نوال السعداوي جو مشهور ناول Woman at Point Zero جنهن کي سنڌيءَ ۾ “ڦاسي گهاٽ تي بيٺل عورت” جي نالي سان ترجمو ڪيو ويو آهي، جيڪا هڪ انتهائي طاقتور ۽ دل کي دهلائيندڙ ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ سچي ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ مصنفه جي ملاقات مصر جي جيل ۾ هڪ قيدي عورت فردوس سان ٿيڻ بعد لکي وئي هئي. ليکڪه پاڻ هڪ ماهر نفسيات هئي ۽ هن جيل ۾ فردوس سان ملڻ ٿي چاهيو، جنهن کي قتل جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي، پر هوءَ نه ته ڪنهن سان ڳالهائيندي هئي ۽ نه ئي معافي جي درخواست ڪرڻ لاءِ تيار هئي. آخرڪار هن ڦاسيءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ تي رضامندي جو اظهار ڪيو. سندس ڪهاڻي جو افسوسناڪ پهلو اهو آهي ته سندس ننڍپڻ سندس گهر جي مردن هٿان استحصال ۽ محرومين ۾ گذريو. هوءَ هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿي، جنهن عورت جي ڪابه اهميت نه هئي. هوءَ گهر ۾ پيءُ جا ظلم برداشت ڪندي رهي ۽ پنهنجي ماءُ کي به پنهنجي پيءُ هٿان ذليل ٿيندي ڏسندي رهي، کيس ننڍپڻ کان ئي جسماني ۽ ذهني تشدد جو شڪار بڻايو ويو. جڏهن کيس پنهنجي چاچي سان گڏ شهر وڃڻ جو موقعو ملي ٿو ته اتي سندس چاچو سندس شادي هڪ پوڙهي ۽ بدصورت ماڻهو سان ڪرائي ٿو، جيڪو مٿس شديد جسماني تشدد ڪري ٿو. آخرڪار هوءَ ظلم کان تنگ اچي گهر کان ڀڄي وڃي ٿي ۽ ظالم معاشرو کيس پناهه ڏيڻ بجاءِ وڌيڪ ذلتن جي اونهائين ۾ ڌڪي ڇڏي ٿو. هوءَ مختلف مردن جي هٿ ور چڙهي ٿي، جيڪي سندس جواني ۽ جسم جو فائدو وٺن ٿا. آخرڪار هوءَ پنهنجي بقا جي لاءِ جسم فروشي جو رستو اختيار ڪري ٿي. اتي کيس احساس ٿئي ٿو ته هڪ عزتدار زال بڻجي رهڻ ۽ هڪ طوائف بنجڻ ۾ صرف اهو فرق آهي ته هوءَ پنهنجي قيمت پاڻ طئي ڪري ٿي. فردوس پنهنجي زندگيءَ ۾ خود مختياري چاهي ٿي، پر هڪ دلال کيس پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جڏهن هوءَ سندس ظلم ۽ زيادتي برداشت نٿي ڪري سگهي ته هوءَ کيس قتل ڪري ٿي ڇڏي. سندس نظر ۾ اهو قتل هڪ ڏوهه نه، بلڪه ان نظام جي خلاف هڪ بغاوت هئي، جنهن کيس هميشه چيڀاٽيو ۽ ذلت جي اونهائين ۾ ڪيرايو. ناول جي آخر ۾ هوءَ عدالت ۾ ڪنهن به قسم جي صفائي ڏيڻ يا معافي گهرڻ کان انڪار ڪري ٿي. کيس يقين آهي ته هيءَ دنيا ننڍڙي آهي ۽ هي موت کيس ان قيد خاني کان آزادي ڏياريندو. زيرو پوائنٽ يا ڦاسي گهاٽ سندس لاءِ اها جاءِ آهي، جتي وٽس وڃائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي، هوءَ خوف کان آزاد آهي. هن ناول جو پيغام اهو آهي ته عورتن مٿان ظلم، صنفي زيادتيون، طبقاتي فرق ۽ معاشري جي منافقاڻي روش کي بي نقاب ڪيو وڃي. فردوس جو ڪردار اهو ٿو ڏيکاري ته جڏهن هڪ عورت کي ديوار سان لڳايو ٿو وڃي ته هوءَ ڪيئن باغي بڻجي وڃي ٿي ۽ پوءِ هوءَ پنهنجو من پسند فيصلو ڪري ٿي.