Matli

بلاگنئون

اي ڊي خواجه کي ماتليءَ ۾ پنهنجو وسريل ڪم ياد ٿو ڏيارجي

ماتلي ۾ ھر سال سيٺ دريانو مل جي خدمتن جي ياد کي تازو رکڻ لاءِ اي ڊي خواجه صاحب ٻن کان ٽن ڏينھن تائين اکين جي علاج واسطي مفت طبي ڪئمپ قائم ڪرائيندو اچي، جنھن ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم ماڻھن جي اکين جا مفت آپريشن ڪندي آھي، ماڻھن کي اکين جا لينس، دوائون ۽ چشما مفت فراھم ڪيا ويندا آھن ۽ انھن جي خوراڪ جو به بندوبست ٿيندو آھي. خدمت جي ان عمل سان ھر سال سوين مريضن کي فائدو ٿيندو رھي ٿو، جيڪا ڳالھ ساراھ جوڳي آھي. اسان اکين جي علاج جي مفت طبي ڪئمپ جي ھن موقعي تي اڳ ۾ به اھا ڳالھ ورجائي ھئي ۽ ھاڻ به ورجايون ٿا ته اي ڊي خواجه صاحب سيٺ درياني مل جي وفات جي موقعي تي اعلان ڪيو ھو ته ھو ماتلي شھر ۾ سخي انسان سيٺ درياني جي نالي کي زنده ھميشه زنده رکڻ لاءِ ان جي نالي سان ھڪ ادارو قائم ڪندو

Read More
بلاگنئون

ماتلي ۾ روزانو 18 ڪلاڪ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ

ماتلي ۾ جبري لوڊشيڊنگ ۽ رات جو دير تائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رکي ماڻھن جون گرمي ۾ ننڊون خراب ڪرڻ ۽ کاٽڙين چورن کي چورين جا موقعا مھيا ڪرڻ جا مسئلا وڌي ويا آھن، ھونئن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جا ڪي به جواز نه آھن. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار انگن اکرن مطابق 24 ڪلاڪ سپلاءِ جاري رکڻ باوجود 13 ھزار ميگا واٽ اضافي پيداوار آھي. 24 ڪلاڪ بجلي جاري رھي تڏھن به ملڪ کي 31 ھزار ميگا واٽ گھرجن جڏھن ته ملڪ وٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش 44 ھزار ميگا واٽ آھي، جنھن جي سرڪاري خزاني مان پاور پلانٽس کي ادائگي به جاري آھي، ان باوجود لوڊ شيڊنگ کي لاڳو ڪيو ويو آھي، ماتلي ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ لاڳو ڪيل آھي، جنھن جو ڪو شيڊيول به پڌرو ڪيل نه آھي،

Read More
بلاگنئون

ماتلي ۾ واٽر سپلاءِ اڌ صدي کان سدا بھار مسئلو

ماتلي ۾ پاڻي جي گھرجن کي مدِ نظر رکندي 2 لک گيلن واري ٽانڪي محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ 1985ع ۾ منظور ٿي، جيڪا 1988ع ۾ مڪمل ٿيڻي ھئي، سا اڄ تائين ڪنھن به ڪم جي قابل نه ٿي سگھي آھي. ماتلي ۾ پاڻي جي گھرجن جي ھيءَ 10 سالا منصوبابندي ھئي جيڪا 1998ع ۾ ختم ٿي وئي. 1998ع کانپوءِ واٽر سپلاءِ جي نئين گھرجن لاءِ نئين سر سوچڻو ھو جنھن کي به ھِن وقت تائين 30 سال ٿيڻ وارا آھن، پر ان ٽانڪي جو استعمال نه ٿي سگھيو آھي، نه ڪا نئين اسڪيم ملي سگھي آھي.

Read More
بلاگنئون

ماتلي ۾ رڪشائن ۽ موٽرسائيڪلن ۾ لڳل سائيلينسرن جو آزار

ماتلي ۾ رڪشائن ۽ موٽرسائيڪلن ۾ ھٿرادو طور تي ڦاٽل سائيلينسر لڳائي وڏي ۽ بڇڙي آواز ۾ گاڏيون ھلائي شھرين جو ڏينھن توڙي رات ۾ سڪون ڦٽائڻ جو رجحان تيزي سان وڌي ويو آھي، جنھن سان اسڪولن ۾ تعليمي عمل تي به برا اثر پون پيا ته بازارن ۾ گوڙ ۽ گدلاڻ ۾ شدت سان اضافو اچي ويو آھي ۽ رات جو ماڻھو ان آواز سبب بيچين رهن ٿا

Read More
بلاگخاصنئون

ماتلي ۾ ماڻھو مار رڪشائن کي قاعدن جو پابند ڪير بڻائيندو؟

جنھن معاملي ۾ انساني جانيون خطري ۾ ھجن، روز حادثا ٿين ان معاملي تي ٺاهه نٿو ڪري سگھجي. ماتلي ۽ آسپاس ۾ چنگچي رڪشائن جي بي ڊولي ڊرائيونگ، بيشمار ماڻھن جون جانيون ورتيون آھن، اھو سلسلو سالن کان جاري آھي ۽ تيزي سان وڌي رهيو آهي.

Read More