نئون

 سال جو مڪمل چنڊ گرهڻ اڄ پوري ملڪ ۾ ڏٺو ويندو

اڄ  پوري ملڪ ۾ چنڊ گرهڻ جو يادگار واقعو پيش ايندو، جنهن کي سپر بلڊ مون به چيو وڃي ٿو. هن قسم جو واقعو گذريل 150 سالن ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو پر اهو هاڻي پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڏٺو ويندو. هن چنڊ گرهڻ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هڪ طرف ته اهو سڄو نظر ايندو جنهن کي بدر چيو ويندو آهي پر ٻئي طرف هي عام حالتن کان 14 سيڪڙو وڏو نظر ايندو ۽ ان تي چنڊ کي گرهڻ لڳڻ جو منظر تمام خوبصورت ٿي ويندو. ان دوران چنڊ جو پاڇو زمين تي ڦڪي رنگ جو نظر ايندو ان سڀني خاصيتن ڪري ان کي سپر بلڊ مون جو نالو ڏنو ويو آهي. تاريخي لحاظ کان هن قسم جو نظارو 1866 ۾ ڏٺو ويو هو. پاڪستان ۾ هي چنڊ گرهڻ شام جو 6 لڳي 29 منٽن تي ٿيندو، جيڪو 7 لڳي 7 منٽن تي ختم ٿيڻ شروع ٿي ويندو ۽ 9 وڳي تائين ختم ٿي ويندو.