ادب

سنڌوء تي اڏيل بئراجون

پاڻي ناهين پاء بند نه ايئن جوڙاء

سُهڻي منهنجي سنڌ ڦڙي لاء نه سڪاء

پاڻي آهي زندگي زندگيء تي ڪهل کاء

وئي سُڪي سنڌڙي نظر تون ڊوڙاء

اتر لاڙ ٿر ڪاڇو پاڻيء بنا هن پاھ

فقير جو ساھ پاڻي گهرجي پوڇڙ تائين

( مهر فقير )

بئراج مطلب ڪنهن نهر يا درياھ جي وهڪري کي ڪنهن مناسب هنڌ تي ٻڌي يا دروازا وجهي پاڻيءَ جو وهڪرو موڙي ۽ منظم طريقي سان شاخن يا واهن جي ذريعي زرعي مقصدن خاطر ۽ ڪڏهن وري جهاز رانيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. چئوماسي جي ڏينهن ۾ عام طور تي درياهن جا دروازا کولي ڇڏيندا آهن ته جيئن بئراج محفوظ رهي ڇو ته دروازن جي بند هجڻ ۽ پاڻي جي دٻاءَ سبب بئراجن کي خطرا لاحق هوندا آهن سنڌ ۾ تاريخ کان آڳاٽي زماني ۾ به برساتي ندين جي پاڻيءَ جو رخ موڙي آبادي ڪئي ويندي هئي سو هتي اهڙا لڳ ڀڳ 80 قديم بند کيرٿر ۾ لڌا ويا آهن جيڪي 4500 کان 5000 هزار سال پراڻا آهن ڇو ته هوا وانگر پاڻي به انسانن جي زندگيءَ لاءِ نهايت ئي اهم جز آهي تڏهن ئي ته پاڻيءَ کي زندگي چيو ويندو آهي. سو جيڪي قومون پاڻيءَ جو قدر نه ڪنديون آهن سي قومون سدائين ڏڪار جي حالت ۾ گذارينديون آهن, اهو ئي سبب آهي جو سڌريل ملڪن منجھ پاڻيءَ کي استعمال خاطر وڏن وڏن ڊيمن جي صورت ۾ جمع ڪيو ويندو آهي ته جيئن وقت سر زراعت يا پيئڻ خاطر ڪتب آڻي سگهجي. ٻيو ته جتي پاڻيءَ جي اڻاٺ هوندي آهي اتي ٻيلن جو به فقدان ٿيندو آهي ڇو ته وڻڪاري نه هجڻ سبب آڪسيجن جي کوٽ ۽ گرمي پد ۾ اضافو ٿيندو آهي ايئن ئي اتي ڪاٺ جي قلت سان گڏوگڏ ماکيءَ جو ملڻ به مشڪل ۽ محال ٿي پوندو آهي ۽ اهي سڀ شيون انسان ذات جي جيئاپي خاطر نهايت ئي اهم ۽ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ شيون آهن ٻيو ته جتي پاڻي نه هوندو آهي اتي چوپايو مال به نه هوندو آهي ۽ اتي خالص کير جي به ڪمي محسوس ٿيندي آهي ڇو ته کير منجهاران مالوند ماڻهو ڌنئورو، لسي (ڏڌ) ۽ مکڻ حاصل ڪري نهايت ئي خالص ۽ حقيقي زندگي گهاريندا آهن.

مهر فقير جو سچ:

سچ اهو آهي ته سنڌو سڪل هجي ته محبوبن جا ٽهڪ به مزو ناهن ڏيندا حسينن جو حسن به ڪلر ڀاسندو آهي.

سنڌ ۾ سنڌو درياھ تي انگريزن جي طرفان جوڙيل يا تعمير ٿيل آبي سرشتو جيڪو پوري سنڌ کي سيراب ڪري ٿو جيڪو نهايت ئي لاجواب سسٽم آهي سچ ته اهو انگريزن جي طرفان سنڌ ۽ سنڌي قوم تي هڪ وڏو ۽ عظيم احسان آهي، پر افسوس جو ورهاڱي بعد انهيءَ ورثي کي سنڌي سنڀالي نه سگهيا پر ويتر ئي تباھ ڪري پنهنجي برباديءَ جو سامان ڪٺو ڪندا رهيا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سنڌي قوم درياھ جي هوندي به پاڻي پاڻي ۽ ڪربلا ڪربلا پئي ڪري افسوس ڪجي يا ماتم ڪجي، پر جي اهو سلسلو ايئن ئي هلندو رهيو ۽ هتان جا حاڪم مسلسل ڪن لاٽار ڪندا رهيا ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ 64 ۽ 66 دروازن کان هيٺ پاڻي اچڻ بند ٿي ويندو، جڏهن ته 44 دروازن کان هيٺ درياھ جو پيٽ ٿر وانگيان پيو ڀاسندو آهي سواءِ ٻوڏ وارن ڏينهن جي.

سنڌو درياھ تي ڪشمور کان ويندي پوڇڙ تائين هونئن ته شهري رابطن جي سهوليت ۽ وقت جي بچاءَ خاطر ڪافي پليون ٺهيل آهن جهڙوڪ لئنسڊائون پل (ايوب پل هي روهڙي ۽ سکر ريلوي لائين کي ملائڻ لاءِ درياھ تي ٺهيل آهي لئنسڊائون پل جهوني ٿي ته هڪ ٻيءَ پل جي ضرورت محسوس ٿي انهيءَ نئين پل جو نالو ايوب پل (1962ع) رکيو ويو جنهن جي ڊزائين ڊي بي اسٽينمئن نالي هڪ ڪمپنيءَ ٺاهي هئي هيءَ ڊزائين بلڪل اهڙي آهي جهڙي هڪ سؤ سال اڳ لئنسڊائون پل ٺاهڻ وقت ويچار هيٺ آئي هئي تنهن وقت ۾ اها ڊزائين ان ڪري منظور نه ڪئي وئي جو ان ۾ ٻه طرفي ريلوي جي اچ وڃ جو انتظام هو جڏهن ته ضرورت هڪ پٽڙيءَ جي هئي ايوب پل جو مٿيون حصو ڪمان (اڌ گول) جهڙو آهي جنهن ۾ فولادي رسا آهن جيڪي پل جو وزن کڻي بيهن ٿا هن پل جو ڪم 26 نومبر 1959ع تي شروع ٿيو ۽ پهرين ڊسمبر 1961ع تي ختم ٿيو هن پل جي اڏاوت تي لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ رپيا خرچ آيو) سکر پل، لاڙڪاڻو خيرپور پل، دادو مورو پل، قاضي احمد آمري يا سن پل، ڄامشورو حيدرآباد پل، ڪوٽڙي پل، جهرڪ ٽنڊو محمد خان جناح پل (هن پل تي جناح پل جو نالو ان ڪري رکيو ويو آهي جو پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو جنم جهرڪ شهر ۾ ٿيو هو) ٺٽو سجاول پل (شهيد دولھ دريا خان جي نالي سان منسوب ٿيل آهي) پر انهن پلين کان وڌيڪ اهميت جون حامل آهن درياھ بادشاھ جي مٿان اڏيل بئراجون جهڙوڪ:

01 ڪشمور ۾ گڊو بئراج

02 سکر ۾ سکر بئراج

03 ڄامشوري ۾ غلام محمد بئراج

اچو ته انهن بئراجن متعلق اوهان کي به روشناس ڪرائجي ته انهن بئراجن جي تعمير ٿيڻ سان سنڌ کي ڪيترو فائدو ۽ پاڻي جي ورهاست لاءِ نڪرندڙ ڪئنالن سبب ڪٿي ڪٿي زرعي آبادي ٿئي ٿي ڇو ته سنڌ اصل کان ئي زرعي خطو آهي ۽ زراعت لاءِ پاڻي جو هجڻ نهايت ئي لازمي جز آهي.

1. گڊو بئراج

گڊو بئراج ڪشمور وٽ گڊوءَ جي مقام تي واقع هڪ نهايت ئي بهترين بئراج آهي جيڪا 1957ع کان 1962ع جي عرصي ۾ مڪمل ٿي انهيءَ منجھ 12 لک ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي جڏهن ته هن بئراج ۾ 60 فٽ ويڪرا 64 گيٽ يا دروازا اٿس ۽ 2.9 ملين ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهي ٿي انهيءَ کان سواءِ گڊو بئراج پاور (بجلي) پيدا ڪرڻ لاءِ به ڪم آندو ويو آهي. هتان هڪ رستو گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو ۽ پنجاب طرف وڃي ٿو .

گڊو بئراج مان 04 خاص ڪئنال ڪڍيا ويا آهن جن منجھ

01 بيگاري سنڌ فيڊر

02 ڊزرٽ پٽ فيڊر

03 گهوٽڪي فيڊر

04 ريڻي ڪئنال شامل آهن. جيڪي مختلف علائقن ۽ ضلعن جهڙوڪ گهوٽڪي، شڪارپور، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد وغيره ۾ زراعت کي هٿي ڏيڻ جو سبب بڻجن ٿا.

02 سکر بئراج

سکر بئراج جي لائيڊ بئراج دنيا جي وڏين بئراجن ۾ شمار ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته اهو بئراج به دنيا جي معيار موجب آبپاشيءَ جو وڏو نظام فراهم ڪري ٿو انهيءَ بئراج جو ڪم 1923ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1932ع ۾ پورو ٿيو. ممبئي جي گورنر لائيڊ جي نالي سان منسوب انهيءَ بئراج کي ميٽوڙي رنگ جي پٿر ۽ فولاد سان ٺاهيو ويو آهي سکر بئراج جي ڊيگهه 4725 فوٽ آهي، هن بئراج جا ڪل 66 دروازا آهن هر دروازو 22 وال ڊگهو آهي. هي سنڌوءَ جي پاڻيءَ مٿان 60 فوٽ ڊگهي SPAN تي تعمير ڪيل آهي. سکر بئراج جي تعمير بعد پاڻيءَ جي ورهاست جو نظام ۽ زرعي انقلاب آيو انهيءَ مان سنڌ جا اڪثر ضلعا جهڙوڪ شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو، قمبر، شهدادڪوٽ وغيره زرخيز ٿين ٿا ۽ هي بئراج سيلابي وهڪرن کي پڻ برداشت ڪري ٿو. سنڌو درياھ جو خوبصورت نظارو به سکر بئراج وٽان ڏسي سگهجي ٿو درياھ جي ڪناري تي لب مهراڻ مطلب مهراڻ جو ڪنارو نالي پارڪ پڻ ٺاهيو ويو آهي جيڪو نهايت ئي سهڻو ۽ من موهيندڙ آهي، جتان درياھ بادشاھ، ساڌ ٻيلي ۽ لئنسڊائون پل جو نظارو ڪري سگهجي ٿو.

لائيڊ بئراج به سکر بئراج جو نالو آهي اٽڪل 85 لک ايڪڙ ايراضي زراعت لاءِ پاڻي فراهم ڪري ٿو، جنهن مان ڪل 07 وڏا واھ نڪرن ٿا جن مان 04 درياھ جي کاٻي پاسي وارن ضلعن سکر، خيرپور، نوابشاهه، نوشهروفيروز، مٽياري، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، بدين، سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص کي سيراب ڪن ٿا ۽ باقي 03 درياھ جي ساڄي پاسي وارن ضلعن لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، دادو ۽ صوبي بلوچستان کي سيراب ڪن ٿا.

سکر بئراج مان ڪل 07 ڪئنال ڪڍيا ويا جن مان درياھ جي ساڄي طرف چار واھ ۽ کاٻي طرف (پاسي) ٽي واھ ڪڍيا ويا جن منجهان کاٻي طرف نڪرندڙ

01 نارا ڪئنال

02 خيرپور اوڀر ڪئنال

03 خيرپور اولھ ڪئنال

04 روهڙي ڪئنال

ساڄي پاسي نڪتل ڪئنالن يا واهن ۾

01 کيرٿر (NWC) ڪئنال

02 رائيس ڪئنال (الهندو نارو)

03 دادو ڪئنال

رائيس ڪئنال اصل ۾ هيءُ ڪئنال درياهي ڦاٽ آهي جيڪو سنڌو درياھ جي اُلهندي طرف کان وهندو هو. سکر بئراج جي ٺهڻ کان پوءِ انهيءَ کي رائيس ڪئنال جي نالي سان سڏيو ويو ليڪن عام ماڻهو اڄ به هن کي نارو ئي چوندا آهن هن ناري کي رائيس ڪئنال جو نالو ان ڪري ڏنو ويو جو لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ هن ڪئنال جي ٻنهين پاسن کان سارين مطلب چانورن جي پوک عام جام ڪئي ويندي آهي.

هن الهندي ناري سان گڏ سکر بئراج مان ٻه واھ ٻيا به نڪرن ٿا جهڙوڪ ساڄي پاسي کان کيرٿر ڪئنال ۽ کاٻي پاسي کان دادو ڪئنال اچن ٿا جيڪي ٽيئي واھ سکر بئراج مان نڪري گڏ گڏ هلن ٿا جيڪي اڳوڻي سکر ضلعي ۽ هاڻوڪي شڪارپور ضلعي جي مديجي ڳوٺ وٽان هڪٻئي کان پري ٿي جدا جدا علائقن ۾ وڃن ٿا کيرٿر ڪئنال مديجيءَ واري علائقي مان کيرٿر جبل ڏانهن رخ ڪري ٿو ۽ دادو ڪئنال مديجيءَ واري علائقي وٽان جدا ٿي ڪري لاڙڪاڻي ضلعي جي اوڀر ۾ هڪ ميل جي پنڌ تي عاقل ڳوٺ کان ٿيندو دادو شهر ۽ سيتا روڊ شهر طرف وڃي ٿو باقي الهندو نارو (يعني رائيس ڪئنال) مديجيءَ واري علائقي کان سڌو رخ رکي ٿو جيڪو نئين ديري شهر جي اولھ ۾ هڪ ٻن فرلانگن جي فاصلي تان هلندو لاڙڪاڻي شهر جي اولھ ۾ لاڙڪاڻي شهر مان گڏ وهندو وڃي ضلعي جي مختلف شهرن جهڙوڪ باڊهه ۽ ميهڙ وٽان ٿيندو دادو ضلعي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ٿرڙي محبت، ٻٽ سرائيءَ ۽ ٻيٽي جتوئيءَ وارن ڳوٺن کي سيراب ڪندو وڃي جنگلاڻي ڳوٺ کان هيٺ منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.

اهڙيءَ ريت جيڪو بلوچستان کي پاڻي پهچائي ٿو ان جي آر ڊي 102 وٽان وري سيف الله مگسي واھ ڪڍيو ويو آهي جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي حصي جو پاڻي الڳ ڪري وهائي ٿو.

03 غلام محمد بئراج

هي بئراج چوڌري غلام محمد بئراج جي نالي سان ڄامشوري ۾ قائم آهي (هن بئراج جي پيڙھ جو پٿر 12 فيبروري 1950ع ۾ پاڪستان جي گورنر جنرل الحاج خواجا ناظم الدين رکيو جڏهن ته بئراج جو افتتاح ان وقت جي پاڪستان جي گورنر جنرل چوڌري غلام محمد ڪيو، جڏهن ته ان وقت سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي پنهنجي ڪابينا جي روينيو واري وزير ۽ سنڌ جي نامياري ليکڪ پير علي محمد راشدي جي تجويز تي گورنر جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي بئراج جو نالو غلام محمد رکڻ جي تجويز ڏني ۽ اوچتو آجياڻي تقرير ۾ اها گذارش شامل ڪئي وئي جنهن تجويز کي پاڪستان جي گورنر چوڌري غلام محمد قبول ڪيو ۽ هن پاڻ بئراج جو سرڪاري نالو غلام محمد بئراج رکيو) جيڪا 1955ع ۾ تيار ٿي هي بئراج 3000 فٽ ڊگهي آهي هتي جو المنظر هوٽل نهايت ئي مشهور ۽ سير و تفريح جي لحاظ کان هڪ موزون جڳھ آهي جڏهن ته ڄامشوري جو پلو به ڏيهان ڏيھ مشهور آهي ٻيو ته مقامي ملاحن جو گذر سفر ئي درياھ بادشاھ جي وهڪري ۽ لهرن تي آهي.

هن بئراج جا ڪل 44 دروازا آهن جڏهن ته 02 فش گيٽ ۽ هڪ انٽري گيٽ شامل آهن. بئراج جي هر هڪ گيٽ جي ويڪر 60 فوٽ ۽ اوچائي 35 فوٽ آهي جن جي ذريعي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ ٿئي ٿو هن بئراج وٽان 04 ڪئنال نڪتل آهن جهڙوڪ:

01 ڪلري بگهاڙ فيڊر

02 پراڻي ڦليلي (پڃياري)

03 نئين ڦليلي (گوني)

04 اڪرم واھ (چينل) شامل آهن

اهي چار ئي واھ ڪراچي، ٺٽي، ڄامشورو، حيدرآباد، بدين، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۽ آبادين کي پيئڻ ۽ 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين جي آبادي لاءِ پاڻي فراهم ڪن ٿا.

منهنجي جيون جي بس اها ئي ڪهاڻي

هن پيتو زم زم مون سنڌوء جو پاڻي

(مهر فقير)

آخر ۾ بس ايترو چوندس ته خدارا درياھ جي سنڀال ڪيو ڇو ته اهو درياھ اوهان جي نسلن ۽ فصلن جي بقا جو ضامن آهي ۽ جيسيتائين سنڌو سلامت آهي اوسيتائين سنڌ ۽ سنڌ جي تهذيب سلامت ۽ اباد رهنديون. دعا آهي ته رب ڪريم سنڌ ۽ سنڌوء کي سدا سلامت شاد آباد ۽ ان جي وهڪري کي قائم رکي. آمين.

***