عبدالقادر جوڻيجو: ادب جو جھونجھار
ڪروڙين جاندارن وچ ۾ رهي ڪري ماڻهو ماڻهو ٿي رهي، هو بي وفائي نه ڪري، گهوٽالو نه ڪري، سڀني کان الڳ ٿلڳ هجي، اهو ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. هن هائبرڊ دنيا ۾ رهندڙ اڄ هر حياتي به هائبرڊ ٿي ويئي آهي. ان ۾ نج پڻو تلاشڻ، ايترو ئي ڏکيو آهي، جيترو ڪنهن ڪيميادان لاءِ پاري جهڙي ڌاتو کي ڳارڻ.
اسان جي چوڌاري ناانصافي، انياءُ ۽ اوچ نيچ تي هلندڙ سماج هجي ۽ ان ۾ ڪوبه ماڻهو سواءِ پنهنجي سماجي رُتبي، ٻي هر سڃاڻپ کان وانجهيل هجي، جڏهن ماڻهو صرف اوهان کي ان لاءِ عزت ڏيندا هجن جو اوهان وٽ گهڻي مال ۽ دولت هجي، ان لاءِ نه جو اوهان جي ذهني زمينن ۾ پوريل اڻ ڳڻيل زمرد ۽ يا قوتن، هيرن ۽ جواهرن سان ڀريل خزانا هجن، جتان ڪوبه پوڄارو پر ٿي سگهي، جتان اوهان جي بنجر بڻيل شعور ۾ کٽڻهار کڙي پون. اسان صرف اهو چاهيندا آهيون ته اسان وٽ زندگي جي سڀني روڳن کي ڀوڳيندڙ اديب اهڙو ڪجهه لکي جيڪو اسان کي پسند هجي، ان ۾ هن جي ڪابه راءِ يا مرضي شامل نه هجي. هو اسان کي اسان جي ڪوجهائپ ۽ بگڙيل شڪل صورت به مورت ڪري ڏيکاري.
ماڻهو مِٽي ڀور، وقت جي لوڻاٺي پاڻي سان ٽڪرائجي ڳري وڃي ٿو. ماڻهو وقت جي وات ۾ ڄٻاڙجندڙ هڪ اڻ لکي شئي آهي. ماڻهو وقت سان وڙهندي وڙهندي نيٺ هارائجي ويهي ٿو، وقت جيڪو زمان ۽ مڪان ۾ ماڻهو جي عمل جو ماپو آهي. انهي وقت پنهنجن لوهي هٿن ۾ ڪيئن املهه ماڻهو، ڪيئي هيرا موتي ماڻهو قيد ڪيا آهن ۽ پوءِ هوريان هوريان ازدها بڻجي پنهنجي وات ۾ پئي ڳيهو آهي. وقت ۽ وير ڪنهن جو انتظار ڪونه ٿا ڪن، بلڪه جيڪو ماڻهو ان جو لفظ شناس ٿئي ٿو، اهو ئي ماڻهو موتي داڻو ٿئي ٿو ۽ وقت تي حڪمراني ڪندڙ ڪي ٿورائي ماڻهو آهن. اسان سڀني انسانن تي وقت اچي ٿو. وقت پنهنجو وارو وڄائي ٿو پوءِ انهي وقت کي پنهنجي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ديس جي ڏکوئيلن، ڌڪاريل ماڻهو جو بخت بڻائجي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوش نصيبي ٿي سگهي ٿي؟
بندر جا ڀهين ته سکاڻا مَ سمهو،
ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن منجهه مهي،
ايڏو سور سهي ننڊ نه ڪجي ناخواه.
شيڪسپيئر چواڻي ته هي دنيا هڪ رنگ منچ آهي ۽ هر ماڻهو هتي پنهنجو هڪ ڪردار پيش ڪري هليو وڃي ٿو. هو ڄمي ٿو، روئي ٿو، پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪري ٿو، ٿورو وڏو ٿئي ٿو بي دلي سان مڪتب ڏي وڃي ٿو، جوان ٿئي ٿو، سندس سيني ۾ عشق جي آتش جاڳي ٿي، جذبن جو مها ساگر اٿلي پئي ٿو، پوءِ هڪ اهڙو وقت اچي ٿو جڏهن هو عقل ۽ دانش جي تناور درخت جي ڇانو ۾ ويهي ٿو، منصف ٿئي ٿو، سندس نظر ڪمزور ٿئي ٿي، آخرڪار سندس مت ۽ عقل ڇڻڻ شروع ڪن ٿا، ڏند ڇڻي پون ٿا ۽ هو پيري ۾ وري ابهم ٻار ٿي پئي ٿو ۽ وري وقت جو طوفان اچي ٿو ۽ هو ان کي ڪٿي اڏائي پاڻ سان کڻي وڃي ٿو.
زندگي ڇا آهي؟ هڪ جهُرندڙ فانوس آهي، جنهن جي روشني ڏينهون ڏينهن جهيڻي ٿيندي وڃي ٿي ۽ هڪ وقت اهڙو اچي ٿو جڏهن اها جَهڪي جَهڪي روشني اجهامي وڃي ٿي ۽ زندگي وقت جي نيري سمنڊ ۾ ڪٿي گم ٿي وڃي ٿي. شيڪسپيئر پنهنجي هڪ عظيم ناٽڪ ميڪ بيٿ Macbeth ۾ جيون جو ڪهڙو نه سهڻو نقشو چٽيو آهي:
زندگي هڪ بيوقوف جي بيان ڪيل هڪ اڍنگي آکاڻي آهي، جنهن ۾ اُڻ تُڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي.
سڄي زندگي ماڻهو انهي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي ٿو ته زندگي کي بهتر نموني باعمل نموني هڪ جوابده جي حيثيت سان ڪيئن گذارجي؟
هي اهي ڏينهن هئا جڏهن ڄامشوري جون هوائون رات سمي ويٺي ويٺي اکيون ننڊاکڙيون ڪري ڪنهن پُر فريب دنيا ۾ وٺي وڃڻ لاءِ بي قرار هونديون هيون، جڏهن اسان جي رولاڪي ۾ وقت جو بئنڪ بئلنس اڻ کٽ هو ۽ يونيورسٽي جا ڏينهڙا ڪنهن بلئنڪ چيڪ کان گهٽ ڪونه هئا. بهار رُت ۾ هاسٽل جي ڇت تي ٿڌڙين هيرن جي ڀاڪرن ۾ گذاريل وقت ڀلا ڪهڙي منافق کان وسري سگهي ٿو. املتاس جي بانسرين جا سر ڪيئن ٿا ڀُلائي سگهجن. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اديب روحاني استاد سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن کان آٽوگراف وٺڻ پاڻ لاءِ هڪ اعزاز کان گهٽ ڪونه هوندو هو. بلڪل اهڙن ئي ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري کان سنڌيالاجي ڏانهن ويندڙ واٽ ڪو ڪهاڻي، ڪو شعر، ڪو قصو، ڪو ناول ٿي پوندي هئي. تن ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات هن گرو، هن استاد، هن دنيا جي فڪشن کي ٿڌي پاڻي جيئان ڳڙڪائيندڙ قصا گو عبدالقادر جوڻيجو سان ٿي هئي. تڏهن هو سنڌيالاجي جو ڊائريڪٽر هو ۽ ٻن ڪلاڪن تي مشتمل ان ڦڪي چانهه تي ٿيل مصري جهڙي ڪچهري ۾ دنيا جي ادب تي ڪيئي اهڙيون ڳالهيون کوليون هيون جن مون کي پنهنجي جهالت جو احساس وڌائي ڇڏيو هو ۽ هن مهاگرو جي موجودگي دنيا جي ادب، اديبن، نون نون ڪتابن بابت دل ۾ اٿاهه اتاولائپ پيدا ڪري ڇڏي هئي.
اسان ماڻهن کان هڪ ڪتاب جا ڏهه صفحا ڪونه ٿا پڙهيا ٿين ۽ نصاب جي ڪتابن کان سواءِ ٻيو ڪجهه پڙهڻ اسان جي روٽين مان نڪري ويو آهي. تبديلي ڪٿان ايندي؟ جڏهن ماڻهو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي علم کي مقامي سطح تي، ملڪي سطح تي ۽ بين الاقوامي سطح تي ماپيندو ڪونه ته ان کي خبر ڪيئن پوندي ته مون ڇا پڙهيو آهي؟ ۽ مون وٽ ڪيترو علم آهي؟ اسان وٽ ماڻهو ڪوڙ سوڙ تي ڊگريون وٺي نرگيسيت ۾ وٺجو وڃن ۽ ڪنهن غريبڙي سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن نينهن ۽ ڏينهن ٻئي سنڌو ندي ۾ اونڌي ٿيل ناؤ جيئان لڳندا هئا ۽ دماغ هڪ اڻ سيکڙ ناکئو بڻجي هن ڪشتي جو بادبان ٺاهڻ ۾ پورو هوندو هو. بحث مباحثن سان هر ڏسا ٻهڪيل لڳندي هئي، فيڪلٽي جي آڳنڌ تي گل مهر جي گلن جي هٻڪار ۽ ڪتب خاني ۾ گذاريل وقت سينٽرل ڪئنٽين جو ايٿنس جهڙو ماحول سڀ ڪجهه هڪ حسين خواب کان گهٽ ڪونه لڳندو هو. عبدالقادر جوڻيجو بنا اجوري وٺڻ جي اڄ جي ڪيترن ئي قلمڪارن جو استاد هو. چيخوف، اوهينري کان پڙهڻ جو ڏس ڏيندڙ جڏهن اوريانا فلاشي، اوڪتايو پاز ۽ ميلان ڪنڊيرا تي ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو اهي سڀئي اديب آهسته آهسته اچي هن جي ڪچهري ۾ شامل ٿيا هجن، دوستو وسڪي ۽ پئبلو نرودا جي اسلوب تي ڪيئي ڪيٽو فلٽر دونهون بڻجي ڪنھن نئين ڪهاڻي ڪنهن نئين ڪردار جي اڻت ۾ مددگار ٿيندي رک وٽي جي حوالي ٿي ويندا هئا. مون کي خبر ناهي ته هن اکرن جي جهنگ ۾ هلندي هلندي مون کي سائين عزيز پلي ۽ استاد عبدالقادر جوڻيجو منهنجو ڀاڳ ٿي مليا ۽ مون جهڙي ڀٽڪيل مسافر لاءِ ڪنهن تناور بڙ جي گهاٽي ڇانو بڻيا يا نه، پر ايترو ضرور ٿيو جو ڪتابن جو اڻ کٽ نيرو آسمان ارپي ويا.
اسان جي ڪچهرين ۾ جڏهن پياري وحيد جتوئي جو اضافو ٿيو جيڪو سنڌيالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي، مون پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ادب جي ورڪشاپ ۾ ڀانيو جتي دل ۽ دماغ جي هر هڪ ڪل ۽ پرزي جي پئي مرمت ٿي. آئون اها هام ڪڏهن به ڪونه هڻندس ته منهنجو سائين استاد عبدالقادر جوڻيجو سان ڪو گهرو تعلق هو بس هڪ عقيدت هئي، گهڻا سال پوءِ جڏهن پاڻ غم روزگار ۾ پاڻ کي سماج جي بٺي ۾ سڙندي محسوس ڪيم ته هڪ دفعو استاد سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن اصغر نديم سيد جو ڊرامو ”تم هو ڪي چپ“ ڏٺم بي پرواهه انداز ۾ استاد ڳالهايو ته هي پنهنجو يارڙو آهي، سٺو لکي ٿو، پر ڊرامه نگار کان وڌيڪ سٺو شاعر آهي. ماڻهو جي من تي نظرين جا تهه چڙهيل آهن، مونجهارن جا ڄارا اسان کي اصلي علم کان پري رکڻ لاءِ ڪافي هجن ٿا. اسين ڪوشش جي باوجود اصلي علم شعور جي سرينڊر لاءِ تيار ئي ڪونه هوندا آهيون. مذهبي حوالي سان اسان سڀ پنهنجي ويهه پنجويهه سال زندگاني تيل ڪرڻ کان پوءِ وري وڃي ڪجهه مفاد پرستي نظرياتي چمڙن جي ور چڙهون ٿا جيڪي علم جي نالي ۾ حسد ۽ ساڙ اختلاف ۽ مخالفت جا دٻا هجن ٿا. انهن مان ڪو هڪ اڌ ماڻهو حقيقي معنيٰ ۾ سچو پچو علم دوست آدرشي ۽ منطقي علم رکندڙ هجي ٿو نه ته سڀ جا سڀ هريڙ رکندڙ. استاد عبدالقادر جوڻيجو ادب جو جادوئي ليکڪ هو، هو حقيقت ۾ علي بابا جي ناول موهن جي دڙي جو ڪو ڪردار هو جيڪو سنڌو سڀيتا جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ لاءِ هن جهان ۾ آيو هو، جيڪا هن پنهنجي انگريزي ناول The Dead River مئل ندي ۾ ڪيو آهي. هن ناول ۾ هُن جادوئي حقيقت نگاري ۾ نکار آڻيندي هاڪڙي دريا، جيڪو حقيقت ۾ سرسبز دريا هو تي اڏيل ڪئين قصا بيان ڪيا آهن، عبدالقادر جوڻيجو جو فن ۽ فڪر ٻئي برميچجي هن ناول ۾ عيان ٿيا آهن. عبدالقادر جوڻيجو جيڪو هن وقت پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ ڪونڀٽن جي ڇانو ۾ ٿر جي ٿڌڙي واري ۾ آرامي ٿيو آهي، ان لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ اوکو هوندو ته هو ٿريو هو يا ڄامشوري جو ڪو ديو مالائي ڪردار هو. اديب وڏو هو يا قصه گو. هو ناول نگار هو، ڪالم نگار يا ڊرامه نگار، اهو فيصلو توهان اسان ڪري ئي نٿا سگهون، ڇڏيو ته اهو فيصلو ڄامشوري جون ٿڌيون هوائون ۽ ٿر جي اڏول ڀٽن جي سپرد ڪريون، هو ئي ان جي فن جو ازرا پائونڊ بڻجي ڪو فيصلو ڪري سگهنديون، باقي پاڻ ڪٿي کٽي نه پئون.
استاد قادر جوڻيجو شروعاتي طور هڪ استاد بڻيو، پر جلد ئي شيخ اياز ان کي سنڌيالاجي سونپي جتي هن پنهنجي ملازمت سان گڏ پنهنجي وهي به ڄامشوري حوالي ڪري پاڻ پنهنجي آمد ۽ رخصتي جيتري ساھي لاءِ جنهاڻ جي ٿڌين ڀٽن کان اجازت وٺي آيو.
قادر جوڻيجو جڏهن پي ٽي وي تي راڻي جي ڪهاڻي کي کڻي آيو ته ڊرامي جو جهان ئي بدلجي ويو، وري جڏهن راڻي جي ڪهاڻي اردو ۾ ديوارين طور پيش ڪيو ويو ته سانجهي ڌاران بازارون ۽ ڳليون ويران، سڀ ٽي وي جي اسڪرين تي چنبڙيل، اهو استاد قادر جو ئي ڪمال هو جو ڪلچرل شاڪ، ثقافتي جهٽڪي تي ٺهيل ڪمال ڪاميڊي ”ڇوٽي سي دنيا“ جنهن ۾ هڪ ڪردار مير مراد علي خان ڪنهن انگريز جو گائيڊ بڻجي ڪجهه ڏينهن ڳوٺ ۾ سير ڪرائي وري جڏهن ان سان گڏ لنڊن وڃي ٿو ۽ اتان موٽ کائي ڪيئن نه ولايتي ڪلچر جي نرگسيت ۾ وٺجي ڳوٺاڻن سان عجيب غريب جٺون ڪري ٿو ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ جانو جرمن جهڙو ڪردار گهڙڻ سندس فن جي اڏولتا جو شناختي ڪارڊ بڻجي پون ٿا ۽ اسين پهريون ڀيرو نور محمد لاشاري، انور سولنگي ۽ صلاح الدين تنيو جي زباني انگريزي ٻولي جو ملاکڙو ڏسون ٿا. چهوٽي سي دنيا ۾ شبيران چنا ۽ سڪينا سمون عورت ڪردارن ۾ جيڪا ٻولي جي خوبصورتي بيان ڪن ٿيون ۽ نج پج ڳوٺاڻي زندگي بيان ڪن ٿيون، اهو صرف جوڻيجو صاحب ئي ڪري ٿي سگهيو. استاد علم انسانيات ۽ ماحوليات متعلق تمام ڊگها ۽ ڪارائتا ڪالم لکيا، هر ڪالم هر ڪهاڻي ۾ هن وٽ اسلوب جي سندرتا ۽ بيان جي مهانتا ڄڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل هئي، سندس تخليقي پورهئي ۾ ڇا لکان؛
وڻ وڻ جي ڪاٺي
واٽون، راتيون رول
شڪليون، ويندڙ وهي، لهندڙ سج
وڏا اديب وڏيون ڳالهيون
سونو روپو سج
ايورسٽ تي چڙهائي
ڪرسي
ڇو ڇا ۽ ڪيئن
خط ٻن اديبن جا
در در جا مسافر
The Dead River
۽ Rustics انهي کان علاوه ڪيئي اڻ ڳڻيا ڪالم، ڊرامه، ڪتابن جا مهاڳ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه. اڄ جڏهن هر طرف مونجهه آهي، هر ڏسان سانت آهي، هر طرف خوف جو ديو لامارا پيو هڻي. اهڙن ڏينهن ۾ استاد جو وڇوڙو يقينن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. اسان وٽ اڄڪلهه سنڌي ناول جي معيار متعلق کوڙ بحث ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. جيتوڻيڪ مان ڀانيان ٿو ته ڪهاڻي، ناول يا ڪوبه تخليقي وٿ خالص داخلي Subjective ڪيفيت جي اپٽار هوندو آهي. ڪوبه اديب ڪنهن کان ڊڪٽيشن وٺي نٿو لکي سگهي. جن دوستن کي ڪيمپس تي لکيل ناول نٿا پسند اچن ٿي سگهي ٿو ته ٻين لاءِ اهي ڪنهن وڏي وٿ مثل هجن. هڪ ماڻهو کان ٻي ماڻهو تائين ٽيڪسٽ متن مختلف معنيٰ ۾ پهچي ٿو. انهي کان علاوه اسان جا دوست زميني حقيقتن کان اکيون ٻوٽي پوءِ ٿا تجربو ڪن، اسان جو تعليمي معيار ۽ مطالعو ۽ ڪنهن به پرڏيهي اديب جو تعليمي معيار ۽ مطالعو هڪ جهڙو نٿو ٿي سگهي. توهان ڇا ٿا سمجهو، شوق وچان لکندڙ اسان جو اديب بس ڪجهه ڏينهن ۾ ماريو ورگاس ۽ پاموڪ جهڙو لکڻ شروع ڪري ڏي؟ اهو ناممڪن آهي. اسان وٽ ادب اڃا پيشاوراڻه ڪرت ڪونه بڻيو آهي. انهي کان علاوه ٻي ڳالهه ته هر ڪتاب جنهن جي مٿان بيسٽ سيلر جو ٽيگ لڳل آهي، ضروري ڪونهي ته ان جو معيار به اهڙو ئي هجي. رسول ميمڻ جي ناول نجومي جو انگريزي ترجمو ڪرايو، پائلو ڪوئلو کي پاسي نه ڪري ڇڏي ته پوءِ چئجو. استاد عبدالقادر جوڻيجو جيڪو سو ديس مسافر منهنجو ڙي نالي ناول پڻ لکي رهيو هو، پر ساهن جي ڌاڳن جي تند ڇڄي پيس. هُن جي آتم ڪٿا جهڪيون جهڪيون يادگيريون اڌ ۾ هئي، جنهن جون ڪجهه قسطون سارنگا ۾ ڇپيون هيون، اها به الائي ڪٿي پنڌ پيچري ۾ رهجي ويئي.
عبدالقادر جوڻيجو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي جهول ۾ پنهنجو پورهيو ارپي ويو آهي، هاڻ اها سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ذميواري آهي ته هو سندس ڪتابن کي پنهنجي شعور جي فانوس جي سهائي بڻائي ڪو نئون دڳ وٺن. هو ميلن ٺيلن کان پرڀرو اديب هو بهرحال اڄوڪا ڪمرشل ميلا سندس قدڪاٺ کان گهڻو هيٺ هئا. هو سنڌ ۾ شيخ اياز کان رسول بخش پليجي کان پوءِ دنيا جي ادب جو پورهيت هو. جنهن جو اجورو سنڌ واسين تي اوڌر بڻيل رهندو.
لڳي مون کي لوهه، ورهه واٽون لائيون.
راضِي جنهن سِين روح سو ڪوهِيار ڪَيچ ويو.“ (شاهه)
***

