ڪتاب تي تبصرونئون ليلا رام جي ڪتاب مِٽي خوشبو- ماڻھو خوشبو تي ويچار… September 11, 2024 Zahida Abro شاعريءَ جي وسيع خوشبودار ميدان تي روز شاعرن جي شاعريءَ جا شھپارہ ڇپجي پڌرا ٿيڻ جو سلسلو جاري رھندو اچي انھيءَ وڻندڙ مھڪدار چمن ۾ شاعر سائين ليلا رام به پنهنجو تازو خوشبودار گل شامل ڪري سنڌي ٻوليءَ کي وڌيڪ شاھوڪار ڪرڻ تي جس لھي ٿو. ڀلي ليلا رام پاڻ کي وڏو شاعر نٿو سمجهي، پر ھو گهڻ پاسائين صلاحيتون رکندڙ سنڌ ڌرتيءَ جو موچارو ماڻھو ضرور آھي جنھن مان سدا بھار جي خوشبو چمن کي چوڏس گھڻو معطر ڪري ڇڏي ٿي. سنڌ جو پوئتي پيل شھر ٽنڊو باگو افسوس گهربل ترقي نه ڪري سگھيو آھي، پر ھِنَ شھر جي مِٽي ڪيترن ڀلوڙ شخصيتن مان ليلا رام لوھاڻا جهڙي لائق ماڻھو جي وڻندڙ روپ ۾ خوشبو ضرور ڏني آھي. ليلا صاحب ھڪ ذھين ٻالڪ جيڪو ٽنڊو باگو جي اسڪولن مان پڙھيو ۽ پوءِ MUET مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي ڄامشورو مان پاس ڪري سوئي سدرن گيس ٽرانسميشن ڪمپنيءَ ۾ بطور ٽريني انجنيئر ھِيڊ ڪوارٽر نمبر 3 ڄامشورو، ۾ ملازمت جي شروعات ڪئي.. اسان ڪجھ وقت گڏ رھياسين، پر پوءِ ڪمپني جي ظالماڻي پاليسي سبب ٽريني انجنيئرن کي نوڪري تان فارغ ڪيو ويو.. جنھن ڪري گهڻن وڃي انصاف لاءِ ڪورٽن جا در کڙڪايا، پر ليلا رام “پنهنجي منزل اڳتي…“ واري منزل طرف قدم وڌايا. کيس آسٽريليا جي سرڪار طرفان اسڪالرشپ ملي وئي ۽ پاڻ سن 2007ع ۾ “سڊني يونيورسٽي آسٽريليا” مان اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ ماسٽرز ڪري پنهنجو ٽنڊي باگي ۽ خاص ڪري سنڌ جو نالو روشن ڪيو. انھي دوران جيئن ته پاڻ تڪليفن، ڏکن، دردن ۽ انساني مسئلن کي ويجھي کان ڏٺو آھي منجهس احساس رکندڙ دل ھئي تنھن ڪري انھن تي ڳالھائڻ لکڻ سان گڏ شاعريءَ جا فيض به نصيب ٿيڻ لڳا ته شاعر جي حيثيت ۾ پاڻ سياست سماج ۽ ادب ۾ مڃرائي ورتو. ڪجهه وقت پندرنھن روزه “عبرت ميگزين” جي انچارج طور به ڪم ڪيو، جنهن دوران ميگزين جي مقبوليت جو گراف مٿڀرو ڏسڻ ۾ آيو. ان وقت پاڻ مونکي ٻارڙن جي صفحي “ٻالڪ رنگ” کي سنڀالڻ لاءِ خير سگالي طور مقرر ڪيو. اسان گڏجي عبرت آفيس ايندا ھئاسين، پر اھو سلسلو به گهڻي دير ھلي نه سگهيو. عبرت ۾ اي جي چانڊيو… امداد سومرو.. ارشاد لغاري جن سان عليڪ سليڪ ٿي جيڪا پوءِ اي جِي چانڊيو جي محبتي مزاج سان ٺھڪي وڃڻ ڪري سندس آخري وقت تائين جاري رھي. ھن منهنجا ڪالم شوق سان ايڊيٽوريل صفحي جي زينت بڻائي مون جھڙي سيکڙاٽي جي ھمت افزائي ڪئي. ھي سدا بھار شخص جيڪو “روزاني عبرت اخبار” جو اثاثو ھو، اسان کان اڌ منزل تي وڇوڙي جو ڏک ڏئي دارالبقا ڏي راھي ٿيو..!! ليلا رام جي يارويس محبتي طبيعت سبب ڪيترن سياسي ادبي مزدور ۽ ملازم دوستن سان دعا سلام گهڻي ڏسبي ھئي. جيئن ته انھن شوقن توڙي يارويسي دوران پاڻ پنهنجي تعليم کي وڌيڪ اھميت ڏني تنھن ڪري سندس محنتن (جدوجھد) رنگ لاتو، اڄ پاڻ وڏي عھدي تي فائز ۽ سندس لائق اولاد ‘آرتي ۽ روھت’ به صالح ھجڻ ڪري آمريڪا ۾ زيرِ تعليم آھن. سندس اخلاق، نوڙت، دوستاڻا مزاج، يادگيري ۽ خبرگيري لھڻ واري ٽنڊي باگي واري مٽيءَ جي خوشبو سان واسيل ساڃھ اھا ساڳي دل گهري، واري لڳي ٿي. اھا ڪا معمولي صفت ناھي. وڏو ماڻهو ٿيڻ سولو پر ساڃھ وارو مزاج اوچو رھي ٿو جيڪو شخصيت کي وڌيڪ نروار ڪري ڀلوڙ وارين بلندين طرف وٺي وڃي ٿو. ليلا رام جي خوبصورت شاعري جو ڪتاب “مِٽي خوشبو- ماڻھو خوشبو” امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ ڀائو فقير محمد ڍول جن طرفان ڍول فقير فائونڊيشن سنڌ ۽ ڇپيندڙ، امرتا پبليڪيشن حيدرآباد بھترين ڪاوشن سان پھريون ڇاپو جولاءِ 2024ع ۾ پڌرو ٿيو آھي. ليلا صاحب ڪتاب جي “ارپنا” پنهنجي جيجل امڙ جي نانءُ ڪئي آھي. جيڪا، سچ پچ زندگيءَ جو ڇانورو بڻجي اولاد سان گڏ رھي ٿي. محبتي سائين فقير محمد ڍول پنهنجي اداري (امرتا پبليڪيشن) پاران ليلا جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي جنهن ۾ نظمن، چوسٽن، پرولي نظم، پابند شاعري بابت سھڻي انداز سان تبصرو ڪري ڪتاب جي اھميت کي “ڌيان طلب” ڪري ڇڏيو آھي. ڪتاب جي قيمت (عام لفظن ۾ نذرانو) فقط چار سئو رپيا آھي. ان کان پوءِ، محترم ليلا “پنهنجي پاران”، محبت پائي من ۾، جي عنوان ھِيٺ ذاتي زندگي جي لاھن چاڙھن خاص ڪري ماضي جي دردن امتحانن تجربن، سختين، دوستن ۽ عزيزن جي پرک جو کلي دل سان اظھار ڪري پاڻ کي “مٿڀرو سچار شخص” طور مڃرايو آھي. چنڊ دوست ھو اسان جي اڱڻ جو، سونھن سڏيندي ھئي، ڀِت جي پار کان.. شاعريءَ توڙي ادب جي مڙني صنفن کي پڙھڻ، لکڻ سمجھڻ جو ڪتابي شوق ۽ ذوق رکندڙ معزز علم ادب دوستن کي شاعريءَ جو ھي ڪتاب “مِٽي خوشبو.. ماڻھو خوشبو” کي پڙھڻ گھرجي ۽ ان کي خاص سوکڙي طور دوستن کي تحفي ۾ پيش ڪندي پنهنجي ننڍڙي لائبريري جي زينت بڻائڻ کپي، پڪ سان جڏھن ھي شاعري پڙھندا ويندا ۽ سمجھندا ويندا ته اھا اعليٰ شاعري جيڪا پنهنجي چوگرد رونما ٿيندڙ حالتن مان گذرندي تخليق ڪئي وئي آھي سا جدا جدا ريت منهنجي، توھان جي پاڻ سڀني جي آھي.. ان ۾ پنهنجي وجود جا دلڪش عڪس ۽ پيش ايندڙ حالتون جن ۾، ظلم، ناانصافيون، جاڳرتا، جدوجھد، محبت، اڪير، يادون، طلب، سونھن جي قدرداني، صدمن جي پچار، شاعر اڪيلو ڳالھ پراڻي، ڪمال، زوال، شام کي رات سان ملڻ جون آسون، ۽ وطن جي حب جا داستان سميٽي/مختصر ڪري شعرن ۾ ائين بيان ڪيا ويا آھن ڄڻ ته فلم جي سين وانگر سامھون پردي تي سڀ ڪجهه ھلندي ڏسجي ٿو. بلاشڪ ليلا رام پنهنجي اٿاھ مصروفيتن مان شاعري تخليق ڪري ان کي ڇپرائڻ جو ڏکيو مرحلو مڪمل ڪري “مِٽي خوشبو.. ماڻھو خوشبو” اسان جي جھوليءَ ۾ رکي ٿو ته، سندس اھو عاليشان ڪارنامو گهٽ نٿو سمجھيو وڃي. اسان ھن ڪتاب کي چمي ڏئي، ور ور ڪري پڙھڻ لاءِ سنڀالي رکون ٿا ۽ دعاڳو آهيون ته سدا سلامت ۽ خوش ھجي. Post Views: 277