نئون

لنڊن جون بسون هاڻي ڊيزل بجاءِ ڪافي سان هلنديون

لنڊن ۾ هڪ ڪمپني پاران اهڙي ٽيڪنالاجي منظر تي آندي وئي آهي جنهن جي مدد سان بسن کي ڪافي مان تيار ڪيل تيل سان هلائي سگهبو. تيل جي مشهور ڪمپني SHELL بايوبين ڪمپني سان گڏجي ڪري بچيل ڪافي سان اهڙو تيل تيار ڪرايو آهي جنهن جي مدد سان بسن کي ڪافي سان هلايو ويندو. شروعاتي طور تي 6 هزار ليٽر اهڙو تيل تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ بس لاءِ سڄي سال لاءِ ڪافي هوندو. ڪمپني جي مالڪ هن بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته برطانيه ۾ هر سال 5 لک ٽن ڪافي جو ڪچرو پيدا ٿيندو آهي جيڪو گند ۾ اڇلايو ويندو آهي. هن طريقي سان گاڏيون هلائيندڙ جو اهو طريقو پيٽرول جو هڪ سٺو متبادل ٿي سگهي ٿو. بچيل ڪافي ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ ڪيلوريز هونديون آهن ان ڪري انهن کي هڪ عمل جي ذريعي تيل ۾ بدلائي سگهجي ٿو.