نئون

پاڪستان ۾ تجارتي مقصدن لاءِ چين جي ڪرنسي استعمال ٿيندي

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان واضح ڪيو آهي ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه طرفه تجارت لاءِ چين جي ڪرنسي يو آن  ڪاروبار مقصدن لاءِ استعمال ٿيندي. ان کان اڳ ۾ ترقي ۾ منصوبه بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال 19 ڊسمبر تي ارادو ظاهر ڪيو هو ته پاڪستان جي حڪومت چين سان ٻه طرفي تجارت لاءِ آمريڪي ڊالر بدران چين جي ڪرنسي (يو آن) جي استعمال جو جائزو وٺي رهي آهي. ان کان پهرين چين گوادر ۾ ڊالر  بدران يو آن استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. جڏهن ته پاڪستاني حڪومت نظرثاني کانپوءِ اها تجويز مسترد ڪري ڇڏي هئي. ان ڏس ۾ هاڻي اسٽيٽ بينڪ پڌرائي ڏني اهي ته چين ۽ پاڪستان وچ۾ ڪاروبار لاءِ چين جي ڪرنسي جو استعمال ڪري سگهجي ٿو. پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان جا پرائيويٽ ۽ پبلڪ مالياتي ادارا ٻه طرفه تجارت ۽ سيڙپڪاري لاءِ ٿيندڙ سرگرمين ۾ آزاد هوندا. چين جي ڪرنسي يو آن جنهن کي (RMB) به سڏجي ٿو. هاڻي پاڪستان ۾ غير ملڪي ڪرنسي جي صورت ۾ منظور ٿيل ڪرنسي جي حيثيت رکي ٿي. ان ڏس ۾ پاڪستان جي مرڪزي بينڪ تمام ضروري ريگيوليٽري فريم ورڪ سيل ڪري ورتو آهي. جنهن ۾ سيڙپڪاري جا تمام معاملا مثال طور ليز آف ڪريڊٽ (LC) ۽ فنانسنگ جون سهولتون چين جي ڪرنسي ۾ ٿي سگهنديون.