ايڊيٽوريلنئون

صحافي خاور حسين جو پُراسرار موت

ملڪ جي اهم صحافتي اداري ڊان نيوز جي سينئر رپورٽر خاور حسين جو سانگهڙ ۾ هوٽل جي ٻاهر پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏيءَ مان گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي. پوليس جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب موت جو سبب خودڪشي ڄاڻايو ويو آهي. هڪ نوجوان شخص جنهن کي اڃان گهڻو وقت جيئڻ لاءِ هو.  انهيءَ کان حالتن زندگي کي ڦري ورتو آهي.

صحافت جي پيشي سان لاڳاپيل هڪ پڙهيل لکيل نوجوان جو ائين زندگيءَ کان منهن موڙي وڃڻ ڏکوئيندڙ آهي. هاڻ پوليس ۽ مائٽن جا متضاد بيان انهيءَ واقعي کي مختلف نموني بيان ڪري رهيا آهن. سندس ڪنهن به عزيز ۽ صحافي دوست ڪراچي ۽ سانگهڙ جي انتظاميه هن جي زندگي جي مسئلن جي نشاندهي نه ڪئي آهي. اسانجي معاشري ۾ اجنبيت وڌي رهي آهي. خاور حسين جي گهرواري ڊاڪٽر شازيه بلوچ پنهنجي ابتدائي بيان ۾ سانگهڙ پوليس کي ٻڌايو آهي ته هن جي مڙس کي ڪنهن نامعلوم شخص ڪنهن نامعلوم سبب جي ڪري قتل ڪيو آهي. سڀ ڌريون معاملي کي منجهائي رهيون آهن. اڃان ان ڳالهه جي به خبر نه پئجي سگهي آهي ته هو ڪراچيءَ مان سانگهڙ ڪهڙي مقصد سان آيو هو.

نه صرف اسان جي ملڪ ۾، بلڪه گلوبلي هن وقت نوجوانن ۾ پنهنجي زندگي وٺڻ يا آپگهات ڪرڻ جو رجحان تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڏو سبب نوجوانن اندر ڊپريشن ۽ ٻين ذهني مسئلن جو پيدا ٿيڻ آهي، اهو صرف پاڪستان جو نه، پر ڊبليو ايڇ او جي انگن اکرن مطابق هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي. هر سال تقريبن 727,000 کان وڌيڪ ماڻهو آپگهات ڪن ٿا.

اها هڪ حقيقت آهي ته هر 40 سيڪنڊن ۾ دنيا ۾ ڪو نه ڪو ماڻهو آپگهات ڪري ٿو. 15 کان 29 سالن جي نوجوانن ۾ اهو رجحان وڌيڪ نظر اچي ٿو ۽ ڏٺو وڃي ته عالمي سطح تي عورتن جي مقابلي ۾ مردن اندر آپگهات جو رجحان وڌيڪ آهي ۽ ان جي لاءِ اهي وڌيڪ خطرناڪ طريقا استعمال ڪن ٿا. هن وقت دنيا ۾ غريب ۽ امير طبقي ۾ ساڳئي تناسب سان آپگهات جو رجحان نظر اچي ٿو ان ڪري اهو چئي نٿو سگهجي ته آپگهات ڪرڻ واري جي لاءِ معاشي تنگي يا معاشي حالات اهڙا هئا جنهن جي ڪري آپگهات ڪرڻ واري کي پنهنجي زندگيءَ تان هٿ کڻڻو پيو، پر هينئر امير ملڪن ۾ به آپگهات جو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي جنهن ۾ سوئيٽزرلينڊ ۽ جاپان جا نوجوان به ان طرف مائل نظر اچن ٿا، جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال آهي.

ايئن چئي سگهجي ٿو ته هن وقت انسان هڪڙي نئين دور ۾ داخل ٿيو آهي، جتي خانداني نظام ڪمزور ٿي رهيو آهي، رشتن ۾ پهرين جهڙو اعتبار ۽ مضبوطي ناهي رهي جنهن جي ڪري انسان اڪيلائي جو شڪار ٿي رهيو آهي ۽ ڪنهن فرد کي جيڪڏهن جذباتي ۽ ذهني صحت جا مسئلا سڌا سنوان متاثر ڪري رهيا آهن ته ان صورتحال کي ڏسڻ ۽ پرکڻ وارو ڪوبه نه آهي.

ان جي لاءِ اسان سڀني جي ذميداري آهي ته اسان پنهنجي خانداني نظام کي ٻيهر ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون، پنهنجي خانداني نظام کي ٻيهر اڏڻ جي ڪوشش ڪريون، پنهنجي گهر جي نوجوانن کي ايترا وڏا چئلينجز نه ڏيون جن کي اهي پورو نه ڪري سگهن يا انهن مان اهي اميدون نه رکون جيڪي آساني سان پوريون نه ڪري سگهن. ان ۾ سماج سان گڏوگڏ حڪومتي سطح تي به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن وقت وڌندڙ ذهني مرضن جي ڪري حڪومت کي گهرجي ته ذهني صحت جا اهڙا ادارا قائم ڪري جتي اهي نوجوان جن کي ڊپريشن يا ڪا ذهني بيماري لاحق آهي اهي وڃي رازداريءَ سان پنهنجو علاج ڪرائي سگهن، ڊاڪٽرن سان پنهنجي مرض جي باري ۾ ڳالهائي سگهن. ان کان علاوه نوجوانن کي ان قسم جي آگاهي مختلف مهمون هلائي، مختلف پروگرام منعقد ڪري به ڏيئي سگهجي ٿي.

جيئن ته بيروزگاري نوجوانن جي اندر ڊپريشن پيدا ڪرڻ جو سڀ کان وڏو سبب آهي. ان لاءِ حڪومت کي ان پاسي سوچڻ گهرجي ته نوجوانن کي بيروزگاري جي مسئلي کان ڪيئن بچائجي، انهن جي اندر آگاهي ڪيئن پيدا ڪجي ۽ جيئڻ جو اتساهه ڪيئن پيدا ڪجي ته اهي خوشيءَ سان جي سگهن. ان جي لاءِ انهن جي اردگرد جي ماحول کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي.

اسان جي سماج ۾ سڀ کان افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اسان ذهني بيماريءَ کي خانداني سطح تي به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيون. ذهني بيماريءَ کي خاندان جي لاءِ هڪ داغ تصور ڪيو ويندو آهي. ان لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو. اسان کي پنهنجي اندر همدردي ۽ سچائي جو احساس پيدا ڪرڻو پوندو ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻي پوندي ته جيئن اسين خاندان ۾ پنهنجن فردن جي صحت جي باري ۾ آگاهي رکي سگهون ۽ پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ ساٿين جي نفسيات ۽ طبيعت کي ڏسندا رهون ته انهن جي اندر ڪهڙيون تبديليون پيدا ٿي رهيون آهن.

جيڪڏهن ڪنهن گهر ڀاتي يا ڪنهن ڪم ڪرڻ واري جاءِ تي ڪنهن ساٿيءَ جي طبيعت ۾ اهڙي ڪا تبديلي نظر اچي جيڪا ڇرڪائي ڇڏي ته ان کي اڪيلو بلڪل نه ڇڏڻ گهرجي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ماهر ڊاڪٽر تائين ضرور پهچائڻ جو بندوبست ڪجي.

جيئن ته اها حقيقت اڄ جي انسان تي تيزيءَ سان آشڪار ٿي رهي آهي ته انسان جي زندگيءَ جو ڪوبه مقصد نه آهي. بي مقصديت انسان کي اندر کان کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي ڪري هو وڏين وڏين حاصلات کانپوءِ به اندران کان پنهنجو پاڻ کي خالي محسوس ڪري ٿو. ان جي لاءِ ضروري آهي ته هڪٻئي سان زندگيءَ جي مقصد تي ڳالهائڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي ته زندگيءَ جو مقصد اسان مان هرڪو پنهنجو پاڻ طئي ڪري ٿو ۽ ان طئي ڪيل مقصد جي لاءِ جدوجهد ڪري اڳتي وڌي ٿو.

اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃڻ سان هر ماڻهو پنهنجو ڪونه ڪو مقصد طئي ڪري ان مطابق عمل ڪري پاڻ کي خوش ۽ مطمئن رکي سگهي ٿو. خاور حسين جو موت خودڪشي آهي يا قتل ان جو فيصلو هاڻي سماج کي نه بلڪه قانون کي ڪرڻو آهي. قانون جي ذميداري آهي ته اهو اهڙن ڪيسن جي جلد تفتيش ڪري عوام کي ٻڌائي ته اهو قتل آهي يا آپگهات ته جيئن عوام جي اندر پکڙيل بيچيني ختم ٿي سگهي. جيڪڏهن ان جي پٺيان ڪو قاتل آهي ته ان کي جلد کان جلد سزا ملڻ گهرجي.