محترم جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آڪٽوبر جي 25 تاريخ تي پنهنجو مدو پورو ڪري رٽائر ٿي رهيو آهي. نئين چيف جسٽس جو انتخاب ٿي چڪو آهي، جنهن جو نالو جسٽس يحيٰ خان آفريدي آهي. پاڪستان جي آئين ۾ پارليامينٽ کي حق مليل هو ته ججن جو تقرر ڪري ۽ ججن جو احتساب ڪري. ڇو ته پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي ۽ جمهوريت جو مقصد عوامي حڪومت هوندي آهي، عوامي نمائندن جو اختيار آهي ته ڪنهن مناسب ۽ معتبر ماڻهو کي، لائق ۽ فائق ماڻهو کي وڏين اختيارين وارين پوسٽن تي ويهاري ته جيئن هو واپسي ۾ عوام جي لاءِ انصاف، تحفظ، امن ۽ روزگار جو بندوبست ڪري سگهن.
جڏهن بادشاهتون هونديون هيون ان وقت انصاف ڪرڻ وارن قاضين جو انتخاب بادشاهه پاڻ ڪندو هو، ڇو ته ان وٽ حق حڪمراني موجود هو. بادشاهتون ختم ٿيون آهن پوري دنيا ۾ جمهور جو راڄ آهي، ڪٿي گهٽ آهي ڪٿي وڌيڪ آهي، ڪٿي نالي ماتر ئي سهي عوامي حڪومتون قائم ٿيل آهن. حڪومت عوام جا نمائندا جن کي عوام چونڊي ٿو اهي ٺاهين ٿا. 1973ع جي آئين ۾ ۾ شق نمبر 175 جي پهرين سب ڪلاز ۾ اهو ئي لکيل هو ته چيف جسٽس جو انتخاب حڪومت ڪندي. ظاهر آهي ته جيڪو انهيءَ پوزيش جو اهل هوندو جيڪو سپريم ڪورٽ جو جج هوندو جنهن جي مٿان ڪو الزام نه هوندو ان کي ئي حڪومت ايڏي وڏي منصب تي ويهاريندي. اهو اختيار حڪومت وٽ ته نه هوندو ته ڪنهن راهه هلندي ماڻهو کي کڻي اچي چيف جسٽس آف پاڪستان ڪري، پر پوءِ آمرن ۽ انهن جي ساٿاري ججن عوامي نمائندن کان اهو حق کسي ورتو. جسٽس افتخار چوڌري آئين ۾ هٿرادو تشريح ڪندي اهو فيصلو ڪيو ته سينيارٽي جي بنياد تي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿيندو. انهيءَ نظريي کي تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ ججن جي سپريم ڪورٽ اندر مقرري اهڙي نموني ڪئي وئي ته ايندڙ مستقبل ۾ هر ڪنهن کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪهڙي مدي ۾ ۽ ڪهڙي وقت ۾ ڪهڙو چيف جسٽس آف پاڪستان هوندو. ارڙهين ترميم جڏهن ڪئي وئي ته اهو حق واپس پارليامان کي ڏنو ويو هو، پر ان وقت به افتخار چوڌري زور زبردستي ڪري 19 هين ترميم منظور ڪرائي ۽ اها ساڳي ريت قائم رکي وئي. اسان ڏٺو ته افتخار چوڌري هجي، آصف کوسا هجي، ثاقب نثار هجي، گلزار هجي يا عمر عطا بنديال هجي انهن جيئن آئين ۽ قانون سان راند کيڏي ان جو هڪ ننڍو مثال اسان کي موجوده سپريم ڪورٽ جي اٺن ججن طرفان نظر آيو. انهن آئين کي هڪ پاسي رکي پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڏنا ۽ مرضيءَ مطابق آئين کي ٻيهر لکڻ جي به ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ دانهون ڪيون ويون ته انهن تي عمل ڇو نٿو ٿئي. ملڪ ۽ قوم جي خوشقسمتي اها آهي ته هن وقت سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهو انسان آهي جنهن آئين ۽ قانون کي عزت ڏني، پارليامان کي اختيار ڏنو ۽ سندس خوشقسمتي اها آهي ته هن وقت حڪومت ۾ ويٺل سياسي پارٽيون ۽ اسٽيبلشمينٽ ساڻس گڏ بيٺل نظر آئي. اهو ئي سبب آهي ته متفقه طور تي 26 هين ترميم پاس ڪئي وئي، ايوان نمائندگان کي طاقتور بڻايو ويو، ججن جي مقرري جو اختيار جيڪو پهرين به انهن جو هو هاڻي به انهن کي ڏنو ويو. هاڻي پاڪستان جي عوام کي ايوان نمائندگان مان اميد آهي ۽ اميد به رکڻ گهرجي، نئين چيف جسٽس يحيٰ خان آفريدي مان اميد آهي ۽ اميد به رکڻ گهرجي ته جڏهن اهي ترميمون ملڪ جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيون ويون آهن ته پوءِ انهن جو ثمر به ملڪ جي عوام کي ملڻ گهرجي. ائين نه ٿئي ته ايوان ۾ ويٺل نمائنده حڪومت ۾ ويٺل وزير صرف پنهنجا فائدا حاصل ڪن. ججن جي تقرري کي آمرانه انداز ۾ استعمال ڪن ته پوءِ يقينن ملڪ جي عوام کي ڪو فائدو نه پوندو. هن وقت 25 لکن کان وڌيڪ ڪيس ملڪ جي عدالتن ۾ موجود آهن، انهن جو هڪدم فيصلو ٿيڻ گهرجي. هزارين ماڻهو الزامن هيٺ جيل ڀوڳي رهيا آهن انهن ڪيسن جو فيصلو ٿيڻ گهرجي. ڏهه ڏهه سال ڪيس ڪورٽن ۾ هلن ٿا انهيءَ ريت کي روڪڻ گهرجي. جيڪڏهن اها ريت نٿي رڪجي ته پوءِ هاڻي سڌو ڏوهه ملڪ جي پارليامان جو هوندو پوءِ جڏهن اهي اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ ايندا ته عوام يقينن انهن کان پڇاڻو ڪندو ته اوهان ترميمون صرف پنهنجي اختيارن لاءِ ڪيون هيون، عوام جي ڀلائي لاءِ نه ڪيون هيون.
اسان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي هڪ دفعو ٻيهر خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن پارليامان کي مان ڏنو آهي. نئين چيف جسٽس يحيٰ خان آفريدي مان اميد ڪريون ٿا ته هو به آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪندو ۽ ايوان نمائندگان کان اميد ڪريون ٿا ته اهي به پنهنجو اختيار ملڪ جي عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪندا. هاڻي انهن وٽ ڪوبه جواز نه رهندو، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ عوام کين جوڳو سبق سيکارڻ جي پوزيشن ۾ هوندو.