اڪن فقير سوڙ پايو پنھنجي آستاني تي آھليو پيو هو. کيس پٽ اَجن زور پئي ڏنس ته اتي جُمن فقير اچي پھتو. “سلان ليڪم”، جُمن فقير چيو. اَڪن سوڙ مان ماليڪم سلام چيو، پٽنس به سلام جو جواب ڏنو. پٽ کان پڇائين ته ڪير آ ابا. پٽ چيس جُمن فقير آ. “اَڪن ميان چاڪ ته آھين، ايئن ويڙھيو سيڙھيو پيو آن!” جُمن فقير پنھنجا گودڙا لائوڊ لاھيندي پڇيس. “ھائو ڀلائي آ؛ بس سيءَ پاري کئون سوڙ کڻي مٿان وڌي اٿم،” اَڪن چيس.“اڄ ڀلا سير تي نه نڪتئو ڇا؟” جُمن پڇيو. “بس رات موٽياسين، دير ويل ھئاسين عندڻ سرڪار جي ميلي تي، سو ٿڪ ھو ڏاڍو… پوءِ چيوسين اڄ نٿا نڪرون،” اَڪن پيرائتو جواب ڏيندي چيس. “ھائو ٻيلي ھائو!” جُمن چيو “۽ ٻيو ماشُو به ميلي تي مليو” اَڪن حوال ڪيس. “ماشُو! سوجھـي ڳوٺ وارو؟” جُمن پڇيو. “ھا آ، ڦلڻ جو ڀاءُ” اَڪن چيو. “ماشُو ڪھڙا احوال ڪيا؟” جُمن پلال جي وھاڻي تي ٽيڪ ڏيندي پڇيس. “ساڳي پيءُ جي گلا ته ابو اسان جي لاءِ ڪجھ ڪري نه ويو؛ رھندو ڏاڏي واري زمين به کپائي ويو،” اَڪن ٻڌايو، پٽنس جا به سور پيو پٽي ته جريب زمين جو کپائي ويو آ دُبي (دبئي)” اَڪن مٿان چيو. جُمن پڇيس، “اتي دُبي ڇا ٿو ڪري؟” “ساڳيو پني ٿو،” اَڪن چيو. “پوءِ پنڻ لاءِ دُبي ڇو؟ پنڻ بس پنڻ آ، اتي پني يا ھتڙي پني” جُمن ھُون ڪندي چيو. اَجن چيو، “دُبي ۾ ڊالرا ھن ڊالرا!” اَڪن چيو، “اھو سور ته ماشُو پٽي پيو نه، ته چڱو جريبڙو ھو ڪجھه نه ڪجھه گذر سفر ٿيندو ھو… ھاڻي ته مان به پنان ٿو.” ماشُو به پنڻ لاءِ لائوڊ ورتو آ،” اَجن چيو. “زمين جي پئسن مان ھن کي صرف لائوڊ نصيب ٿيو پنڻ لاءِ، ماشُو سان جٺيون به وڏيون ٿيون…” جُمن چيو، “پنج سال کن ٿيندا جو کوتو ڀڄائي ويس ٿنڀي ڳوٺ مان؛ اتي ويو پنڻ؛ ھي ويٺو اوطاق تي وڻ ھيٺان؛ اچي ويس ننڍڙي؛ ڳوٺ جا ڇوڪرا کوتو ڪاھي لڪائي ڇڏيائونس؛ گھڻيون ئي دانھون ڪوڪون ڪيائين، ٿاڻي تي رپوٽ ڪٽرايائين، پر آڱوٺو! ٽي سال پورا گم ھو… ھاڻي خبر پئي آ ته وڏيري مصري کي پوليس اندر ڪيو آ، ان ماشُو جي رپوٽ تي ته مصري تي ماشُو فريادي آ ته ھن ماشُو جو کوتو چوري ڪيو آ.” جُمن ڳالھ جاري رکندي چيو، “پر چون ٿا وڏيري مصري ووٽن ۾ فارم ڀريو ھو عجب خان جي سامھون؛ اصل ۾ ان سزا ۾ ڦاسايو اٿنس! مٿئين ھفتي حاضري اٿس ڪورٽ ۾؛ اتي وڏيرو مصري پيش ٿيندو ۽ کوتو به ورائڻ لاءِ جج چيو اٿن.” اَجن چيو، “پر ساڳيو کوتو وري ڪٿان ملندو؟” “اڙي ٻالڙا! پوليس ڏس ته ڪٿان ٿي کوتو آڻي پيش ڪري ۽ وڪيل به ثابت ڪندو پاڻھين ته اھو ئي کوتو آ… پوءِ ڏس ڪيئن ٿي ڪورٽ وڏيري مصري کي ٽيپ ڏئي!”