ايڊيٽوريلنئون

اسرائيل جو ايران تي حملو هڪ امن پسند ملڪ جي خلاف جارحيت ۽ ڏوهه آهي

            اسرائيل ايران جي جوهري تنصيبات ۽ ميزائل فيڪٽرين کي نشانو بڻايو آهي. جمعي جي ڏينهن ايران تي وسيع پئماني تي ٿيل حملن ۾ انهيءَ جي جوهري تنصيبات، ميزائل فيڪٽرين کي نشانو بڻايو ويو آهي. انهيءَ حملي ۾ ايران جي اهم فوجي  رهنمائن سان گڏ اعليٰ جوهري سائنسدان شهيد ٿيا آهن. ايران جواب ۾ اسرائيل تي 100 کان مٿي ڊرونن سان جوابي حملو ڪيو آهي.

            خطي ۾ جنگ جو ماحول هميشه اسرائيل پيدا ڪيو آهي. اسرائيل پنهنجي قيام جي ڏينهن کان وٺي جنگي جارحيت ۽ جرم جي هڪ وڏي تاريخ پئي رکي آهي. اردن کان وٺي مصر تائين ۽ مصر کان وٺي شام تائين سڀني اسلامي ملڪن سان هن جنگيون ڪيون آهن.

            فلسطيني سرزمين تي قبضي کانپوءِ اتي جي باشندن کي حق ڏيڻ بدران 57 هزار کان مٿي ماڻهو شهيد ڪيا آهن. ڪنهن به ملڪ کي ڪنهن به قوم جي نسل ڪشي جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. اقوام متحده ۽ دنيا جي ضمير کي غزه جي ماڻهن جي شهادتن تي جاڳڻ گهرجي ها، پر ائين نه ٿيو. جارحيت ۽ جنگي جنون برادر اسلامي ملڪ ايران تي حملي ۾ بدلجي ويو.

            ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي انهيءَ بزدلاڻه حملي کانپوءِ پنهنجي يقين جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو آهي ته اسرائيل ايران جي خلاف جرم ۾ پنهنجو خوني هٿ کولي ڇڏيو آهي. هن کي پنهنجي لاءِ هڪ تلخ انجام جو انتظار ڪرڻ گهرجي. اسرائيل کي پنهنجي ڏوهه تي سخت ترين سزا ڏني ويندي. انهيءَ حملي ۾ نطنز جي علائقي ۾ جوهري تنصيبات تي حملي جي بين الاقوامي جوهري توانائي ايجنسي تشويش جو اظهار ڪيو آهي.

            انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي (IAEA) جي سربراهه رافيل ميريانو گروسي چيو آهي ته اهو حملو گهري ڳڻتيءَ جو سبب آهي. سندس بيان مطابق جوهري تنصيبات جي حفاظت ضروري آهي ۽ انهن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري ڪنهن به فوجي ڪارروائي ايران ۽ خطي جي ٻين ملڪن ۽ انهيءَ کان به پري ٻين ملڪن جي ماڻهن لاءِ سنگين نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

             ايران سدائين عالمي راءِ عامه ۽ بين الاقوامي جوهري توانائي ايجنسي کي اهو يقيني ڏياريندو رهيو آهي ته ان جا جوهري تجربا پرامن مقصدن لاءِ آهن ۽ ايران ڪوبه بم نه ٺاهي رهيو آهي ۽ بين الاقوامي ادارا ۽ ٻيا ملڪ اهو يقين رکن ٿا ته ايران يورينيم جي تجربن ۾ انهيءَ حد تائين نه پهتو آهي جو اهو ايٽم بم ٺاهي سگهي، پر مغربي دنيا ۽ اسرائيل ڪو نه ڪو بهانو ڪري برادر اسلامي ملڪ ايران جي خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن.

            آمريڪا وقت بوقت ايران تي پابنديون مڙهيندو رهيو آهي. انهيءَ جي تيل جي واپار ۽ ڊالر تي پابنديون به بين الاقوامي آزاد واپار واري اصول جي خلاف آهن. جيئن ته ايران خطي جو طاقتور ترين ملڪ آهي، گڏوگڏ تيل ۽ گيس جا وڏا ذخيرا رکندڙ ملڪ به آهي. تيل پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ ايران جو وڏو معيار ۽ مقام آهي.

             هن حملي ۽ جنگي جارحيت جي خلاف سڄي دنيا جا ملڪ ايران سان گڏ آهن. اسلامي ملڪن اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪئي آهي، جن ۾ سعودي عربيه، قطر، امارات، اردن، ترڪيه، عمان ۽ پاڪستان شامل آهن ۽ ايران کي حمايت جو يقين ڏياريو آهي. پاڪستان جي وزيراعظم ميان شهباز شريف ايران تي اسرائيل جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. انهيءَ پنهنجي بيان ۾ اسرائيلي حملي ۾ نقصانن تي ايران جي عوام سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته خطرو اهو آهي ته انهيءَ حملي کانپوءِ خطو ۽ وچ اوڀر وڌيڪ غير مستحڪم ٿي ويندو.

            وزيراعظم چيو آهي ته عالمي برادري ۽ اقوام متحده ڪشيدگي وڌيڪ روڪڻ لاءِ قدم کڻي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته عالمي امن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ متوازن ملڪ آهي. اسرائيلي حملي جي خلاف سينيٽ ۾ قرارداد پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ اسرائيل تي بين الاقوامي قانونن ۽ اقوام متحده جي ڪنوينشن جي خلاف ورزي کي اسرائيل جو قدم جنگي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.

             سينيٽ جي اها قرارداد ايوان منظور ڪري ورتي. اسرائيل کي ياد رکڻ گهرجي ته دنيا جا سڀ ملڪ انهيءَ حملي کي ڏاڍائي ۽ ناجائز سمجهن ٿا. اسرائيل کي برادر اسلامي ملڪ تي انهيءَ جارحيت ۽ حملي تي معافي وٺڻ گهرجي. اسرائيل سميت سڄي دنيا جي ملڪن کي امن لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. دنيا کي عالمي امن جي ضرورت آهي.