نئون

بلاگ ڪلاسيڪل  ڪردار نواب محمد حسين  ٽالپر

خالد پرويز 

            پراڻو جيمس آباد ھاڻوڪو ڪوٽ غلام محمد جيڪو انهي وقت  نقشي ۾  ٿرپارڪر ضلعي جو  شهر , جنهن ۾ هاڻوڪا عمرڪوٽ،  ۽  مٺيء   ضلعا  به  شامل   ھئا. جيمس آباد جنهن کي ” سرجيمس ” پاڪستان ٺھڻ کان اڳ  آباد ڪيو هو . باقائدي نقشي مطابق ۽ ڪمال ڪاريگري سان  آباد ڪيل  شهر .جنهن جون گهٽيون ۽  رستا  ڪشادا صاف  سٿرا   هوندا هئا . روز صبح جو سوير ۽ شام  شهر جي رستن  ۽  گھٽين جي صفائي ٿيندي  هئي، مغرب  کان  پوء   لالٽين بردار شهر  جي مک  چونئڪن  ۽   رستن  تي  لالٽينون ٻاري  ڇڏيندا  هئا.  شهر  جي  خوبصورتي  جي  ڪري  جيمس آباد کي پوري ضلع  جي دل طور سڃاتو ويندو هو.

انهي  وقت  جيمس آباد ۾ محراب  هوٽل، شمي جي ھوٽل ، جوتا  بازار  ۽  پراڻي  ھائي  اسڪول  جي سامهون ٽالپر  نوابن  جو  هڪ  شاندار  بنگلو  هوندو  هو جنهن  ۾ هڪڙو  ڀاء  نواب نور  احمد  خان  ٽالپر  ۽  ٻيو  ڀاء  نواب  پير  بخش  خان   ٽالپر  جن  رھندا هئا. نواب  پير بخش خان ٽالپر جي  اولاد  مان  نواب  محمد حسين  ٽالپر ، نواب  عبدالغني  ٽالپر ، نواب  محمد يوسف ٽالپر  ۽ سندن  ڀائر  ٿيا . اڄ  به سماج  ۾  سندس مان مرتبو ۽  خانداني ساک  ۽ شرافت  برقرار  آهي منهنجي اڄوڪي سيريل ڪلاسيڪل ڪردار  جو  ڪردار آهي نواب محمد حسين ٽالپر .ھو  پنهنجي  فلمي  شوق   ۽  فن  جي  حوالي  سان اسان  جي  تر  ۾ مشهور  شخصيت  رهيو  آهي.فلمي  دنيا  جي  حوالي  سان   نواب  محمد  حسين “مولانا ھپي ” جي  نالي  سان  به  سڃاتا  ويا.نواب  محمد  حسين  ٽالپر  ،گهڻ  رخي  شخصيت  جو  مالڪ رهيو  آهي، فلمساز ، ڊائريڪٽر ، ايڪٽر، سياستدان، موسيقار، زميندار  ۽ سماجي  ڪارڪن  طور  به  سڃاتو  وڃي  ٿو.

            منهنجي ڪلاسيڪل ڪردارن ۾ مون ڪوشش ڪئي آهي ته انهن شخصيتن کي ھاء پروفائيل ڪريان جن جون سماجي سياسي فنڪاراڻه  ادبي  علمي خدمتون رهيون آهن. ڪوٽ غلام محمد کان ڏاکڻين طرف ڪاڇيلو ڊگهڙي رستي تي ٽي ڪلوميٽر هلبو ته  کاٻي هٿ تي لنڪ روڊ  کان  ڏيڍ ڪلوميٽر تي ڳوٺ سڏبو آهي سو آهي  ” مٺي جي کاڻ” اهو ڳوٺ الائي  ته ڪيترن ورهين کان اتي آباد آهي.  ڳوٺ ۾  پهچبو ته سامهون  نواب محمد حسين جو بنگلو  نمايان طور نظر ايندو. وڏي اڱڻ تان ٿي اندر ورانڊي ۾  وڃبو   ته کاٻي هٿ تي مهمان خانوآهي جنهن کي هاڻ چون گيسٽ هائوس ۽  سامهون ٻه ڪمرا جيڪي نواب صاحب جي رهائش گاہ  طور به استعمال ٿين. نواب محمد حسين سان انهي ڪري به توهان جي ملاقات ضروري آهي ته نواب صاحب 

            رئيس ڪريم بخش نظاماڻي وانگر طلسماتي شخصيت ۽ راڳ رهاڻ جو شوقين، فلمن جي دنيا جو ڪوڏيو  رهيو آهي. فن فنڪار ۽  راڳ سندس روح ۾  هميشه رچيل رهيا آهن. ھن پنهجي نوجواني جي ڏينهن ۾  فن ۽ فنڪاري صلاحيتن کي ڀرپور طريقي سان  آزمايو. ذاتي طور جي آئون سندس نفاست جي ڳالھ ڪندس ته نواب محمد حسين جي چهري جي هلڪي مسڪراھٽ خوش لباسي،  خوش گفتاري ۽ خوش اخلاقي سندس  شخصيت جا اهم گڻ آهن  جنهن سان  ھٿ ملائڻ کان پوء  توهان کي پنهنجي  هٿ ۾ چينل فائيو ،ڪيچٽ،پروفيسي جي خوشبوء دير تائين محسوس ٿيندي. نواب محمد حسين سان ذاتي طور نيازمندي ھئڻ  جي ڪري آئون اها ڳالھ يقين سا چوان ٿو ته نواب محمد حسين کي مون ته ڇا، پر اسان جي تر جي ڪنهن به ماڻهو کيس   ڪاوڙ يا جذبات ۾  ڪون  ڏٺو هوندو. نواب محمد حسين ھينئر نڪو ئي وفاقي وزير آهي نه ئي اسيمبلي ميمبر آهي نڪوئي اقتداري ايوانن ۾ آھي.

            پر منهجي ڪلاسيڪل ڪردار جي هن سيريل  ۾  ڪلاسيڪل ڪردار طور سندس شخصيت تي لکندي، مونکي خوشي انهي ڪري  پئي ٿيئي جو هڪڙو ته منهنجي تر جي شخصيت آهي، منهنجي ۽ منهنجن کوڙ سارن دوستن سان سندس نيازمندي عجز انڪساري ۽  ھٿ جوڙ جو رستو رهيو آهي.

            مون جڏهن هن سيريل  ۾ حاجي شاه محمد شر ۽  منهنجي اسڪول فيلو ۽ ذاتي دوست انور  خان قائم خاني تي ڪلاسيڪل ڪردار جي حوالي سان لکيو يا جن جن علائقن جي شخصيتن تي لکيو آهي ته مون کي نه رڳو فيس بوڪ جي حوالي سان  زبردست موٽ ملي پر دوستن  يارن فون ڪري مونکي انهن شخصيتن تي لکڻ کي  خوب ساراهايو.۽ ھمسري جي حوالي سان محتمرما زاهدا ابڙو نه رڳو انهي سيريل کي وڏي مڃتا ڏني آهي،پر هن همسري ۾ نمايان طور ڪلاسيڪل ڪردارن کي جڳهه ڏني آهي.محترما تمام گهڻي جستجو ڪرڻ واري ۽ پنهنجي ڪم ۾ زبردست نتيجا ڏيڻ واري شخصيت آهي. جيڪا مستقل مزاجي سان ۽ وقتائتي “ھمسري “جهڙي معياري مئگزين پڻ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائي پئي.

            منهجن انهن ڪردارن  ۾ ، حاجي شاه محمد شر ،حاجي ڇٽو خان هيسباڻي کان وٺي ڪاڪي بصر لٻاڙي،مقيم فقير ڪنڀار ،سائين ٻڌ پوري،ڪاڪا پيراڻو ،ڪامريڊ محمد عثمان لغاري  کان وٺي  نواب محمد حسين ٽالپر تائين  سڀ ڪردار قابل احترام ۽ مانوارا آهن. 

مير منور ٽالپر صاحب جن جي مهرباني جنهن  منهنجا  ڪلاسيڪل ڪردار پڙهڻ کان پوء پيغام موڪليو ته آء ساڻس ملان ۽ سندس والد محترم مير علي بخش ٽالپر جن  جي شخصيت تي کائنس   تفصيلي معلومات وٺان.

            منهجن هنن ڪردارن ۾  ايڊيٽنگ جي ڪافي گنجائش  آھي سو هنن  سڀني ڪردارن کي ڪتابي شڪل ۾  ڇپائڻ کان اڳ ۾ رهجي ويل قصا به ايڊ  ڪري سگهجن ٿا. ڇو جو بلاگ ۾ تمام ٿورن لفظن ۾ ڪنهن به شخصيت جو تفصيلي تعارف ڪرائڻو ٿو پوي.انهي لاء بلاگر لاء ڪجھ ھدايتون به اداري طرفان لاڳو هونديون آهن.

            ھاڻي ھلون ٿا سٺ جي  ڏهاڪي ۾  .جنهن ۾  نواب محمد حسين پنهنجي فني زندگي جو آغار  فلم  ” تنهنجيون ڳالهيون سڄڻ ” ٺاھڻ سان شروع  ڪيو.اها فلم باڪس آفيس تي ته  ڪامياب نه ٿي سگهي.پر نواب صاحب جي فلمي دنيا ۾  سندس شخصيت جي سڃاڻپ جو سبب ضرور بڻي.

            نواب صاحب فن ۽  فنڪارن جو پرستار ته هو پر فلم جي ڪامياب ٿيڻ لاء  نامور اداڪارن ،نامور موسيقارن  ،۽  نالي وارن شاعرن جو ھئڻ ضروري هو . فلمي دنيا جي پهرئين تجربي ۾  شاعر طور نواب صاحب سندس مامي نور احمد ڀرڳڙي کي متعارف  ڪرايو.

            نور احمد ڀرڳڙي ،يار محمد ڀرڳڙي ۽ نياز احمد ڀرڳڙي جا والد هئا.جيڪي اسان جي تر جا نيڪ ۽ اشراف راڄائيتا زميندار آهن .منهجي ساڻن نيازمندي ۽ هٿ جوڙ اڃان به آهي. محترم يار محمد ڀرڳڙي تازو هاڻ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.انهي فلم جو هڪڙو گيت “چل ويک مري دا چلتا” ۽  او محبوبا  منهنجي زندگي، منهنجي بندگي  گهڻو مشهور ٿيا.

            سٺ جي ڏهاڪن ۾ نواب حسين صاحب نه رڳو اسان جي تر جو پر آس پاس جي کوڙ سارن علائقن ۾  زندگي جي آسائشن ،آسودگين ،فطري حسن ۽ فن جي مداح طور متعارف ٿيو ۽  سندس حيثيت اسان لاء ڪنهن فلمي هيرو  کان گهٽ نه هئي. 

نواب صاحب جي فلمي شوق جي پڄاڻي فلم  “ڌماڪا” سان ٿي  جيڪا پاڪستان جي مشهور اداڪار جاويد شيخ ۽ اداڪاره شبنم سان متعارف ڪرائي. انهي فلم ۾ ڪهاڻي ليکڪ طور  مشهور جاسوسي ناول نگار ابن صفي کي پڻ متعارف ڪرايو ويو.۽  نواب حسين پنهجو پاڻ کي دنيا جي مشهور اداڪار جيمس بانڊ جي جاء تي جيمسن جي فلمي نالي سان متعارف ڪرايو. اهي سڀ سندس زندگي جي جوانيء  جي دور جا خوبصورت ۽  رنگين  تجربا هئا. 

انهي کان پوء نواب صاحب وري سياست جي ميدان ۾ آيو. نواب صاحب سماجي سوچ رکندڙ لبرل شخصيت رهيو آهي .  اوڻيھ سو ستر ۾ آزاد اميدوار طور صوبائي سيٽ تي  اليڪشن ۾ بيٺو پر ڪامياب ڪون ٿي سگهيو.

            ساڳيو تجربو اوڻيھ سو اٺااسي جي اليڪشن ۾ ورجايائين .جنهن ۾ سنڌ جي قوم پرست سياست جو ۽ سنڌ يونيورسٽي جو چار مارچ جو هيرو يوسف لغاري به اليڪشن جي ميدان ۾ آيو  پر اهو به ڪامياب نه ٿي سگهيو.اوڻيھ سو نوي ۾ نواب  محمد يوسف ٽالپر جي سياست ۾ اچڻ کانپوء  نواب محمد حسين سياست  کان  ڪناره ڪشي اختيار ڪئي. انهن سڀني شوقن  مان واندو ٿيو ته پوء اچي هٿ وڌائين پنهنجي اباڻي ڌنڌي زمينداري ۾ ۽  ڏسندي ئي ڏسندي  اسان جي تر جو ڪامياب ۽  پروگريسو  زميندار ٿي پيو.  آخري  ڀيرو مون  نواب صاحب  کي ڏيالداس  ڪلب حيدرآباد ۾ عهديدار جي حيثيت ۾ ڏٺو ته محسوس ڪيم ته نواب صاحب پنهنجي  فلمي  فني  ۽ سياسي دنيا کان  پاند آجا ڪري،  پنهنجي سماجي زندگي ڏانهن موٽ کاڌي آهي. جتي سول سوسائيٽي ۾ سندس وڏي نيڪ نامي آهي.

بهرحال علائقي واسين جي اها بد نصيبي  ضرور چئجي جو نواب صاحب جهڙي حساس ۽  سماجي ڪمن ڪارين ۽  ڪار خير جا ڪم ڪندڙ شخصيت  کي  ڪنهن سگهاري پارٽي جو پليٽ فارم ڪون ملي سگهيو جو چونڊجي اليڪشني ايوانن ۾  اچي سگهي ها .منهنجو تعلق ساڻس محبت ۽ عزت جي بنياد تي رهيو. جمعي چانڊاڻي تي وڃي” مٺي جي کاڻ “تي ٺڪاء ڪندو هوس ،موبائيل فون ڪون هئا ڪنهن پي سي او تان فون ڪبي هئي ته خبر پوي ته نواب جن  ڳوٺ آهن يا نه.فون ھميشه پاڻ کڻندو هو ،جيئن آواز ڪنن تي پوندس ته  جواب ڏيندو ڳوٺ ئي آهيان توهان پهچو. مغرب تائين ڳوٺ پهچي وڃبو هو.اتي پهچبو هو ته گرم جوشي سان آڌرڀاء ڪندي ٿورڙي دير لاء اجازت وٺندو هو. مغرب جي نماز پڙهي بنگلي تي آيل هارين نارين ڪمدارن ڪاراون ٽريڪٽرن جي ڊرائيورن سان سڄي ڏينهن جا ڪار ونهوار ڪري واندو ٿي اچي مهمان خاني ۾  داخل ٿيندو هو، سائين معاف ڪجو دير ٿي وئي توهان کي انتظار ڪرڻو پيو.حالانڪ اها سڄي ڪاروائي پنڌرهن ويهن منٽن جي هوندي ھئي پر ٻئي ڪنهن جي انتظار جي ڪيفيت کي هو محسوس ڪندو هو.۽  بي ساخته سندس واتان اهي جملا نڪري ويندا هئا. حساسيت جي اها به حد جو توهان جي اڳيان پاڻي جو جڳ ۽ گلاس پيا آهن .توهان پاڻي جي گلاس ڏانهن هٿ وڌايو ته چوندو سرڪار توهان ڇڏيو.هڪدم خدمت گزار کي هڪل ڪندو هو جيڪو وڏي ادب ۽ عزت سان پاڻي جو گلاس ڀري پيش ڪندو.

            سائين هاڻ ٿي ڪچهري شروع ، فن جي دنيا ته پنهنجي جاء تي پر نواب صاحب سماجي هنر جو به وڏو ڪاريگر هو.لهواريون اوڀاريون هتان جون هتان جون خبرون ڪندو هو، پر مون هر وار محسوس ڪيو ته نواب صاحب.ڪڏهن به، نه پنهنجي فلمي دنيا جو ،فلمي دنيا جي گليمر جو ،يا   وري  سياست جو ذڪر  ڪيو. 

  

فن موسيقي جو ته عاشق هو جيڪا سندس روح  ۾  برسات وانگي وسندي هئي.ڪلاسيڪل ،نيم ڪلاسيڪل غزل گو گلوڪارن جا قصا هندستان جي پراڻن ڳائيندڙن لتا ،رفيع،بيگم اختر ،ڪي ايل سهگل، مڪيش ،شمشاد بيگم، طلعت محمود،استاد مهدي حسن، نورجهان جي غزلن گيتن جا قصا سندس محبوب موضوع هوندا هئا.

            توڻي هن ڪڏهن به پنهنجي رومانوي قصن جو ذڪر ڪون ڪيو ،پر سندس پسند مان لڳندو هو چوٽ ڪا  پراڻي  آهي ۽ هاڻي انهي درد جي ڪا دوا  به ناهي. ڪچهري هلندي نواب صاحب پنهنجي ڀرسان پيل اليڪٽرانڪ پيانو کڻندو هو ۽  مختلف ڌنن تي جهونگاريندو هو.مون کيس هارمونيم وڄائيندي ته ڪون ڏٺو پر اليڪٽرانڪ پيانو تي سندس وڏو ڪمال هو.اليڪٽرانڪ پيانو تي سندس اڱريون رقص ڪنديون هيون .

            مون اليڪٽرانڪ پيانو هڪڙو نواب صاحب کي ۽ ٻيو مير خالد جي لانڍي تي مير طارق کي وڄائيندي ڏٺو اهو به واه جو پيانو نواز هو. نواب صاحب مختلف ڌنن  تي مٿين گلوڪارن جا گيت غزل خوب ٻڌائيندو هو، خبر ناهي سندس هاڻي اهو ذوق ۽ شوق آهي يا نه. بهرحال انهي سڄي ڪچهري ۾ هڪڙو گيت ته ڄڻ جمالي طور هوندو هو . 

ڇوڙ گيا بالم ..مجھي هاء اڪيلا ڇوڙ گيا..

پهلي دل ۾  آگ لگي اور پهر برسي برسات…

            اهو گيت ڄڻ انهي ڳالھ جو اشارو هوندو هو ته سائين ماني تيار اٿئو.ورانڊي جي اوڀرئين پاسي  پيل ڊائنگ ٽيبل تي ماني لڳي پئي هوندي هئي.ماني کائڻ مهل نواب صاحب جيون اکيون پيون چئو طرف ڦرنديون هيون ته ماني ۾  ڪا ڪسر نه رهجي وڃي.اسان جهڙي ماني کائڻ جي سست لڏي کي پيو هوشياري وٺائيندو هو، سائين حجاب ڪون ڪبو تڏو پنهنجو اٿئو.جي اڃان به ڏسندو ته همراه ۾  حال ناهي ته ڪٿان مڇيء  جو ٽڪر پيو مهمان جي پليٽ ۾  وجهندو،ڪيڏي مهل مٽن يا چڪن يا وري دال پيو چانورن مٿان وجهندو.سائين سلاد کڻو ڀلا.ائين پيو ماني کائيندي مهمان جي خاطرداري ڪندو.مون اڳي ڪٿي ذڪر ڪيو آهي ته بابا سائين جو دوست ڪاڪو سومار  چانڊيو چوندو هو ته استاد ماني انهي جي کائجي جنهن جا ڪک مرڪن.سو نواب صاحب جي ڊائينگ ٽيبل تي ماني کائڻ مهل لڳندو هو ته نواب صاحب جي بنگلي جي ڪکن سان گڏ نواب صاحب به پيو ٻهڪندو هو، ۽ ماني  کارائي خوش ٿيندو  هو. ماني کائي واندو ٿي موڪلائبو هو ته، جيسيتائين نواب صاحب بنگلي کان ٻاهر اچي مهمان کي گاڏي ۾  ويهاري  موڪلائي نه، تيسيتائين واپس بنگلي ڏانهن ڪون موٽندو هو.

            نواب محمد حسين صاحب  هن سڄي ڪهاڻي ۾  توهان جي ۽  منهنجي وچ ۾ ٻن ڏهاڪن جو وقت ٿي ويو آهي. نڪو ملاقات ٿي آهي نه ئي وري منهنجو “مٺي جي کاڻ” اچڻ ٿيو آهي.بس خوشي غمي ڪوٽ غلام محمد اچڻ ٿيندو آهي . مون گذريل ويهن سالن کان پنهنجو ماڳ مڪان حيدرآباد کي بڻائي ڇڏيو آهي.حيدراباد جيڪو توهان  جو شايد  مٺي جي کاڻ کانسواء به گذريل ڇهن ڏهاڪن کان  گهر رهيو آهي.پر وقت جي فاصلن ۾ ويهن سالن کان توهان جي هٿ مان منهنجو هٿ ڇڏائجي ويو ۽ اسان پوء وري نه ملي سگهياسين. “ڪلاسيڪل ڪردار” ۾ توهان جو ذڪر مون تي توهان جي محبتن ،جو قرض رهيل هو. مون ڪوشش ڪئي آهي ته توهان جي محبتن، عزتن جو قرض لفظن جي صورت ۾  لاھي سگهان ته پاڻ کي خوشنصيب ڀائيندس.توهان مونکي خوب ڄاڻو ٿا ته آء توهان جهڙن خوبصورت ماڻهن سان  اختلاف راء هوندي به اتفاق ڪري وٺندو هئس.

            ڇو جو اهو توهان جي محبت ۽ عزت هئي.نه ته اسان پاڻ پنهنجي فقيري واري زندگي نوابن جيان گذاري آهي.

پر توهان جون محبتون اڄ به دل اندر آباد آهن.توهان جتي به هجو خوش هجو.آباد ۽ شاداب هجو.

خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي  ۾  ليفٽ جي  شاگرد  سياست  ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر  به  رهيو  آهي، سنڌي  ڪالمن  کانسواءِ اردو  جا بلاگ  پڻ  لکندو  آھي. سندس  لکڻ جو  محور، اقليتون، عورتون  ۽ ٻار  آهن. پاڻ  حيدرآباد ۾  رهندا آهن.