءَ، اھو خرچ برداشت ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌس. ٻار به آيا سان ريڌل ھو.

Read More