ذهني صحت جو ڏهاڙو
زاهده ابڙو
اڄ 10 آڪٽوبر آهي، 1992ع ۾ يونائيٽيڊ نيشن هن ڏينهن کي “ذهني صحت” جي ڏهاڙي طور پهريون ڀيرو ملهائڻ جو اعلان ڪيو. اڄ جي تيز رفتار دور ۾ جتي انسان ڪيترين ئي مسئلن کي منهن ڏيئي رهيو آهي اتي کيس ذهني دٻاءُ ۽ ان دٻاءُ سبب پيدا ٿيندڙ ڪيترين ئي بيمارين کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو. انساني ذهن سڄي جسم کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ انساني احساسن ۽ پيدا ٿيندڙ مونجهارن کي به برداشت ڪري ٿو. جنهن سبب اهي علامتون اڳتي هلي ڪنهن بيماريءَ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. ان لاءِ اسان کي پنهنجي ۽ پنهنجي ارد گرد رهندڙ هر انسان جي ذهني ڪيفيتن کي سمجهڻ گهرجي ۽ ڪنهن به مونجهاري جي صورت ۾ ڪنهن با اعتماد انسان سان ان کي ونڊڻ گهرجي ۽ مثبت سوچ سان پنهنجي ذهني بيمارين کي قابو ڪرڻ گهرجي. ڪنهن ذهني بيماريءَ جي صورت ۾ نفسيات جي ماهر سان صلاح ۽ مشورو ڪرڻ کان هرگز ڪيٻائڻ نه گهرجي. ڇو ته ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان پهرين ان جو احساس ڪيون ۽ پوءِ حل ڪرڻ لاءِ قدم وڌايون. پوري دنيا ۾ خواتين ذهني دٻاءُ ۽ ذهني بيمارين جو شڪار مردن جي نسبت وڌيڪ ٿين ٿيون. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ خاندان جي پٺڀرائي تمام گهڻي ضروري آهي. جيڪڏهن اسان اڄ پنهنجي ارد گرد جي ذهني مرضن ۾ مبتلا مريضن جو خيال رکيو ته سڀاڻي جي زندگيءَ کي پرسڪون بڻائي سگهنداسين.