تڪبندين جي معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار حڪومت بل پيش نه ڪري سگهي
2017 واري آدمشماري جي عبوري نتيجن جي بنياد تي تڪبنديون ڪرائڻ جو بل ايجنڊا ۾ شامل هجڻ باوجود اسيمبليءَ ۾ پيش نه ڪيو ويو. تڪبندين جي معاملي تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاران معاهدي کان ڦري وڃڻ ڪري ڊيڊ لاڪ پيدا ٿيو. حڪومت پاران به ايجنڊا موجود هئڻ باوجود آئين ۾ ترميم جو بل پيش نه ڪري سگهي. حڪومت پاران اپوزيشن ليڊر سان ملاقات ڪئي وئي جنهن ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو ته ترميم ۾ تمام پارٽين ساٿ نه ڏنو ته چونڊون وقت تي نه ٿي سگهنديون. ياد رهي ته اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جي پارلياماني ليڊرن جي بنياد تي صوبن، فاٽا ۽ اسلام آباد جي سيٽن جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ آئيني ترميمي ڊرافٽ تي اتفاق ڪرڻ بعد پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاران ان جي مخالفت بعد مامرو ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ويو آهي. جنهن کانپوءِ چونڊن جي وقت سر ٿيڻ جي به اميد گهٽجي وئي آهي.

