بلاگ

نصيب پنهنجو پنهنجو

هيءَ ”ڪهاڻي توهان لکي آهي.؟“

واٽس ايپ گروپ ۾ شيئر ٿيل منهنجي ڪهاڻي جي موڪليل اسڪرين شاٽ هيٺان لکيل هو.

”ها“ مون مختصر جواب ڏنو.

”ڏاڍي ڀلي ڪهاڻي آهي. مون کي پسند آئي.“

هن وري لکيو.

”اڇا، توهان جي مهرباني.“

”ڪهاڻيون ڪيئن لکندا آهيو.؟

”هٿن سان.“

”هاهاهاها“ منهنجي ڳالهه تي هن وڏو ٽهڪ ڏنو.

”منهنجو مطلب آهي، ڪهاڻين لکڻ لاءِ پلاٽ ڪٿان هٿ ڪندا آهيو.“

”پلاٽ جام آهن. رڳو ڳولڻ جي دير آهي.“

”واقعي !!؟ مون کي ته نه ٿا لڀن.“

”ڪڏهن شيون ڳولهي ناهن ملنديون، ڪڏهن بنا ڳولهڻ جي ملي پونديون آهن.“

”ها صحيح ٿا چئو.“

”توهان پنهنجو نالو ته نه ٻڌايو.“؟ مون ڪافي دير جي چيٽنگ کان پوءِ هن کان پڇي ورتو.

”جي، يڪو ڳالهه ٻولهه لکندي احساس ئي نه رهيو. منهنجو نالو شازيه آهي.“

”۽ مان احسان آهيان.“ هن جي نالي ٻڌائڻ تي مون پنهنجو نالو ٻڌايو.

”آئون توهان کي سڃاڻان ٿي. گروپ ۾ توهان جون لکڻيون پڙهندي رهندي آهيان.“

”واقعي ڪهڙي گروپ ۾؟“

”ادب جي دنيا“ هن جواب لکيو

”پوءِ توهان ڪڏهن گروپ ۾ ته منهنجي ڪنهن ڪهاڻيءَ تي تبصرو ناهي ڪيو.؟“

”ڪرڻ چاهيندي آهيان، پر خوف ٿيندو اٿم ته ڪجهه غلط سلط نه لکي وجهان“

”ان خوف مان نڪرندئو تڏهن ئي ڪجهه لکي سگهندئو“

”ان خوف مان نڪرڻ لاءِ توهان منهنجي مدد ڪندا؟“ هن التجا ڪئي.

”مان ڪوشش ڪندس پر همت اوهان کي ڪرڻي پوندي.“

”جي، جي مان واعدو ٿي ڪريان ته ڀرپور ڪوشش ڪندس.“ جواب ۾ مون کيس آڱوٺي جو نشان ڏئي زبردست لکيو.

جڏهن کان زماني ترقي ڪري رابطن جا نوان ذريعا آندا آهن تڏهن کان اديبن پڻ پنهنجون تخليقون دنيا تائين پهچائڻ لاءِ نت نوان طريقا ڳولهيا آهن. ائين مان به پنهنجون ڪهاڻيون مختلف واٽس ايپ گروپن ۾ موڪليندو رهندو آهيان. ائين ئي گروپ مان ڪهاڻي پڙهي هن مون سان رابطو ڪيو هو. هوريان هوريان واٽس ايپ تي هن سان منهنجو واسطو وڌندو رهيو. ڏينهن هجي يا رات اسان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل رهياسين. اسان جون ڳالهيون جيڪي ڪهاڻيءَ ۽ شاعري تي شروع ٿيون هيون اهي هاڻي ذاتي حال احوال تائين پهتيون هيون. هوءَ سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ رهندڙ ۽ مان اتر سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ هيس. هڪ رات هن فوٽو موڪليو جنهن جي هيٺان “آئوٽ نه ڪجو پليز” جي گذارش لکيل هئي. فوٽو ڏسي مان دنگ رهجي ويس. وڏيون جاڙيون اکيون، ڀريل ڳل، ڪارا وار جن مان ڪجهه چڳون اڳيان رکيل چپ سرخي لڳل قدرت واري کيس حسن جو پورو ونڊ عطا ڪيو هو. ڪي گهڙيون مان سندس سحر ۾ گم هيس ته وري مسيج آيو.

”ڪٿي گم ٿي ويا!؟“

”تنهنجي نيڻن ۾“ مان بي اختيار لکي ويٺس.

”ڇا!!؟ هن تعجب کائيندي لکيو.

مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي ويو. جلديءَ ۾ ٻڌل ٻانهن وارو ايموجي ڏئي لکيم.

”معاف ڪجو مذاق ڪيم. توهان بيحد حسين آهيو.“

”سچي !!“؟

”مچي“

منهنجي جواب تي هن ٽهڪ وارو ايموجي ڏنو. موبائل تي اهو رابطو هلندو رهيو اسان جي وچ ۾ سوين ڪلو ميٽرن جو فاصلو هو. وچ ۾ درياءُ، بيراج، ڍنڍون، ڍورا، روڊ رستا، شهر، ڳوٺ، ميدان ۽ جبل هئا، پر اسان اهي سڀ پار ڪري چڪا هئاسين. اسان جون دليون ڳنڍجي چڪيون هيون. دل جون تارون گڏ ڇڙنديون هيون. گڏ کلندا ۽ روئندا هئاسين. خبر ئي نه پئي ته اسان ڪيئن هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزم ٿي وياسين. انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب اچي ويو. کيس ڏاڍي خوشي ٿي. مون پهرين ڪاپي کيس ڏيڻ پئي چاهي. اتفاق سان ان ڏينهن منهنجو هڪ دوست جيڪو ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪندو هو سو وڃي رهيو هو. مون کيس اها امانت شازيه تائين پهچائڻ لاءِ ڏني. وقت اهڙي تيزيءَ سان گذري رهيو ڄڻ گهوڙي تي چڙهيل هجي. الائي ڇو هوريان هوريان شازيه جو رابطو جهڪو ٿيندو ويو. سڄو ڏينهن گذري وڃي هوءَ ڪو مسيج ئي نه ڪري ۽ جڏهن مان مسيج ڪيان تڏهن پڙهي ٻن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ جواب ڏئي. مون ساڻس ان بي رخيءَ جي شڪايت به ڪئي، پر جواب ۾ هن زندگيءَ جي خفن کي ڏوهي قرار ڏنو. هڪ ڏينهن واٽس ايپ تي منهنجي دوست فوٽو موڪليو جنهن ۾ شازيه سندس ڪلهي تي کاڏي رکيو ويٺي هئي. فوٽوءَ هيٺان لکيل هو. ”نصيب پنهنجو پنهنجو.“