بلاگنئون

ايف بي آر، ايندڙ بجيٽ ۽ اسان جي سچائي

نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ بابت پاڪستان جي حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان مشاورت جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف وري نون شرطن تي فنڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آءِ ايم ايف وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪري ناڻي واري وزارت ۽ ٻين معاشي ادارن سان بجيٽ تجويزن کي حتمي شڪل ڏيندو. ايندڙ مالي سال جي لاءِ گڏيل قومي پيداوار (جي ڊي پي) 1 لک 30 هزار ارب رپين تائين مقرر ڪرڻ جو هدف ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ايف بي آر جو روينيو هدف 14 هزار 200 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني ويندي جيڪا جي ڊي پي جو 11 سيڪڙو آهي. هلندڙ مالي سال ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي تناسب جو اندازو 10.6 سيڪڙو آهي. جنهن کي ايندڙ مالي سال 11 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف ڏنو ويو آهي. گذريل مئي 2025 جي لاءِ ايف بي آر کي 950 ارب رپين کان وڌيڪ جو روينيو هدف ڏنو ويو. اهڙي طرح هلندڙ مالي سال جي ختم ٿيڻ تائين ايف بي آر جي گڏيل ٽيڪس وصولي 11.800 ارب رپين تائين رهڻ جو امڪان هو. ٽيڪس ڪيسن ۾ التوا هيٺ رقم مان 500 ارب رپين جي وصولي جو اندازو لڳايو ويو، پر انهن ڪيسن ۾ رڪوري نه ٿيڻ جي صورت ۾ 12.334 ارب رپين جو نظرثاني ٿيل هدف پورو نه ٿي سگهيو جنهن سبب 50 ارب رپين جو شارٽ فال پيدا ٿيو. گذريل ڏينهن ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جو بيان سامهون آيو جنهن ۾ هن چيو ته ايندڙ مالي سال جو بجيٽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) تيار نه ڪندو. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن فنانس جو اجلاس سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ اٽارني جنرل پڻ موجود هئا. ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايف بي آر پاران صدارتي حڪم خلاف اپيل جي معاملي تي بحث ڪيو ويو. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته صدارتي حڪم کي چئلينج ڪيو ويو آهي، ايف بي آر ان تي عمل نه ڪيو آهي، اسان کي صلاح ڏني وئي ته ان بابت ڪميٽي ۾ اٽارني جنرل کي گهرايون. متاثر شهري جي وڪيل چيو ته ايف بي آر صدارتي حڪم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي. قانون جي تحت، ايف بي آر کي صدر جي حڪمن جي تعميل ڪرڻي پوندي. ايف بي آر صدر جي حڪمن تي عمل نه ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته آمدني جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ اضافي ٽيڪس نه لڳايا ويندا. ڪيترائي ٽيڪس ڪيس عدالتن ۾ التوا جو شڪار آهن ۽ انهن کان وصولي جو امڪان آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مثبت رهيون آهن. موجوده مالي سال جي آخر تائين جي ڊي پي تناسب کي 11 سيڪڙو تائين آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف سان متفق ٿيل هدفن تي مڪمل طور تي عمل ڪيو ويندو. هن سال ٽيڪس کان جي ڊي پي تناسب کي 11 سيڪڙو تائين آڻڻ جو هدف آءِ ايم ايف سان متفق ٿي چڪو آهي ۽ اسان ان لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته ٽيڪس ڪيس عدالتن ۾ التوا ۾ آهن. ٽيڪس تڪرار جي ڪيسن مان پيدا ٿيندڙ آمدنيءَ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندي. ناڻي واري وزير موجب ته آمدني جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوبه اضافي ٽيڪس نه لڳايو ويندو ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان جاري ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ هاڻي تائين ڳالهيون مثبت رهيون آهن۔ ان ۾ ڪيتري سچائي آهي ان جو اندازو ملڪ جي ماڻهن جي خوشحاليءَ مان لڳائي سگهجي ٿو. ڪنهن مفڪر لکيو ته “سڀ کان خطرناڪ ڪوڙ اهو آهي، جيڪو انسان پاڻ سان ٿو ڳالهائي.” اڪثر اسان حقيقت کان ڀڄڻ لاءِ پنهنجي ئي ذهن ۾ اهڙيون ڪهاڻيون ٺاهيون ٿا، جيڪي ڪجهه لمحن لاءِ سڪون ته ڏين ٿيون، پر ڊگهي عرصي ۾ اسان جي واڌ ويجهه کي تباهه ڪري ڇڏين ٿيون. اصلي طاقت انهيءَ ۾ آهي ته ماڻهو پنهنجي ڪمزورين کي سڃاڻي، پنهنجين خامين کي قبول ڪري ۽ سچائيءَ سان مقابلو ڪري۔ اهوئي پهريون قدم آهي، جيڪو انسان کي خود فريبي مان ڪڍي، حقيقي شعور ۽ طاقت ڏانهن وٺي وڃي ٿو، پنهنجو پاڻ سان سچ ڳالهائڻ بيشڪ تڪليف ڏيندڙ آهي، پر آزادي ۽ ڪاميابيءَ جو بنياد به ان ئي سچائيءَ تي رکيل آهي.