اميتاڀ بچن ۽ ايشوريا راءِ جا ڪورٽ ۾ طلبي جا آرڊر جاري
ٻنهي اداڪارن کي ڪورٽ پاناما ڪيس ۾نالا اچڻ بعد گهرايو جنهن ۾ کين عدالت آڏو ڪجهه ڪاغذ پيش ڪرڻ جو چيو ويو، ٻنهي اداڪارن پنهنجن وڪيلن پاران اهڙا ڪاغذ موڪلي ڇڏيا آهن. ياد رهي ته پاناما جي لا فرم پاران 11 ملين ڊاڪيومينٽس پڌرا ڪيا ويا هئا. جنهن ۾ انڊيا جي مختلف ماڻهن تي الزام لڳايا ويا هئا ته هنن پنهنجي ڪاري ناڻي کي لڪائڻ لاءِ دنيا جي مختلف ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ڪئي هئي. جنهن ذريعي هو ٽيڪس چوري ۾ ملوث رهيا هئا