پاڪستان جي سر زمين تي ظلم و ستم ۽ ڏاڍ جي حاڪميت ۽ جمهوريت تي راتاهي جو دستور مارشل لائن سان گڏ شروع ٿيو، ۔پر گڏوگڏ جهاد جي ريت به هلي پئي هئي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي ڳاٽ وڍيا ويا، جنهن منجهان هڪ خاص نانءُ هو ڪامريڊ نذير عباسي جو. ۔ڪيترائي ڪنڌ ڦاسيءَ گهاٽن تي ٽنگيا ويا ۽ ڪيترائي شهيد دفنايا ويا، پر ضياءُ شاهيءَ جو دور ته اڳين شاهي دورن کي به مات ڏئي ويو۔ ۽ هاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ شهيدن جو قافلو به مختصر نه رهيو هو، حق جو آواز اڳ کان وڌيڪ بلند ٿيو، مارچ تيز ٿيا، حق وارن جو انگ وڌيو، همت ۽ حوصلو پڻ، تڏهن جبر جي دستورن ۾ وڌيڪ سختي ٿي، ۔زبان تي دستور جا ڳرا قلف هنيا ويا، قلم ٽوڙيا ويا، هٿ زنجيرن سان ٻڌا ويا، پر آواز ۽ لفظ ختم نه ٿي سگهيا، ۔ٿي به نٿي سگهيا هئا، ۔نيٺ اها ويهين صديءَ جي آخري گهڙي هئي.
۔اڄ ڪنهن پرڳڻي ۾ به عوام کي هزارين سال پوئتي ته ڦٽو نٿو ڪري سگهجي،۔سو بندوق، ۔توپن جي گجگوڙ جي باوجود آواز بلند ٿيندا رهيا، قلم هلندو رهيو، دارورسن جو داستان لکبو رهيو ۽ نئين سوچ جا جگنو پابندين جون پوکون اورانگهي ماڻهن جي وسندين ۾ لهندا ويا، حق جو ڪلمو چوڻ وارن جا انداز الڳ الڳ رهيا، حق گهرڻ وارن ۽ حق پڪارڻ وارا هڪ بي نانءُ تحريڪ بڻجي ويا، ۔ان تحريڪ ۾ ڪٿي مزدور هئا، ڪٿي دانشور هئا، ڪٿي عورتون هيون، ڪٿي ڪارڪن، الڳ الڳ مورچا، ڪٿي سر عام ته ڪٿي انڊرگرائونڊ، انهن مرد مجاهدن ۾ هڪ نذير عباسي به هو، ۔هن ملڪ جو رهواسي ۽ هن ئي جنم ڀومي واديءَ سنڌ جو ارڏو ۽ اڏول پٽ، ۔جيڪو پنهنجي ذات ۾ هڪ تحريڪ بڻجي چڪو هو. ۔هن جي هستي هن جي شهادت کان اڳ هڪ ليجنڊ ٿي چڪي هئي ۽ هو مسلسل جابر حاڪم جي سامهون حق واري ڪلمي سان ويڙھ وڙهي رهيو هو.۔
آمريڪي سامراجيت جو ڊالري غلام ضياءُ الحق جنهن 80 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان کي ڪميونسٽن جي لاءِ ٻيو انڊونيشا بنائڻ جو اعلان ڪيو هو، ۔اهوئي انڊونيشيا جتي 60 جي ڏهاڪي ۾ غير ڪميونسٽ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪميونسٽ پارٽي کي چٿڻ جي لاءِ آمريڪي ڊالرن جي بدلي جنرل سهارتو نالي فاشسٽ درندي پندرهن لکن کان وڌيڪ ڪميونسٽن کي تباھ ۽ برباد ڪيو هو.۔
اهوئي ضياءُ الحق جنهن 1976 ۾ اردن ۾ صيهوني سامراج جي خلاف جنگ جوٽيندڙ فلسطيني آزادي پسندن جي رت سان پنهنجا هٿ رنڱيا هئا، جنهن جي بدولت ان وقت جي صيهوني وزيراعظم گولڊا ميئر سندس مردانگي جي عيوض انعامن ۽ اڪرامن سان کيس نوازيو هو.۔
انهيءَ 80 جي ڏهاڪي جي تاريخ جي شروعات وارو دور وڏو ڏڦيڙ وارو دور هو. ۔ويٽنام، لائوس ۽ ڪمپوڊيا کان وٺي ايٿوپيا، گني بسائو ۽ انگولا تائين سوشلسٽ انقلاب ۽ قومي آزادي جون سامراج مخالف تحريڪون ڪامياب ٿي چڪيون هيون. ۔هڪ پاسي ڏکڻ يمن ۾ سوشلزم جو پرچم ڦڙڪي رهيو هو ته ٻئي پاسي افغانستان جو ثور انقلاب. ظاهر شاهن ۽ دائود خانن کي تاريخ جي ڪچري ۾ ڦٽو ڪري چڪو هو. ۔ايران جي ڪميونسٽ پارٽي حزب توده ۽ فدائيان خلق جي شاندار انقلابي جدوجهد جي پاڇي ۾ آمريڪي سامراجيت جو اهم مهرو، شاھ ايران، به پنهنجي انجام تي پهچي چڪو هو.
جيتوڻيڪ ايراني ڪميونسٽ انقلاب پنهنجي منزل کي نه حاصل ڪري سگهيو ۽ فاشسٽ خميني رجيم اقتدار تي قابض ٿي چڪي هئي۔، پر ۔ايشيا کان آفريقا ۽ ڏکڻ آمريڪا تائين هڪ انقلابي فضا قائم هئي. ۔هڪ پاسي ڏينهون ڏينهن طاقتور ٿيندڙ ڪميونسٽ بلاڪ هو ته ٻئي پاسي سڄي دنيا جا غلام پنهنجيون زنجيرون ٽوڙڻڻ ۾ مصروف هئا۔.
پاڪستان جي سرحدن وٽ در کڙڪائيندڙ ڪميونزم جو اهوئي “ڀوت” هو ۔جنهن ضياءُالحق جي آقائن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون ۽ ڪامريڊ ببرڪ ڪارمل جي قيادت ۾ سوشلسٽ افغانستان، علائقي جي محنت ڪش عوام ۽ مظلوم قومن جي لاءِ هڪ نئين صبح جي خوشخبري بڻجي چڪو هو. ۔افغانستان ۾ سامراجي مداخلت جي لاءِ ضياءُ پاڪستان کي هڪ اهڙي اڏي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن جو اڳ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. ۔ضياءُ الحق مغربي آقائن کي اهو يقين ڏياري رهيو هو ته هو پاڪستان ۾ ڪميونسٽن کي “پيهين سرمو بڻائي ڇڏيندو”، پر هو هن ڳالھه کان اڻڄاڻ هو ته ڪميونسٽ ديو مالائي پکي“فينڪس/عنقا” جيان هوندا آهن، جيڪي باھ ۾ سڙي پنهنجي ئي خاڪ مان وري ٻيهر جنم وٺندا آهن. ۔ڪميونسٽ پارٽي کي ته سندس ورديءَ وارو ايوب خان به ختم نه ڪري سگهيو هو، ۔اهوئي ايوب خان جيڪو ضياءُ جيان آمريڪا جو غلام هو.۔
پاڪستان جي اميرالمونين بنجڻ جي شوقين ضياءُ الحق جي ڏوهن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. ۔هو هڪ چونڊيل جمهوريت جو تختو اونڌو ڪري، وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪوڙي عدالتي قتل جي وسيلي هٽائي پاڻ اقتدار تي قابض ٿيو۔. هن هر جمهوري صدا کي چٿيو، سماج ۾ سيڪيولر ۽ ترقي پسند قدرن کي مٽايو ۽ مذهبي جنونيت جي وحشتناڪ شڪلين جي تخليق جو شيطاني اوزار ثابت ٿيو.۔
سياسي ڪارڪنن، صحافين ۽ دانشورن کي قيد ۽ بند، سر عام ڪوڙا، فوجي عدالتون ۔ڦاسيون، اهوئي هو ضياءُ جو پاڪستان جنهن ۾ حميد بلوچ۔، اياز سمون، عبدالرزاق جهرنو، ادريس طوطي جهڙا بيشمار مزاحمت ڪار،کلندا ڳائيندا ڦاسين جي ڦندن کي چمندا امر بڻجي ويا. ۔ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻ ڪامريڊ تاج محمد خان جي مذهبي جنونين جي هٿان شهادت ۔جهڙا واقعا ظلم جي ان ڪاري رات جون يادگارون آهن، ۔جيڪي ضياءُ نالي وحشي درندي قائم ڪري رکيون هيون۔.
ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان خاص طور تي ضيائي مارشل لا جي نشاني تي هئي. ۔1978 ۾ پارٽي سيڪريٽري ڄام ساقي کي گرفتار ڪري ٽارچر سيل ۾ پهچايو ويو. ۔ضياءُ جون ڳجهيون ايجنسيون پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ڳولها ۾ بي آرام هيون، ۔جنهن ۾ اوليت وارو نانءُ ڪامريڊ نذير عباسي جو هو.۔
پارٽي جو سڀ کان ننڍي عمر وارو، مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر، سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس جو اڳواڻ ۽ هڪ زبردست نوجوان انقلابي انسانيت پسند، جيڪو سنڌ ۾ محنت ڪشن جي جدوجهد جي دوران قيد ۽ بند کان وٺي بلوچستان جي هارين جي طبقاتي جدوجهد “پٽ فيڊر تحريڪ” ۾ حصو وٺندي ڪوئيٽا جي قلي ڪئمپ جي ڇهن مهينن جي قيد به اکين تي رکي قبول ڪئي.۔
هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست کانپوءِ جڏهن هن کي آزاد ڪيو ويو ته خبردار ڪيو ويو ته پنهنجيون سرگرميون ڇڏي ڏئي نه ته قتل ڪيو ويندو. ۔آزاديءَ کانپوءِ به هو ايجنسين جي نڪ جي هيٺان پنهنجيون سرگرميون جاري رکندو آيو۔.
اهو 30 جولاءِ 1980 جو ڏينهن هو، جڏهن ڪامريڊ نذير عباسي کي ٻين ساٿين پروفيسر جمال نقوي، ۔ڪمال وارثي، ۔سهيل سانگي، ۔شبير شر، امر لال، ۔بدر ابڙو سميت ڪراچي کان گرفتار ڪري ماڙيپور انويسٽيگيشن سينٽر پهچايو ويو ۔اهو ٽارچر سيل جنهن جو ان وقت انچارج ليفٽيننٽ امتياز بلا هو.۔
نذير عباسي کي ڪنهن عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، يعني اهو هڪ جبري گمشدگيءَ جو ساڳيو ئي سلسلو هو، جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جي انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ حسن ناصر سان 1960 ۾ شروع ٿيو هو، جڏهن ان کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري لاش به غائب ڪيو ويو هو. ۔برطانوي سامراج ڀڳت سنگھه ۽ سورهيه بادشاهه جهڙن وطن پرست انقلابين جا لاش غائب ڪندو هو، ۔مگر ان جي پٺو آمر ته زنده انسانن جي جبري گمشدگين ۽ عدالت کان مٿانهن قتلن کي معمول بڻائي ڇڏيو هو، ۔جنهن جون ڀيانڪ شڪليون اڄ به بلوچستان، ۔سنڌ ۽ پختونخواهه ۾ ڏسي سگهجن ٿيون.۔
ڪامريڊ نذير عباسي، امتياز بلا جي ٽارچر سيل ۾ 9 آگسٽ 1980 يعني نون ڏينهن تائين فوجي بوٽن جي چهنب تي گهاريا. ۔هن تي انسانيت سوز تشدد ۽ حربا آزمايا ويا، ۔جن جي نتيجي ۾ 9 آگسٽ 1980 ۾ هو شهيد ٿي ويو. ۔امتياز بلا هن کي پارٽي کان غداري تي مجبور به نه ڪري سگهيو.۔
چيو وڃي ٿو ته هو نذير عباسي جو نانءُ به نه ڄاڻي سگهيو هو. ڇو ته گرفتاري جي وقت هو “مشتاق” جي ڪوڊ سان روپوش هو، ۔تشدد جي وقت بار بار هن کان پڇيو ويو ته هو نذير عباسي آهي ته هن چيو: “ها، مان مشتاق ناهيان، نذير عباسي آهيان، ليڪن هاڻي مون کان ٻيهر پڇي ڏس!”۔
اهو هو سنڌ جو اهو ڪميونسٽ پٽ، جنهن سڄي دنيا جي محنت ڪشن جي انقلابي آدرش تي ثابت قدمي سان هلندي، سوشلسٽ انقلاب جا خواب اکين ۾ سجايا، افغانستان جي سوشلسٽ انقلاب سان دوستي جو عملي مظاهرو ڪيو ۽ دارورسن جي آزمائشن تي پورو لٿو. ۔
هو سنڌ جي پهرين سوشلسٽ صوفي شاھ عنايت شهيد، هيمون ڪالاڻي شهيد، سورهيه بادشاھ شهيد ۽ فاشسٽ ايوب خان کي للڪارڻ واري ڪامريڊ حسن ناصر شهيد جي روايت جو وارث هو. ۔هو جرمني جي نازي عفريت هٽلر، اسپين جي فاشسٽ جنرل فرانڪو، انڊونيشيا جي ڪاسائي جنرل سوهارتو، چلي جي فسطائي درندي جنرل پنوشي ۽ بوليويا جي فوجي آمر جنرل باربن توس جي قتل گاهن، ڪميونزم جي پاسداري رکڻ وارن جيولس فيوچڪ، رالف فاڪس، ڪرسٽوفر ڪارڊويل، تان ملاڪا، وڪٽر چارا ۽ چي گويرا جهڙن مزاحمت ڪارن ۽ انقلابي سورمن جو تسلسل هو ۽ ان جي انقلابي ميراث به هو، جنهن بهادري سان موت کي منهن ڏنو۔.
ٽنڊوالهيار جي هڪ محنت ڪش گهراڻي ۾ جنم وٺڻ وارو اهو نوجوان، محنت مزدوري ڪري تعليم حاصل ڪرڻ وارو، مارڪس، يانگلز، لينن ۽ اسٽالن جي انقلابي تعليمات کان متاثر ٿي طبقاتي جدوجهد جو علمبردار بنجڻ وارو نوجوان جنهن جو لاش به وارثن جي حوالي نه ڪيو ويو ۽ هن کي گمنام قرار ڏئي عبدالستار ايڌي جي وسيلي ڪراچي جي سخي حسن قبرستان ۾ خاموشي سان دفن ڪيو ويو. ۔جيتوڻيڪ ڪيترائي ساٿي کيس ڇڏي ويا، مگر پوءِ سندس آدرش اڄ به زنده ۽ سلامت آهن.
مون کي يقين آهي ته اڄ نه ته سڀاڻي تاريخ وري پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي جنهن جي پاداش ۾ اهو ڳاڙهو وقت ضرور ايندو جيڪو نذير عباسي جو آدرش ۽ خواب هو، بقول شهيد نذير عباسي جي ته: